متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 2 - Sindhi Bible1 هاڻي جڏهن يسوع يهوديہ واري بيت الحم ۾ هيروديس بادشاهہ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيو، تڏهن ڏسو، اُڀرندي کان مجوسي يروشلم ۾ آيا، 2 ۽ چوڻ لڳا تہ يهودين جو بادشاهہ جو پيدا ٿيو آهي سو ڪٿي آهي؟ ڇالاءِ جو اسان ان جو تارو اُڀرندي ۾ ڏٺو آهي: تنهنڪري کيس سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون. 3 ۽ جڏهن هيروديس بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هن کي ۽ ساڻس گڏ سڄي يروشلم کي اچي فڪر ورايو. 4 ۽ سڀني سردار ڪاهنن ۽ فقيهن کي گڏ ڪري کانئن پڇڻ لڳو تہ مسيح ڪٿي پيدا ٿيڻو آهي؟ 5 ۽ هنن چيس تہ يهوديہ واري بيت الحم ۾، ڇالاءِ جو نبيءَ جي معرفت هيئن لکيو ويو آهي تہ 6 ”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“. 7 تڏهن هيروديس اُنهن مجوسين کي خلاصو سڏائي، انهن کان پوريءَ طرح پڇي خاطري ڪئي، تہ ڪهڙي وقت اُهو تارو ظاهر ٿيو هو. 8 ۽ انهن کي بيت الحم ڏي روانو ڪيائين، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ننڍي ٻار جو احوال چڱيءَ طرح دريافت ڪريو؛ ۽ جڏهن اوهين انهي کي لهو، تڏهن مون کي اطلاع ڏجو، تہ آئون بہ اچي کيس سجدو ڪريان. 9 ۽ هو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌي اُٿي هليا، ۽ ڏسو، اُهو تارو جو هنن اُڀرندي ۾ ڏٺو هو، سو سندن اڳيان ٿي هليو، ۽ هلي هلي انهيءَ جاءِ جي مٿان اچي بيٺو، جتي اهو ننڍو ٻار هو. 10 ۽ جڏهن هنن اُهو تارو ڏٺو، تڏهن تمام گهڻو خوش ٿيا. 11 ۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون. 12 ۽ کين خواب ۾ خدا وٽان هدايت ملي تہ هيروديس وٽ موٽي متان وڃو، تنهنڪري هو ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن روانا ٿيا. 13 هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو. 14 تنهن تي هو اُٿيو ۽ ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي، راتوواهہ مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو؛ 15 ۽ اُتي رهيو پيو هو جيسين ڪ هيروديس مئو: انهي لاءِ تہ خدا جيڪي نبيءَ جي معرفت چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي فرزند کي مصر مان گهرايو آهي“. 16 پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين. 17 تڏهن يرمياہ نبيءَ جيڪي چيو هو سو اچي پورو ٿيو تہ 18 ”رامہ ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، روئڻ ۽ ڏاڍي ماتم جو، راخل پنهنجن ٻارن لاءِ پئي روئي، ۽ تسلي نٿي اچيس، ڇالاءِ جو آهن ئي ڪين“. 19 پر جڏهن هيروديس مري ويو تڏهن ڏسو، خداوند جي هڪڙي ملائڪ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ 20 اُٿي هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ: ڇالاءِ جو جن ننڍي ٻار کي مارڻ ٿي گهريو، سي مري ويا آهن. 21 تنهن تي هو اُٿيو ۽ انهي ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو. 22 پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو، 23 ۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society