Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15 - Sindhi Bible

1 تنهن کانپوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ فقيهہ يسوع وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ

2 تنهنجا شاگرد بزرگن جي روايت ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ جو هو ماني کائڻ مهل هٿ نٿا ڌوئن.

3 هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين بہ پنهنجي روايت جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟

4 ڇالاءِ جو خدا چيو آهي تہ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي عزت ڪريو: ۽ جيڪو پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري سو ڀلي تہ اُڦٽ ماريو وڃي.

5 پر اوهين ٿا چئو، تہ جيڪو پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ کي چوندو، تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا خدا جي نذر ٿي چڪي؛ سو ڀلي پنهنجي پيءُ کي عزت نہ ڏئي.

6 تڏهن اوهان پنهنجي روايت ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

7 اي رياڪارو، اوهان بابت يسعياہ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪئي آهي تہ

8 ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.

9 هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“

10 ۽ هن خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ٻڌو ۽ سمجهو:

11 جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.

12 تڏهن شاگردن اچي چيس تہ توکي ڪا خبر آهي تہ فريسين کي تنهنجي هن ڳالهہ ڪري ٺوڪر لڳي آهي؟

13 پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جيڪو سلو نہ هنيو آهي، سو پَٽجي ويندو.

14 هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.

15 پوءِ پطرس وراڻي ڏيئي چيس تہ اسان کي اُنهيءَ مثال جي سمجهاڻي ڏي.

16 ۽ هن چيو تہ اوهين بہ اڃا بي سمجهہ آهيو ڇا؟

17 ايتري بہ خبر نٿي پئيوَ تہ جيڪي وات ۾ پوي ٿو سو لنگهي پيٽ ۾ ٿو وڃي، اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟

18 پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن؛ ۽ اُهي انسان کي پليت ٿيون ڪن.

19 ڇالاءِ جو دل مان بڇڙا خيال، خون، زناڪاريون، حرام ڪاريون، چوريون، ڪوڙي شاهدي، گلائون ٿيون نڪرن:

20 اهي ئي شيون آهن جي انسان کي پليت ٿيون ڪن: پر اڻ ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهو کي پليت نٿو ڪري.

21 پوءِ يسوع اُتان نڪري صور ۽ صيدا جي علائقي ۾ ويو.

22 ۽ ڏسو، هڪڙي ڪنعاني زال اُنهن حدن مان نڪري آئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ اي خداوند، اي دائود جا فرزند، تون مون تي رحم ڪر؛ منهنجي ڌيءَ کي هڪڙي ڀوت ڏاڍو هلاڪ ڪيو آهي.

23 پر هن ڪوبہ جواب نہ ڏنس. تڏهن سندس شاگرد اچي کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا: تہ هن کي روانو ڪر، ڇالاءِ جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون پيئي ڪري.

24 پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون رڳو اسرائيل جي گهراڻي جي گم ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آهيان.

25 پر هن زال اچي پيرين پئي چيس تہ خداوند، منهنجي مدد ڪر.

26 هن وراڻي ڏيئي چيو تہ ائين واجب ناهي تہ ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اُڇلائي ڏجي.

27 پر هن زال چيو تہ برابر خداوند، پر جيڪي ڀور سندن ڌڻين جي ميز تان ڪِرندا آهن تن مان ڪتا بہ کائيندا آهن.

28 تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ اي مائي، تنهنجو ايمان وڏو آهي. جيئن تون گهُرين ٿي تيئن ئي تنهنجي لاءِ ٿئي. ۽ اُنهي گهڙيءَ سنديس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.

29 پوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ گليل جي سمنڊ جي ويجهو آيو، ۽ جبل تي چڙهي وڃي اُتي ويهي رهيو.

30 ۽ وڏا ميڙاڪا وٽس آيا، جن منجهہ منڊا، انڌا، گونگا، ٽنڊا ۽ ٻيا بہ گهڻا هئا، ۽ اُنهن کي يسوع جي پيرن وٽ رکندا ويا؛ ۽ هن کين ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو:

31 ايتري قدر جو جڏهن ماڻهن گونگن کي ڳالهائيندو، ۽ ٽُنڊن کي سڄو ٿيندو، ۽ منڊن کي هلندو، ۽ انڌن کي ڏسندو ڏٺو، تڏهن عجب لڳي وين، ۽ هو اسرائيل جي خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا.

32 پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.

33 ۽ شاگردن چيس تہ هتي سُڃ ۾ اسان وٽ ايتريون مانيون ڪٿان اينديون جو هيڏي وڏي ميڙاڪي جو پيٽ ڀرجي؟

34 ۽ يسوع چين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ هنن چيو تہ ست، ۽ ڪي ٿوريون ننڍيون مڇيون

35 ۽ هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو؛

36 ۽ هن اُهي ست مانيون ۽ ننڍيون مڇيون کڻي شڪر ڪري، ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنا، ۽ شاگردن وري اُهي ماڻهن کي ڏنا.

37 ۽ اُنهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جا ست کارا ڀري کنيائون.

38 ۽ جن کاڌو سي چار هزار مرد هئا، تن کان سواءِ زالون ۽ ٻار.

39 ۽ هن انهن ميڙاڪن کي موڪل ڏني، ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي حدن ۾ آيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan