Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 26 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ

2 اوهان کي خبر آهي تہ ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح جي عيد ايندي، ۽ ابن آدم کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ جهلائيندا.

3 تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛

4 ۽ انهن پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ يسوع کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون.

5 پر هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ ڪو گوڙ پيدا ٿئي.

6 هاڻي جڏهن يسوع بيت عنياہ ۾ شمعون ڪوڙهيءَ جي گهر ۾ هو، ۽ ماني ويٺي کاڌائين،

7 تڏهن هڪڙي زال سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ قيمتي عطر کڻي وٽس آئي، ۽ اهو سندس مٿي تي اوتيائين.

8 پر جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي چوڻ لڳا تہ ڪهڙي سبب ڪري هي زيان ڪيو ويو آهي؟

9 بلڪ هي عطر ڳچ پئسن تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها.

10 پر يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري چين تہ اوهين هن زال کي ڇو ٿا ستايو؟ ڇالاءِ جو هن مون سان ڀلائي ڪئي آهي؛

11 غريب تہ هميشہ ئي اوهان وٽ هوندا: پر آئون هميشہ اوهان وٽ نہ هوندس.

12 ڇالاءِ تہ هن جو منهنجي بدن تي هيءُ عطر اوتيو آهي سو منهنجي دفن جي تياريءَ واسطي ائين ڪيو اٿس.

13 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جتي ڪٿي بہ ساري دنيا ۾ هن انجيل جي منادي ڪئي ويندي، اُتي جيڪي هن زال ڪيو آهي تنهن جو ذڪر بہ سندس يادگيريءَ لاءِ ڪيو ويندو.

14 تڏهن ٻارهن ڄڻن مان هڪڙو، جنهن جو نالو يهوداهہ اسڪريوتي هو، تنهن سردار ڪاهنن وٽ وڃي چيو تہ

15 جي آئون هن کي اوهان جي حوالي ڪريان تہ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟ ۽ هنن کيس ٽيهہ روپيا توري ڏنا.

16 ۽ انهي وقت کان وٺي هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪيئن کيس انهن جي حوالي ڪريان.

17 هاڻي فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن شاگردن يسوع کي اچي چيو تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ لاءِ ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟

18 هن چيو تہ شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو، ۽ چئوس تہ اُستاد ٿو چوي، تہ منهنجو وقت ويجهو آهي؛ آئون پنهنجن شاگردن سوڌو تنهنجي گهر ۾ فسح جي عيد ڪندس.

19 ۽ شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع فرمايو هُئن؛ ۽ هنن فسح جي تياري ڪئي.

20 هاڻي جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو ٻارهن ئي شاگردن سان گڏجي ماني کائڻ ويٺو؛

21 ۽ اڃا کاڌائون ويٺي، تہ هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو.

22 تنهن تي هو ڏاڍا غمگين ٿيا، ۽ هڪڙو هڪڙو ڪري چوڻ لڳس تہ اي خداوند آئون آهيان ڇا؟

23 ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جنهن پنهنجو هٿ مون سان گڏ ٿالهيءَ ۾ وڌو آهي سو ئي مون کي جهلائيندو.

24 ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.

25 ۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي.

26 ۽ اڃا کاڌائون ئي ويٺي تہ يسوع ماني کنئي، ۽ برڪت گهُري اُها ڀڳائين، ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين، تہ وٺو، کائو، هي منهنجو بدن آهي.

27 ۽ پيالو کڻي، شڪر ڪري هنن کي ڏنائين، ۽ چيائين، تہ اوهين سڀيئي هن مان پيئو؛

28 ڇالاءِ جو هيءُ عهد جو منهنجو اُهو رت آهي، جو گهڻن جي گناهن جي معافيءَ واسطي وهائجي ٿو.

29 پر آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جنهن ڏينهن تائين آئون پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ اوهان سان گڏ اهو نئون نہ پيئان، تيسين هيءَ ڊاک جي رس وري ڪڏهن بہ نہ پيئندس.

30 ۽ جڏهن هو زبور ڳائي چڪا تڏهن زيتونن جي جبل ڏانهن هليا ويا.

31 پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“

32 پر آئون جي اُٿندس، ۽ پوءِ اوهان کان اڳ ۾ گليل ڏانهن ويندس.

33 تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ جي سڀيئي تنهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون ڪڏهن گمراهہ ڪين ٿيندس.

34 يسوع چيس، تہ آئون توکي سچ ٿو چوان، تہ اڄوڪي رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.

35 پطرس چيس، تہ جي مون کي تو سان گڏ مرڻو پوي تہ بہ آئون تنهنجو انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني شاگردن بہ انهيءَ طرح چيو.

36 پوءِ يسوع هنن سان گڏجي گتسمني نالي هڪڙي هنڌ آيو، ۽ پنهنجن شاگردن کي چيائين تہ اوهين هتي ويهو، جيسين ڪ آئون هوڏانهن وڃي دعا گهران.

37 ۽ هن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.

38 تڏهن هنن کي چيائين، تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳو.

