Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10 - Sindhi Bible

1 ۽ هن پنهنجي ٻارهن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي کين هيءَ اختياري ڏني، تہ ڀوتن کي ڪڍن، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي مرض ۽ بيماريءَ کان شفا ڏين.

2 هاڻي اُنهن ٻارهن رسولن جا نالا هي آهن: پهريون شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس؛ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ سندس ڀاءُ يوحنا؛

3 فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،

4 شمعون ڪنعاني، ۽ يهوداهہ اسڪريوتي جنهن جهلايس.

5 انهن ٻارهن کي يسوع روانو ڪيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائين، تہ غير قومن جي راهہ ۾ متان وڃو، ۽ سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ متان گهڙو:

6 بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو.

7 ۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.

8 بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.

9 پنهنجي ٻٽوئن ۾ سون يا رپو يا ٽامو نہ کڻجو؛

10 پنهنجي مسافريءَ لاءِ جهولي نہ کڻجو، ۽ نڪي ٻہ ڪوٽ، نڪي جُتي، نڪي لٺ؛ ڇالاءِ جو پورهيت پنهنجي کاڌي جو حقدار آهي.

11 ۽ جنهن شهر يا ڳوٺ ۾ گهڙو، اُتي پڇا ڪجو تہ اُتي لائق ڀريو ماڻهو ڪير آهي ۽ جيسين اُتان روانا نہ ٿيو، تيسين اُتي ئي ٽڪيا رهجو.

12 جيئن اوهين ڪنهن گهر ۾ گهڙو تہ سلام ڪجو.

13 ۽ جي گهر جا ڀاتي لائق هوندا، تہ اوهان جو سلام اُنهن کي رسندو، پر جي اُهي نالائق هوندا تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو.

14 ۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.

15 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عدالت جي ڏينهن اُنهي شهر کان سدوم ۽ عموراہ جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي وڌيڪ سوکي ٿيندي.

16 ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.

17 پر ماڻهن کان سنڀالجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي صدر مجلس جي حوالي ڪندا، ۽ پنهنجن عبادتگاهن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.

18 هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.

19 پر جڏهن هو اوهان کي جهلائين، تڏهن اهو فڪر نہ ڪجو تہ ڪيئن يا ڇا ڳالهايون، ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي ڳالهائڻو هوندو سو اُنهيءَ گهڙيءَ پاڻهي اوهان کي ٻڌايو ويندو.

20 ڇالاءِ جو ڳالهائڻ وارا اوهين ناهيو، پر اوهان جي پيءُ جو روح آهي، جو اوهان ۾ ڳالهائي ٿو.

21 ۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.

22 ۽ منهنجي نالي ڪري سڀئي ماڻهو اوهان سان عداوت ڪندا، پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.

23 پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.

24 شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي ناهي، نڪي نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان.

25 ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!

26 تنهنڪري اُنهن کان نہ ڊڄو، ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ ڍڪيل شيءِ ڪانهي جا ظاهر ٿيندي، نڪا اهڙي ڪا لڪل شيءِ آهي جا پڌري نہ ٿيندي.

27 جيڪي آئون اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٿو چوان سو اوهين روشنائيءَ ۾ چئجو. ۽ جيڪي اوهين ڪَن ۾ ٻُڌو سو کڏن تي پڪارجو.

28 ۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.

29 ٻہ جهرڪيون هڪ پئسي نہ ٿيون وڪامن ڇا؟ تہ بہ اُنهن مان هڪڙي بہ اوهان جي پيءُ جي مرضيءَ ڌاران زمين تي نہ ڪِرندي.

30 بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن.

31 تنهنڪري ڊڄو نہ، اوهين تہ ڪيترين ئي جهرڪين کان وڌيڪ آهيو.

32 تنهنڪري جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو اقرار ڪندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، اقرار ڪندس.

33 پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان منهنجو انڪاري ٿيندو، تنهن جو آئون بہ پنهنجي پيءُ جي اڳيان، جو آسمان ۾ آهي، انڪاري ٿيندس.

34 ائين نہ ڀانئيو تہ منهنجي اچڻ ڪري زمين تي امن ٿيندو، امن تہ نہ، پر ترار هلندي.

35 ڇالاءِ تہ منهنجي اچڻ ڪري ماڻهو پنهنجي پيءُ جي برخلاف ٿيندو، ۽ ڌيءَ پنهنجيءَ ماءُ جي برخلاف، ۽ ننهن پنهنجي سس جي برخلاف ٿيندي.

36 ۽ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر جا ڀاتي ٿيندا.

37 جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.

38 ۽ جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ايندو، سو منهنجي لائق نہ آهي.

39 جيڪو پنهنجي جان بچائڻ ٿو گهُري، سو اُها وڃائيندو، ۽ جيڪو پنهنجي جان منهنجي ڪاڻ وڃائي ٿو، تنهن کي اُها ملندي.

40 جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.

41 جيڪو ڪنهن نبيءَ کي نبي ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نبيءَ جو اجر ملندو، ۽ جيڪو ڪنهن راستباز کي راستباز ڄاڻي قبول ٿو ڪري، تنهن کي راستباز جو اجر ملندو.

42 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هنن ننڍڙن منجهان هڪڙي کي منهنجو شاگرد ڄاڻي رڳو ٿڌي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، سو ڪنهن بہ طرح پنهنجو اجر نہ وڃائيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan