Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12 - Sindhi Bible

1 انهيءَ مهل سبت جي ڏينهن، يسوع اَن جي پوکن منجهان پئي لنگهيو؛ ۽ سندس شاگرد، جي بکايل هئا، سي اَن جا سنگ پَٽي کائڻ لڳا.

2 پر جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو، تڏهن هن کي چيائون، تہ ڏس، تنهنجا شاگرد جيڪي ڪن ٿا سو سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا ناهي.

3 پر هن چين تہ اوهان نہ پڙهيو آهي ڇا تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي، تڏهن ڇا ڪيائين؛

4 ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟

5 اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن نہ سبت جي ڏينهن ڪاهن هيڪل ۾ سبت نٿا وارين، تہ بہ ڏوهي نٿا ليکجن؟

6 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هتي هڪڙو آهي جو هيڪل کان بہ وڏو آهي.

7 پر جيڪڏهن اوهان کي هن جي معنيٰ جي خبر هجي ها، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني، تہ جيڪر اوهين بي ڏوهين کي ڏوهاري نہ سمجهو ها،

8 ڇالاءِ جو ابن آدم سبت جو ڌڻي آهي.

9 ۽ هو اُتان روانو ٿي سندن عبادتگاهہ ۾ ويو:

10 ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.

11 ۽ هن چين تہ اوهان ۾ اهڙو ڪير آهي جنهن کي هڪڙي رڍ هجي، ۽ اُها جي سبت جي ڏينهن ڪنهن کڏ ۾ ڪِري پوي، تہ انهيءَ کي جهلي جيڪر ٻاهر نہ ڪڍي؟

12 تڏهن رڍ کان ماڻهوءَ جو قدر ڪيترو نہ وڌيڪ آهي! تنهنڪري سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي.

13 تڏهن هن اُنهي ماڻهوءَ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اُهو ڊگهيريو تہ ٻئي هٿ جهڙو صحيح سالم ٿي پيو.

14 پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.

15 ۽ يسوع اها ڳالهہ سهي ڪري اُتان نڪري ويو: ۽ گهڻا سندس پٺيان ويا؛ ۽ هن اُنهن سڀني کي شفا ڏني،

16 ۽ تاڪيد ڪيائين تہ منهنجي بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو:

17 انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياہ نبيءَ چيو هو، سو پورو ٿئي تہ

18 ”ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي مون چونڊيو آهي، منهنجو پيارو جنهن مان منهنجي دل راضي آهي. آئون مٿس پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اهو غير قومن کي عدالت جي خبر ڏيندو.

19 اُهو نہ جهيڙو ڪندو ۽ نہ هُل ڪندو، ۽ نہ بازارن ۾ سندس آواز ڪنهن کي ٻُڌڻ ۾ ايندو.

20 ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکندي سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو، جيسين ڪ اُهو عدالت جي فتح نہ ڪرائي.

21 ۽ اُنهي جي نالي ۾ غير قومون اُميد رکنديون.“

22 انهي کانپوءِ هن وٽ هڪڙي ماڻهوءَ کي وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو، ۽ جو انڌو ۽ گونگو بہ هو: ۽ هن کيس ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، اهڙو جو اُهو گونگو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.

23 ۽ ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، تہ ڇا هي دائود جو پٽ آهي؟

24 پر جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو جو ڀوت ٿو ڪڍي، سو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد ڌاران ڪونہ ٿو ڪڍي.

25 ۽ هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ هرڪا بادشاهت جنهن ۾ ڦوٽ ٿي پوي سا برباد ٿيو وڃي، ۽ هرڪو شهر يا گهر جنهن ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو جٽاءُ نہ ڪندو.

26 ۽ جيڪڏهن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجهس ڦيٽهڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاهت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟

27 ۽ جيڪڏهن آئون بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ تڏهن اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا انهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا.

28 پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.

29 يا ڪو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، کيس ٻَڌڻ کانسواءِ سندس مال متاع ڦري سگهندو ڇا؟ پر پهرين اُنهي طاقتور ماڻهوءَ کي ٻَڌي پوءِ هو هن جو گهر ڦريندو.

30 جيڪو منهنجي پاسي نہ آهي سو منهنجي برخلاف آهي؛ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي.

31 تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو.

32 ۽ جيڪو بہ ابن آدم جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي اُهو معاف ٿيندو: پر جيڪو بہ پاڪ روح جي برخلاف ڪي چوندو، تنهن کي نڪي هن جهان ۾، نڪي ايندڙ جهان ۾ اُهو معاف ٿيندو.

33 يا چئو تہ وڻ بہ چڱو، ۽ سندس ڦل بہ چڱو؛ يا چئو تہ وڻ بہ خراب، ۽ سندس ڦل بہ خراب: ڇالاءِ جو وڻ سڃاڻبو آهي پنهنجي ڦل مان.

34 اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.

35 چڱو ماڻهو پنهنجي چڱي خزاني مان چڱيون شيون ٿو ڪڍي، ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي بڇڙي خزاني مان بڇڙيون شيون ٿو ڪڍي.

36 ۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا.

37 ڇالاءِ جو پنهنجي زبان جي ڪري تون راستباز ٺهرايو ويندين، ۽ پنهنجي زبان جي ڪري تون ڏوهاري ٺهرايو ويندين.

38 تڏهن ڪن فقيهن ۽ فريسين هن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اسان جي مرضي آهي تہ اسان کي ڪا نشاني ڏيکار.

39 پر هن جواب ڏيئي چين، تہ هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهُرن؛ ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏني ويندي:

40 ڇالاءِ جو جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مانگر مڇ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابن آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.

41 ۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.

42 ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندي، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ مان سليمان جي ڏاهپ ٻُڌڻ لاءِ آئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي.

43 پر ناپاڪ ڀوت جڏهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو، تڏهن برپٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، پر مليس ئي نٿو.

44 تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان؛ ۽ جڏهن اُتي اچي ٿو، تڏهن اُنهي کي خالي ۽ ٻهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي.

45 تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.

46 اڃا هن ماڻهن جي ميڙاڪن سان پئي ڳالهايو، تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر اچي بيٺا، ۽ مرضي هين تہ ساڻس ڳالهايون.

47 تڏهن ڪنهن چيس تہ ڏس، تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر بيٺا آهن، ۽ توسان ڳالهائڻ ٿا گهُرن.

48 پر جنهن ٻُڌايس، تنهن کي ورندي ڏيئي چيائين تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟

49 ۽ پنهنجن شاگردن ڏانهن هٿ ڊگهيري چيائين تہ ڏسو، اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر!

50 ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan