ملاڪيءَ 3 - Sindhi Bible1 ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو. 2 پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي: 3 ۽ هو سوناري وانگر ويهي بني لاويءَ کي سون ۽ چانديءَ وانگي پاڪ صاف ڪندو؛ تہ هو سچائيءَ سان خداوند جي حضور نذرانا آڻين. 4 تڏهن يروشلم ۽ يهوداہ جو نذرانو خداوند کي قبول پوندو، جيئن ڪ اڳين ڏينهن ۾ ۽ گذريل زماني ۾ هو. 5 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس. 6 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند ڦران نٿو؛ انهي ڪري، اي بني يعقوب، اوهين ناس نہ ٿي ويا آهيو. 7 اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجن حڪمن کان ڦري ويا آهيو، ۽ انهن جي تعميل نہ پئي ڪئي اٿوَ. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون وٽ موٽي اچو، ۽ آءٌ اوهان وٽ موٽندس. پر اوهين چئو ٿا تہ اسين ڪهڙي ڳالهہ ۾ موٽون؟ 8 ڪو ماڻهو خدا جي چوري ڪندو ڇا؟ تہ بہ اوهين منهنجي چوري ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي چوري ڪئي آهي؟ ڏهاڪيءَ ۽ نذرانن ۾. 9 انهي ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو؛ ڇالاءِ جو اوهين، بلڪ سڄي قوم مون کي ٺڳيو ٿا. 10 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي. 11 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جي خاطر ڳڙڪائيندڙن کي ڇينڀيندس، ۽ هو اوهان جي زمين جي پيدائش ناس نہ ڪندا، ۽ نڪي اوهان جي ڊاک جو ڦر ڪچو زمين تي ڪِرندو. 12 ۽ سڀ قومون اوهان کي خوشنود چونديون، ڇالاءِ جو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين هڪڙو وڻندڙ ملڪ ٿيندا. 13 خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟ 14 اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟ 15 ۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا. 16 تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو. 17 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي. 18 تڏهن اوهين موٽندا، ۽ شرير ۽ سچار جي وچ ۾، ۽ خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ بي دين جي وچ ۾ امتياز ڪندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society