39 ۽ هو ٿورو اڳڀرو هليو، ۽ منهن ڀر ڪِري ۽ دعا گهُري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي ٿي سگهي تہ هيءُ پيالو مون تان ٽري وڃي: انهي هوندي بہ منهنجي مرضي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.

40 ۽ هو شاگردن وٽ آيو، ۽ انهن کي سمهيل ڏسي پطرس کي چوڻ لڳو تہ هي ڇا، اوهين هڪڙي گهڙي بہ مون سان سجاڳ رهي نہ سگهيا؟

41 جاڳندا رهو ۽ دعا گهرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: بيشڪ روح تہ تيار آهي مگر جسم ضعيف آهي.

42 وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.

43 ۽ هو وري آيو ۽ ڏسي تہ اُهي سُتا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اُنهن جون اکيون ننڊاکڙيون هيون.

44 ۽ وري بہ اُنهن کي ڇڏي هليو ويو، ۽ ٽيون ڀيرو بہ دعا گهري اُهي ساڳيا لفظ چيائين.

45 تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا.

46 اُٿو، هلو تہ هلون: ڏسو جيڪو مون کي جهلائي ٿو، سو اچي پهتو آهي.

47 ۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو.

48 هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، تہ جنهن کي آئون چُمان ٿو سو اٿوَ، اُنهي کي جهلجو.

49 ۽ يڪدم هو يسوع وٽ اچي چوڻ لڳو تہ اي ربي، سلام: ۽ چميائينس.

50 تڏهن يسوع چيس تہ ميان، جنهن ڪم لاءِ آيو آهين سو ڪر. پوءِ هنن اچي يسوع تي هٿ وڌا، ۽ قابو ڪيائونس.

51 ۽ ڏسو، جيڪي يسوع سان هئا، تن مان هڪڙي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، ۽ پنهنجي ترار ڪڍندي ئي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنيائين، ۽ ڪن ڪَپي ڇڏيائينس.

52 تڏهن يسوع اُنهي کي چيو تہ تون پنهنجي ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: ڇالاءِ جو جيڪي ترار کڻن ٿا، سي ترار سان ئي چٽ ٿيندا.

53 يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

54 تڏهن پاڪ لکيتون ڪيئن پوريون ٿينديون، تہ ائين ضرور ٿيڻ گهرجي؟

55 اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،

56 پر هي سڀ انهي ڪري ٿيو آهي تہ نبين جون لکيتون پوريون ٿين. تڏهن سندس سڀ شاگرد کيس ڇڏي ڀڄي ويا.

57 ۽ جن يسوع کي جهليو هو، سي هن کي سردار ڪاهن قائفا جي گهر وٺي ويا، جتي فقيهہ ۽ بزرگ اچي گڏ ٿيا هئا.

58 پر پطرس سردار ڪاهن جي ايوان تائين پري کان هن جي پٺيان پئي آيو، ۽ اندر گهڙي سپاهين سان گڏ ويهي رهيو، انهي لاءِ تہ ڏسي تہ نيٺ ڇا ٿو ٿئي.

59 هاڻي سردار ڪاهن ۽ سڄي صدر مجلس، يسوع کي قتل ڪرڻ لاءِ سندس برخلاف ڪوڙي شاهدي ڳولڻ لڳا،

60 پر نہ ملين؛ جيتوڻيڪ گهڻا ئي ڪوڙا شاهد آيا. نيٺ هڪڙا ٻہ ڄڻا آيا،

61 ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ چيو ٿي تہ آئون خدا جي هيڪل کي ڊاهي وري ٽن ڏينهن ۾ جوڙي ٿو سگهان.

62 ۽ سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ چيائينس، تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ هي توتي ڪهڙي شاهدي ٿا ڀرين؟

63 پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟

64 يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا.

65 تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،

66 هاڻي ڇا ٿا ڀانئيو؟ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هو موت جي لائق آهي.

67 تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ

68 اي مسيح، اسان کي نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟

69 هاڻي پطرس ٻاهر ايوان ۾ ويٺو هو: ۽ هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اچي چيس تہ تون بہ هن گليل واري يسوع سان هئين.

70 پر هو سڀني جي اڳيان انڪار ڪري چوڻ لڳو، تہ مون کي خبر نہ آهي تہ تون ڇا ٿي چوين؟

71 ۽ جڏهن هو نڪري ڏيڍيءَ ۾ ويو، تڏهن ٻيءَ نوڪرياڻيءَ ڏٺس، ۽ جيڪي اُتي حاضر هئا تن کي چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان هو.

72 ۽ وري بہ هن قسم کڻي انڪار ڪري چيو تہ آئون هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪين.

73 ۽ ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن اچي پطرس کي چيو تہ سچ تون بہ هنن مان هڪڙو آهين؛ ڇالاءِ جو تنهنجي ڳالهائڻ مان پڌرو آهي.

74 تڏهن هو لعنت وجهڻ ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو تہ آئون هن ماڻهو کي سڃاڻان ئي ڪين. ۽ اُنهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.

75 ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan