Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 25 - Sindhi Bible

1 تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون.

2 ۽ منجهانئن پنج اياڻيون هيون ۽ پنج سياڻيون.

3 ڇالاءِ جو اياڻين جڏهن پنهنجون ڏياٽيون کنيون، تڏهن پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون.

4 پر سياڻين پنهنجين ڏياٽين سان گڏ پنهنجين ڪُپين ۾ تيل بہ کنيو.

5 هاڻي جيسين گهوٽ اچڻ ۾ دير لاتي، تيسين هنن کي ننڊ اچڻ لڳي، ۽ سمهي پيون.

6 پر اڌ رات جو هُل ٿيو تہ ڏسو گهوٽ ٿو اچي! نڪري اچي کيس گڏجو.

7 تنهن تي اُهي سڀ ڪنواريون اُٿيون ۽ پنهنجون ڏياٽيون تيار ڪيائون.

8 ۽ اياڻين سياڻين کي چيو تہ پنهنجي تيل مان ڪجهہ اسان کي بہ ڏيو، ڇالاءِ جو اسان جون ڏياٽيون ٿيون اُجهامن.

9 پر سياڻين ورندي ڏيئي چيو، تہ متان اسان ۽ اوهان لاءِ پورو نہ ٿئي، تنهن کان بهتر آهي تہ وڃي دڪاندارن کان پنهنجي لاءِ خريد ڪري اچو.

10 ۽ جيسين هو خريد ڪرڻ ويون، تيسين گهوٽ اچي سهڙيو، ۽ جيڪي تيار هيون، سي هن سان گڏجي شاديءَ جي مجلس ۾ ويون، ۽ در بند ٿي ويو.

11 تنهن کانپوءِ هو ٻيون ڪنئاريون بہ آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ اي خداوند اسان لاءِ در پَٽ.

12 پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.

13 تنهنڪري سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي انهي ڏينهن ۽ گهڙيءَ جي خبر ڪانهي.

14 ڇو تہ اهو هن ماڻهو وانگر آهي، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿي ويو، ۽ پنهنجن نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت اُنهن جي حوالي ڪيائين.

15 ۽ هڪڙي کي هن پنج قنطار ڏنا، ٻئي کي ٻہ، ۽ ٽئين کي هڪڙو: هرهڪ کي سندس لياقت آهر: پوءِ پاڻ مسافريءَ تي ويو.

16 جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين.

17 ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.

18 پر جنهن کي هڪڙو مليو هو، تنهن وڃي زمين ۾ کڏ کوٽي، پنهنجي ڌڻيءَ وارا پئسا لڪائي ڇڏيا.

19 هاڻي گهڻي وقت کانپوءِ اُنهن نوڪرن جو ڌڻي آيو، ۽ ساڻن ليکو لاهڻ لڳو.

20 ۽ جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، سو ٻيا پنج قنطار بہ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، تو مون کي پنج قنطار ڏنا هئا: اِجهي پنج قنطار ٻيا بہ مون ڪمايا آهن.

21 سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.

22 ۽ جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ اچي چيو تہ سائين، تو مون کي ٻہ قنطار ڏنا هئا: اِجهي ٻہ ٻيا قنطار جي مون ڪمايا آهن.

23 سندس ڌڻيءَ چيس تہ شاباس اٿيئي، اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.

24 ۽ جنهن کي هڪڙو قنطار مليو هو، تنهن بہ اچي چيس، تہ سائين، مون کي تنهنجي خبر هئي تہ تون سخت ماڻهو آهين، جتي تو پوکيو ئي ڪونهي اُتي لڻندو آهين، ۽ جتي تو ڇَٽيو ئي ڪونهي، اُتي گڏ ڪندو آهين:

25 سو مون کي ڊپ ٿيو، تنهنڪري مون وڃي تنهنجو قنطار زمين ۾ لڪائي ڇڏيو: اِجها پنهنجي شيءِ موٽائي وٺ.

26 پر سندس ڌڻيءَ ورندي ڏيئي چيس، تہ اي بڇڙا ۽ سست نوڪر، توکي خبر هئي تہ جتي نہ پوکيو اٿم اُتي گڏ ڪندو آهيان؛

27 تڏهن توکي گهربو هو تہ منهنجا پئسا صرافن وٽ رکين ها، تہ موٽي اچڻ مهل جيڪر آئون پنهنجي رقم وياج سوڌي اچي وٺان ها.

28 تنهنڪري اوهين هن کان اهو قنطار کسي وٺو، ۽ جنهن وٽ ڏهہ قنطار آهن انهي کي ڏيو.

29 ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ٻيو بہ ڏيو، ۽ انهي وٽ ججهو ئي گڏ ٿيندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي وٽس آهي سو بہ کسي وٺبو.

30 ۽ اوهين هن نڪمي نوڪر کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيو: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.

31 پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو.

32 ۽ سڀني قومن کي آڻي هن جي اڳيان گڏ ڪندا، ۽ هو اُنهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندو، جهڙيءَ طرح ڪ ريڍار رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي:

33 ۽ هو رڍن کي پنهنجي ساڄي پاسي بيهاريندو، پر ٻڪرين کي کٻي پاسي.

34 انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:

35 ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس ۽ اوهان مون کي کاڌو ڏنو: آئون اُڃايل هوس، ۽ اوهان مون کي پاڻي پياريو: آئون پرديسي هوس، اوهان مون کي جاءِ ڏني:

36 اُگهاڙو هوس ۽ اوهان مون کي ڪپڙو ڍڪايو: آئون بيمار هوس ۽ اوهين مون کي پڇڻ آيا: آئون قيد ۾ هوس ۽ اوهين مون وٽ پير ڀري آيا.

37 تڏهن اُهي راستباز ورندي ڏيئي چوندس، تہ اي خداوند اسان ڪڏهن توکي بکايل ڏسي کاڌو ڏنو؟ يا اُڃايل ڏسي پاڻي پياريو؟

38 ۽ اسان ڪڏهن توکي پرديسي ڏسي جاءِ ڏني يا اُگهاڙو ڏسي ڪپڙو ڍڪايو؟

39 ۽ اسين ڪڏهن توکي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تو وٽ پير ڀري آياسين؟

40 ۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.

41 تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.

42 ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس، پر اوهان مون کي کاڌو نہ ڏنو: آئون اُڃايل هوس پر اوهان مون کي پاڻي نہ پياريو:

43 آئون پرديسي هوس پر اوهان مون کي جاءِ نہ ڏني؛ اُگهاڙو هوس پر اوهان مون کي ڪپڙو نہ ڍڪايو؛ بيمار ۽ قيد ۾ هوس پر اوهين مون وٽ پير ڀري نہ آيا.

44 تڏهن اُهي بہ ورندي ڏيئي چوندا، تہ اي خداوند، اسان ڪڏهن توکي بکايل، يا اُڃايل، يا پرديسي، يا اُگهاڙو، يا بيمار، يا قيد ۾ ڏٺو جو تنهنجي خدمت نہ ڪئي سون؟

45 تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو.

46 ۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan