لوقا 8 - Sindhi Bible1 تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا، 2 ۽ ڪي زالون جي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇُٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، تن ۾ مريم، جا مگدليني ڪري سڏبي هئي، ۽ جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا سا، 3 ۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي. 4 پوءِ جڏهن وڏو ميڙاڪو اچي مڙيو، ۽ شهر شهر جا ماڻهو وٽس پئي آيا، تڏهن هڪڙو مثال ڏيئي چيائين: 5 تہ هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو، ۽ ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گس تي پيا؛ جي لتاڙجي ويا ۽ آسمان جا پکي اُهي چُڳي ويا. 6 ۽ ڪي ٽڪر تي ڪِريا؛ ۽ اڃا اُڀريا ئي ڪين تہ سُڪي ويا، ڇوتہ انهن کي وَٽَ ڪانہ هئي. 7 ۽ ٻيا ڪنڊين ۾ ڪِريا؛ ۽ ڪنڊيون، جي انهن سان گڏ اُڀريون، تن اُنهن کي گهُٽي وڌو. 8 ۽ ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪِريا؛ ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون. اهي ڳالهيون ڪندي وڏا واڪي چيائين، تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي. 9 ۽ سندس شاگردن پڇيس تہ هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟ 10 تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن. 11 هاڻي انهي مثال جو مطلب هي آهي: ٻج آهي خدا جو ڪلام. 12 جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين. 13 ۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن. 14 ۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين. 15 پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين. 16 ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ٿانوَ سان نٿو ڍڪي، نڪي کٽولي هيٺان ٿو رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي. 17 ڇالاءِ جو ڪي بہ لڪل نہ آهي جو پڌرو نہ ٿيندو، ۽ ڪي بہ ڳجهو نہ آهي، جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ ظاهر نہ ٿيندو. 18 تنهنڪري خبردار رهو، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ٿا ٻُڌو: ڇوتہ جنهن وٽ ڪي آهي تنهن کي ڏنو ويندو؛ ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان اُهو بہ کسي وٺبو جو هو ڀانئين تہ مون وٽ آهي. 19 ۽ سندس ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا، پر گوڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگهيا. 20 تنهن تي ڪن چيس، تہ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن، ۽ توکي گڏجڻ ٿا چاهين. 21 پر هنن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، جي خدا جو ڪلام ٿا ٻُڌن، ۽ اُن تي هلن ٿا. 22 ۽ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي ڀيري هيئن ٿيو، تہ هو پاڻ ۽ سندس شاگرد ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون: ۽ اهي ٻيڙي ڇوڙي اُٿي هليا. 23 ۽ اڃا پئي ويا تہ هن کي ننڊ اچي ويئي: ۽ ڍنڍ تي ڏاڍو واءُ اچي ڇٽڪيو؛ ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي، سو اُهي جان جي جوکي ۾ هئا. 24 تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي. 25 ۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟ 26 پوءِ اُهي گراسينين جي ملڪ ۾ وڃي پهتا، جو گليل جي سامهون آهي. 27 ۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو. 28 ۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي. 29 ڇوتہ هن انهي ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ: ڇالاءِ جو اڪثر اُهو ڀوت اُنهي کي اچي جهليندو هو، ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ نيئرن سان ٻَڌي قابو رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ڀڃي وجهندو هو، ۽ ڀوت کيس رڻ پٽ ۾ ڪاهي ويندو هو. 30 ۽ يسوع کانئس پڇيو، تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيو تہ ڪٽڪ، ڇوتہ گهڻن ڀوتن جو منجهس واسو هو. 31 ۽ اُنهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان کي اوڙاهہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏي. 32 هاڻي اُتي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ ٽڪر تي پئي چريو، پوءِ اُنهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان کي هنن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. تنهن تي هن کين موڪل ڏني. 33 پوءِ ڀوت اُنهي ماڻهوءَ مان نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا، ۽ اُهو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو، ۽ ٻُڏي مُئو. 34 ۽ چارڻ وارا اهو حال ڏسي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها خبر ٻڌايائون. 35 تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اُهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي: ۽ ڊپ وٺي وين. 36 ۽ جن اهو رنگ ڏٺو هو، تن اُنهن کي ٻڌايو، تہ ڪهڙيءَ طرح هي ڀوتاريل شخص چڱو ڀلو ٿيو. 37 ۽ گراسينين جي پاسي ڪنڌيءَ جي سڀني ماڻهن کيس منٿ ڪئي تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇوتہ انهن کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو هو: ۽ هو ٻيڙيءَ تي چڙهي موٽي ويو. 38 پر جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس عرض ڪيو تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي: پر هن کيس روانو ڪري چيو تہ 39 پنهنجي گهر موٽي وڃ، ۽ وڃي ٻُڌاءِ تہ خدا تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ پوءِ هو هليو ويو، ۽ وڃي سڄي شهر ۾ پڌرو ڪيائين تہ يسوع مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي. 40 ۽ جڏهن يسوع موٽي آيو، تڏهن ماڻهو هن کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، ڇوتہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي. 41 ۽ ڏسو، يائرس نالي هڪڙو ماڻهو جو عبادتخاني جو سردار هو، سو آيو، ۽ يسوع کي پيرين پئي عرض ڪيائينس تہ منهنجي گهر هل؛ 42 ڇوتہ هن جي سڪيلڌي نياڻي، جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن ورهيہ هئي، اُها مرڻ تي هئي. ۽ جيئن هو هلندو پئي ويو، تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا. 43 ۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس، 44 سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو. 45 تڏهن يسوع چيو تہ مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟ پوءِ جڏهن سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا، تڏهن پطرس ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن چيو، تہ سائين ميڙاڪا توتي ڳاهٽ پيا ٿين، ۽ توتي پيا ڪِرن. 46 پر يسوع چيو تہ ڪنهن تہ مون کي هٿ لاتو آهي، ڇوتہ مون سهي ڪيو تہ قدرت مون مان نڪتي آهي. 47 ۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس. 48 ۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ. 49 اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪنهن اچي چيو، تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي، هاڻي اُستاد کي تڪليف نہ ڏي. 50 پر يسوع هي ٻڌي کيس وراڻي ڏيئي چيو، تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک، تہ هوءَ بچي پوندي. 51 ۽ جڏهن اُنهي گهر ۾ آيو، تڏهن پطرس ۽ يوحنا ۽ يعقوب، ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن کي پاڻ سان اندر اچڻ نہ ڏنائين. 52 ۽ سڀني اُنهيءَ لاءِ پئي رُنو پِٽيو، پر هن چيو تہ روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر سُتي پيئي آهي. 53 پر هو مٿس کِلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جو خبر هُين تہ هوءَ مري ويئي آهي. 54 پر هن سندس هٿ جهلي سڏي چيو، تہ اي نينگر، اُٿ. 55 ۽ منجهس ساهہ وري اچي پيو، ۽ هوءَ يڪدم اُٿي ويٺي، ۽ هن حڪم ڏنو تہ ڪي کائڻ لاءِ ڏيوس. 56 ۽ هن جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي: پر هن تاڪيد ڪري چين تہ هي جيڪي ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society