Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 22 - Sindhi Bible

1 ۽ يسوع وري بہ مثالن ۾ هنن سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين تہ

2 آسمان جي بادشاهت انهي بادشاهہ مثل آهي، جنهن پنهنجي پٽ جي شادي جي مجلس ڪئي.

3 ۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي.

4 وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو.

5 پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي:

6 ۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.

7 تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.

8 تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا،

9 تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو.

10 ۽ اُهي نوڪر شاهي سڙڪن تي ويا، ۽ جيترا ماڻهو چڱا مٺا منهن پين، تن کي آڻي گڏ ڪيائون: سو شاديءَ واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.

11 پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا.

12 ۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين.

13 تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.

14 ڇالاءِ جو سڏيل گهڻا آهن پر چونڊيل آهن ٿورا.

15 تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون.

16 ۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.

17 تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟

18 پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟

19 مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا.

20 ۽ هن کين چيو تہ هي شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟

21 هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.

22 ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.

23 انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ

24 اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.

25 هاڻي اسان وٽ هڪڙا ست ڀائر هئا، ۽ پهريون پرڻيو، ۽ مري ويو، ۽ اولاد نہ هئڻ ڪري پنهنجي زال ڀاءُ لاءِ ڇڏي ويو،

26 ۽ ٻيو بہ اهڙيءَ طرح، ۽ ٽئين کان وٺي ستين تائين بہ انهي طرح.

27 انهن سڀني کان پوءِ اُها زال بہ مري ويئي.

28 تنهنڪري قيامت ۾ اُها زال انهن ستن ئي مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو سڀني وٽ رهي هئي.

29 پر يسوع ورندي ڏيئي چين تہ اوهين ڀلجو ٿا، جو نڪي پاڪ ڪتابن کي ڄاڻو ٿا، نڪي خدا جي قدرت کي.

30 ڇالاءِ جو قيامت ۾ ماڻهو نڪي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن بهشت ۾ ملائڪ آهن تيئن ٿيندا.

31 پر جيڪي مري ويا آهن، تن جي جي اُٿڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو نہ پڙهيو اٿوَ ڇا تہ

32 ”آئون ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا آهيان؟“ خدا مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي.

33 ۽ جڏهن ماڻهن اهو ٻُڌو، تڏهن هن جي تعليم ڪري عجب ۾ پئجي ويا.

34 پر جڏهن فريسين ٻڌو تہ هن صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن هو پاڻ ۾ گڏ ٿيا،

35 ۽ منجهانئن هڪڙو شريعت جو عالم هو، تنهن کيس آزمائڻ لاءِ کانئس هڪڙو سوال پڇيو تہ

36 اي اُستاد، شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟

37 هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر.

38 اهو وڏو ۽ پهريون حڪم آهي.

39 ۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.

40 انهن ٻنهي حڪمن تي ساري توريت ۽ نبين جي ڪتابن جو مدار آهي.

41 هاڻي جڏهن فريسي گڏ ٿيا ويٺا هئا، تڏهن يسوع انهن کان هڪڙو سوال پڇيو تہ

42 مسيح بابت اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ اُهو ڪنهن جو پٽ آهي؟ هنن چيس، تہ دائود جو.

43 هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ

44 ”خداوند، منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجن پيرن هيٺ ڪريان؟“

45 جيڪڏهن دائود هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟

46 ۽ ڪوبہ هن کي ورنديءَ ۾ هڪڙو اکر بہ چئي نہ سگهيو، نڪي وري انهي ڏينهن کان وٺي ڪنهن ماڻهوءَ کي کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan