متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13 - Sindhi Bible1 اُنهي ڏينهن يسوع گهر مان نڪري سمنڊ جي ڪناري تي وڃي ويٺو. 2 ۽ ايترا ماڻهو وٽس اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي. 3 ۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ ڏسو، هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ لاءِ نڪتو. 4 ۽ ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا وڃي گَس تي ڪِريا ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا. 5 ۽ ڪي ٽڪرائتين جاين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي نہ هئڻ سبب اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي. 6 ۽ جڏهن سج نڪتو تڏهن اُهي سڙي ويا ۽ پاڙ نہ هئڻ سبب سُڪي ويا. 7 ۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، پر ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو. 8 ۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا ۽ اُنهن ڦل جهليو، ڪن سؤڻو، ڪن سٺوڻو ۽ ڪن ٽيهوڻو. 9 جنهن کي ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي. 10 ۽ شاگردن اچي چيس تہ تون هنن سان مثالن ۾ ڇو ٿو ڳالهائين؟ 11 ۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي. 12 ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو ۽ اُنهي وٽ ججهو ٿي پوندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو. 13 تنهنڪري آئون هنن سان مثالن ۾ ٿو ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو هو ڏسندي بہ نٿا ڏسن، ۽ ٻُڌندي بہ نٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجهہ ٿي پوي. 14 ۽ اُنهن جي لاءِ يسعياهہ نبيءَ جي پيشنگوئي اچي پوري ٿي، جنهن ۾ چيل آهي تہ ”ٻُڌندي اوهين ٻُڌندا، پر ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين، ۽ ڏسندي اوهين ڏسندا، پر ڪنهن بہ طرح پروڙيندا ئي ڪين: 15 ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“ 16 پر مبارڪ آهن اوهان جون اکيون، ڇالاءِ جو اُهي ڏسن ٿيون، ۽ مبارڪ آهن اوهان جا ڪَن، ڇالاءِ جو اُهي ٻُڌن ٿا. 17 ڇوتہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا، سي گهڻن ئي نبين ۽ راستبازن ڏسڻ گهريون، پر نہ ڏٺائون؛ ۽ جيڪي ڳالهيون اوهين ٻُڌو ٿا، سي ٻُڌڻ گهريائون، پر نہ ٻڌائون. 18 سو هاڻي اوهين اُنهي هاريءَ جو مثال ٻڌو. 19 جڏهن ڪو انهيءَ بادشاهت جو ڪلام ٻڌي ٿو ۽ سمجهي نٿو، تڏهن شيطان اچي جيڪي اُنهيءَ جي دل ۾ پوکيل آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. هي اُهو آهي جو گس تي پوکيو ويو هو. 20 ۽ جيڪو ٽڪرائتين جاين تي پوکيل هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ هڪدم خوشيءَ سان اُنهيءَ کي قبول ٿو ڪري؛ 21 تڏهن بہ هن منجهہ اڃا پاڙ نہ لڳي آهي، تنهنڪري ٿوري وقت تائين اُهو جٽاءُ ڪري ٿو؛ ۽ جڏهن اُنهي ڪلام جي سبب سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم هو ڀلجيو وڃي. 22 ۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي. 23 ۽ جيڪو ڀليءَ زمين ۾ پوکيو ويو هو، سو اُهو آهي جو ڪلام ٻُڌي ٿو ۽ سمجهي ٿو؛ ۽ سچ پچ ڦل جهلي ٿو، ۽ ڪو سؤڻو ٿو ڏئي، ڪو سٺوڻو، ڪو ٽيهوڻو. 24 وري کين ٻيو مثال ڏيئي چيائين، تہ آسمان جي بادشاهت اُنهي ماڻهوءَ وانگر آهي، جنهن پنهنجي ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج پوکيو: 25 پر جڏهن ماڻهو سمهيا، تڏهن سندن دشمن اچي ڪڻڪ ۾ جهنگلي ٻج بہ پوکي ويو. 26 ۽ جڏهن سلا اُڀريا، ۽ ڦل جهليائون، تڏهن جهنگلي ٻج بہ ظاهر ٿيو. 27 ۽ اُنهي مالڪ جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ سائين، تو پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج ڪين پوکيو هو ڇا؟ تڏهن جهنگلي ٻج منجهس ڪٿان آيو؟ 28 ۽ هن چين تہ اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي. وري نوڪرن چيس تڏهن تنهنجي مرضي آهي ڇا تہ اسين وڃي اُهو گڏ ڪريون؟ 29 پر هن چيو تہ نہ؛ متان جهنگلي ٻج گڏ ڪندي اوهين ڪڻڪ بہ پَٽي ڪڍو. 30 ڇڏيو تہ لاباري پوڻ تائين ڀلي ٻئي گڏ پيا اُڀرن: پوءِ لاباري مهل آئون لاهيارن کي چوندس تہ پهرين جهنگلي ٻوٽا ميڙي اُنهن جا گَڏا ٻَڌي رکو تہ ساڙجن: پر ڪڻڪ منهنجي ڀانڊي ۾ گڏ ڪجو. 31 وري کين ٻيو مثال ڏيئي چيائين، تہ آسمان جي بادشاهت اهر جي داڻي جي مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو: 32 جو بيشڪ سڀني ٻجن کان ننڍو آهي؛ پر جڏهن اُهو اُڀري ٿو، تڏهن سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿئي ٿو، ۽ وڻ ٿيو پوي، ۽ آسمان جا پکي اچي انهي جي ٽارين ۾ ٿا ويهن. 33 وري هن ٻيو مثال چئي ٻڌاين، تہ آسمان جي بادشاهت خمير مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو اُهو سڀ خميرجي پيو. 34 اِهي سڀ ڳالهيون يسوع ميڙاڪن کي مثالن ۾ ٻڌائيندو هو؛ ۽ اُنهن سان مثالن کانسواءِ ڪي بہ ڪين ڳالهائيندو هو: 35 انهي لاءِ تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”آئون مثالن ٻُڌائڻ لاءِ پنهنجو وات کوليندس؛ آئون اُهي ڳالهيون ڳالهائيندس، جي دنيا جي بنياد کان وٺي ڳجهيون هيون.“ 36 تنهن کانپوءِ هو ميڙاڪن کي ڇڏي گهر ويو، ۽ سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اسان کي ٻنيءَ جي جهنگليءَ ٻج وارو مثال سمجهاءِ. 37 ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪو چڱو ٻج ٿو پوکي، سو ابن آدم آهي؛ 38 ۽ ٻني جهان آهي، ۽ چڱو ٻج بادشاهت جا ٻار آهن، ۽ جهنگلي ٻج شيطان جا ٻار آهن، 39 ۽ جنهن دشمن اُهي پوکيا، سو آهي شيطان: ۽ لاباري جو وقت آهي جهان جي پڄاڻي، ۽ لاهيارا آهن ملائڪ. 40 تنهنڪري جيئن جهنگلي ٻج گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيندا آهن، تيئن جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ٿيندو. 41 ابن آدم پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي سندس بادشاهت مان جيڪي شيون گمراهہ ٿيون ڪن، ۽ جيڪي بڇڙائي ڪن ٿا، تن سڀني کي ميڙي ڪٺو ڪندا، 42 ۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 43 تڏهن راستباز پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا. جنهن کي ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي. 44 آسمان جي بادشاهت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ لڌو، ۽ لڪائي رکيائين؛ ۽ خوشيءَ وچان وڃي جيڪي وٽس هو، سو وڪڻي اُها ٻني خريد ڪيائين. 45 وري آسمان جي بادشاهت هڪڙي سوداگر مثل آهي؛ جنهن چڱا موتي پئي ڳوليا؛ 46 پوءِ جڏهن هڪڙو ڳري ملهہ وارو موتي نظر آيس، تڏهن وڃي جيڪي وٽس هو، سو سڀ وڪڻي اُهو خريد ڪيائين. 47 وري آسمان جي بادشاهت هڪڙيءَ وڏيءَ ڄار مثل آهي، جا سمنڊ ۾ اُڇلائي ويئي، ۽ جنهن ۾ هر قسم جي مڇي اچي ڦاٿي. 48 جڏهن اُها ڀرجي ويئي، تڏهن ماڻهن ڇڪي ڪناري تي ڪئي، ۽ هنن ويهي چڱيون چڱيون مڇيون ٿانوَن ۾ گڏ ڪيون، پر خراب خراب اُڇلائي ڇڏيائون. 49 جهان جي پڄاڻيءَ ۾ بہ ائين ئي ٿيندو: ملائڪ ايندا ۽ بڇڙن کي چڱن مان ڪڍي ڌار ڪندا، 50 ۽ اُنهن کي باهہ جي کوري ۾ اُڇلائي وجهندا: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 51 اهي سڀ ڳالهيون اوهان سمجهيون؟ هنن چيو تہ هائو. 52 هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي. 53 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي مثال ڏيئي بس ڪئي، تڏهن اُتان نڪري اُٿي هليو. 54 ۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟ 55 هي هن واڍي جو پٽ نہ آهي ڇا؟ سندس ماءُ جو نالو مريم نہ آهي ڇا؟ ۽ سندس ڀائر يعقوب ۽ يوسف ۽ شمعون ۽ يهوداهہ نہ آهن ڇا؟ 56 ۽ سندس ڀينرون سڀ اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ تڏهن هن ماڻهوءَ هي سڀ ڳالهيون ڪٿان آنديون؟ 57 سو هنن کيس قبول نہ ڪيو، پر يسوع چين تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي. 58 ۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society