متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 18 - Sindhi Bible1 اُنهيءَ گهڙيءَ شاگرد يسوع وٽ آيا، ۽ چيائون تہ آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ 2 ۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي پاڻ وٽ سڏي هنن جي وچ ۾ کڻي بيهاريو. 3 ۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا. 4 تنهنڪري جيڪو ڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر ننڍو ڪري سمجهندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڏو ليکبو. 5 ۽ جيڪو هڪڙي ننڍي ٻار کي منهنجي نالي قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري. 6 ۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي. 7 گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري! 8 ۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ يا تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري تہ اُهو پاڻ وٽان وڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن سان هميشہ جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ٽُنڊو يا منڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين. 9 ۽ جي تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ اُها پاڻ وٽان ڪڍي اُڇلائي ڇڏ: ٻن اکين سان جهنم جي باهہ ۾ پوڻ کان تنهنجي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ ڪاڻو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿين. 10 ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو. 11 (ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جو منهن هنن جا ملائڪ آسمان ۾ هميشہ پيا ڏسن). 12 اوهين ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سؤ رڍون هجن، ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃي، تہ هو نوانوي کي ڇڏي، جبلن ۾ وڃي اُها جيڪا گم ٿي ويئي آهي، تنهن کي ڪين ڳوليندو؟ 13 ۽ جي لڀي پيس، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن، تن کان وڌيڪ هو انهيءَ لاءِ خوشي ڪندو. 14 ساڳيو انهي طرح اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي بہ اها مرضي نہ آهي تہ هنن ننڍڙن مان ڪو هڪڙو برباد ٿئي. 15 ۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ تنهنجو ڪو ڏوهہ ڪري، تہ اڪيلائيءَ ۾ هن کي سندس قصور ٻڌاءِ؛ جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهہ مڃي، تہ تو پنهنجو ڀاءُ پاڻ ڏانهن ڪيو: 16 پر جي هو تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي، تہ هڪڙو يا ٻہ ڄڻا پاڻ سان وٺي وڃ، تہ سموري ڳالهہ ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان ثابت ٿئي. 17 ۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ. 18 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اوهين زمين تي ٻڌندا، سو آسمان ۾ ٻڌبو: ۽ جيڪي اوهين زمين تي ڇوڙيندا سو آسمان ۾ ڇوڙبو. 19 وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو. 20 ڇالاءِ جو جتي ٻہ يا ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي گڏ ٿا ٿين، اُتي آئون بہ انهن جي وچ ۾ آهيان. 21 تنهن کانپوءِ پطرس اچي چيس تہ اي خداوند، جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏوهہ ڪندو رهي تہ آئون کيس ڪيترا ڀيرا معاف ڪريان؟ ڇا ستن ڀيرن تائين؟ 22 يسوع چيس تہ آئون توکي ڪونہ ٿو چوان تہ ستن ڀيرن تائين، پر ستر دفعا ستن ڀيرن تائين. 23 تنهنڪري آسمان جي بادشاهت هڪڙي بادشاهہ جي مثل آهي، جنهن جي مرضي ٿي تہ پنهنجن نوڪرن سان حساب ڪتاب لاهيان. 24 ۽ جڏهن هنن سان ليکو لاهڻ لڳو، تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو وٺي آيا، جنهن ڏانهن سندس ڏهہ هزار قنطار هئا. 25 پر هن وٽ هو ڪي بہ ڪين، جنهن سان پنهنجو قرض کڻي لاهي، تنهنڪري سندس ڌڻيءَ حڪم ڪيو تہ هن کي، ۽ سندس زال ۽ ٻارن کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هجي، سو سڀ وڪڻي قرض جي ادائي ڪريو. 26 تنهن تي نوڪر پيرين پيس، ۽ سجدو ڪري چيائينس، تہ اي خداوند، مون کي مهلت ڏي تہ آئون تنهنجو سمورو قرض ادا ڪندس. 27 ۽ انهي نوڪر جي ڌڻيءَ کي رحم آيو، تنهنڪري هن کي ڇڏي ڏنائين، ۽ اُهو قرض بہ کڻي معاف ڪيائينس. 28 پر اُهو نوڪر ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجن هم شريڪ نوڪرن مان هڪڙو ڏٺائين، جنهن کان سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ انهيءَ کي جهلي ڳچيءَ کان وٺي چيائينس تہ جيڪي لهڻائين سو ڏي. 29 تنهن تي اُنهي سندس سنگتيءَ پيرين پئي ليلائي چيس، تہ مون کي مهلت ڏي، تہ آئون توکي ڀري ڏيندس. 30 پر هن سندس ڳالهہ نہ مڃي ۽ وڃي قيد ۾ وڌائينس، جيسين ڪ قرض ادا ڪري. 31 تنهن تي جڏهن هن جي هم شريڪ نوڪرن اهو حال ڏٺو، تڏهن کين ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ سارو حال اچي پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻڌايائون. 32 تنهن تي ڌڻيءَ هن کي سڏي چيو تہ اي بڇڙا نوڪر، جڏهن تو مون کي آزيون ڪيون، تڏهن مون توکي سڀ قرض کڻي معاف ڪيو: 33 سو جيئن مون تو تي رحم ڪيو، تيئن توکي بہ پاڻ جهڙي نوڪر تي رحم ڪرڻ کپندو هو يا نہ؟ 34 ۽ سندس ڌڻيءَ کي ڪاوڙ آئي، تنهن هن کي جلادن جي حوالي ڪيو، جيسين ڪ سمورو قرض ادا نہ ڪري. 35 سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society