ملاڪيءَ 4 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي. 2 پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا. 3 ۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا. 4 اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت، يعني اُهي حڪم ۽ فيصلا جي مون هن کي حورب ۾ اسرائيل جي لاءِ ڏنا، تن کي ياد رکو. 5 ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس. 6 ۽ هو پيءُ جي دل پٽ ڏانهن، ۽ پٽ جي پيءُ ڏانهن ڦيرائيندو؛ متان آءٌ اچان ۽ ملڪ تي لعنت وجهان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society