Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ملاڪيءَ 2 - Sindhi Bible

1 هاڻي اي ڪاهن، اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي.

2 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.

3 ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا.

4 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ڄاڻندا تہ مون اهو حڪم اوهان تي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ منهنجو عهد اقرار لاويءَ جي گهراڻي سان قائم رهي.

5 هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.

6 سچائيءَ جي شريعت هن جي وات ۾ هئي، ۽ هن جي چپن تي ڪوڙ نہ هو: مون سان هو صلح ۽ سچائيءَ سان ٿي هليو، ۽ هن گهڻن ئي کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرايو.

7 ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.

8 پر اوهين راهہ کان ڦري نڪري ويا آهيو، ۽ اوهين شريعت جي لاءِ گهڻن ئي جي واسطي ٿاٻڙجڻ جو سبب ٿيا آهيو؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان لاويءَ جو عهد اقرار بگاڙيو آهي.

9 انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.

10 اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟

11 يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس.

12 خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري.

13 ۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو.

14 تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.

15 ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.

16 ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.

17 اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan