Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 7 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن هو ماڻهن کي پنهنجون سڀ ڳالهيون ٻُڌائي چڪو، تڏهن ڪفرناحوم ۾ آيو.

2 ۽ هڪڙي صوبيدار جو نوڪر، جنهن سان هن جي ڏاڍي دل هئي، سو بيمار هو، ۽ مرڻ تي هو.

3 جڏهن هن يسوع بابت ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن يهودين جي بزرگن کي ڏانهنس موڪليائين، تہ منهنجي نوڪر کي اچي بچاءِ.

4 اُنهن يسوع وٽ اچي کيس ڏاڍو ليلائي چيو، تہ هو لائق ماڻهو آهي، تون مٿس اهو ٿورو ڪر:

5 ڇوتہ هو اسان جي قوم جو گهڻ گهرو آهي، ۽ پاڻ اسان کي اسان جو عبادتگاهہ جوڙائي ڏنو اٿس.

6 يسوع ساڻن گڏجي ويو، پر جڏهن گهر جي ويجهو آيو، تڏهن صوبيدار پنهنجن دوستن هٿان چوائي موڪليس، تہ اي خداوند، تڪليف نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ آئون انهيءَ لائق نہ آهيان جو تون منهنجي پَکي هيٺ اچين:

7 تنهنڪري نڪي مون پاڻ کي لائق سمجهيو تہ تو وٽ اچان؛ پر تون کڻي واتان ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي پوندو.

8 ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ سپاهي منهنجي حڪم ۾ آهن، ۽ هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو؛ ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ، تہ اچي ٿو؛ ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر، تہ ڪري ٿو.

9 يسوع اهو ٻُڌي هن تي عجب کاڌو، ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ مون هيڏو ايمان اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.

10 ۽ جيڪي وٽس موڪليا ويا هئا، سي جڏهن گهر موٽي آيا، تڏهن ڏٺائون تہ نوڪر چڱو ڀلو آهي.

11 تنهن کانپوءِ هيئن ٿيو جو هو نائين نالي شهر ڏانهن ويو، ۽ سندس شاگرد ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو ساڻس گڏ هو.

12 ۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا.

13 ۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.

14 ۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.

15 تنهن تي اُهو مڙدو اُٿي ويٺو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ هن کي کڻي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.

16 ۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.

17 ۽ سندس بابت اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ آس پاس واري سموري ملڪ ۾ چوڌاري هلي ويئي.

18 ۽ يوحنا جي شاگردن اهي سڀ ڳالهيون وڃي کيس ٻُڌايون.

19 تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟

20 اُنهن ماڻهن وٽس اچي چيو، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توکان پڇڻ لاءِ موڪليو آهي، تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟

21 اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين.

22 يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،

23 ۽ مبارڪ اهو آهي جو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.

24 ۽ جڏهن يوحنا جا قاصد هليا ويا، تڏهن هو ميڙاڪن کي يوحنا بابت چوڻ لڳو، تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

25 پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ اُچي پهريل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، ۽ عيش ۽ مزي ۾ ٿا گذارين، سي بادشاهي محلاتن ۾ هوندا آهن.

26 پر تڏهن ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا؟ نبيءَ کي؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

27 هي اُهو آهي جنهن بابت لکيل آهي، تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“

28 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪي بہ زال ذات مان ڄاول آهن، تن منجهان يوحنا کان ڪوبہ وڏو ڪونهي. انهي هوندي بہ خدا جي بادشاهي ۾ جيڪو ننڍو آهي، سو اُنهي کان وڏو آهي.

29 ۽ عام خلق جن اهو ٻُڌو تن، ۽ محصولي ٺيڪيدارن، يوحنا جي بپتسما وٺي خدا جا انصاف مڃيا.

30 پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.

31 سو هن زماني جي ماڻهن کي آئون ڪنهن سان مشابهت ڏيان؟ ۽ اُهي ڪنهن وانگر آهن؟

32 اُهي انهن ٻارن جي مثل آهن جي بازار ۾ ويهي، هڪ ٻئي کي سڏ ڪري ٿا چون تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين، اسان ماتم ڪيو، پر اوهان رُنو ئي ڪين.

33 ڇالاءِ تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ شراب پيئندو آيو، ۽ اوهين چئو ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.

34 ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست!

35 پر جيڪي دانائيءَ جا ٻار آهن، تن منجهان ئي دانائي سچي ثابت ٿي ٿئي.

36 ۽ فريسين مان هڪڙي عرض ڪيس، تہ مون وٽ هلي کاءُ. تڏهن هو فريسيءَ جي گهر ويو، ۽ کائڻ ويٺو.

37 تہ ڏسو اُنهي شهر جي هڪڙي زال جا گنهگار هئي، تنهن کي جڏهن سُڌ پئي تہ هو فريسيءَ جي گهر ماني ويٺو کائي، تڏهن سنگ مرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي.

38 ۽ سندس پيرن وٽ پٺيانئس بيهي ڳوڙها ڳاڙي، سندس پير ڌوئڻ لڳي ۽ پنهنجي مٿي جي وارن سان انهن کي اُگهيائين؛ ۽ سندس پير چُمي، انهن تي عطر مکيائين.

39 پوءِ جنهن فريسيءَ سندس دعوت ڪئي هئي سو هيءُ ڏسي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سهي ڪري ها، تہ هيءَ جا مون کي هٿ ٿي لائي سا ڪير آهي، ۽ ڪهڙي قسم جي زال آهي، جو هوءَ تہ گنهگار آهي.

40 تنهن تي يسوع اُنهي کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي شمعون، توکي ڪي چوڻو اٿم. هن چيو، تہ اُستاد بيشڪ چئو.

41 تنهن تي هن چيو، تہ هڪڙي لهڻيدار جا ٻہ قرضدار هئا، هڪڙي کي پنج سؤ دينار لهڻندو هو، ۽ ٻئي کي پنجاهہ.

42 پر وٽن هو ڪي بہ ڪين جو کڻي ڏينس، تنهنڪري ٻنهي کي کڻي معاف ڪيائين. هاڻي اُنهن ٻنهي مان کيس گهڻو پيار ڪير ڪندو؟

43 شمعون وراڻي ڏيئي چيو، تہ آئون ڀانيان ٿو تہ جنهن کي گهڻو معاف ڪيائين سو. تڏهن چيائينس، تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي.

44 ۽ اُنهيءَ زال ڏانهن منهن ڪري شمعون کي چيائين تہ هن زال کي ڏسين ٿو؟ آئون تنهنجي گهر آيس، تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر هن منهنجا پير پنهنجن ڳوڙهن سان ڌوتا، ۽ پنهنجن وارن سان اُگهيا آهن.

45 تو مون کي چُميو بہ ڪين، پر جيئن آئون آيو آهيان، تيئن هن منهنجن پيرن چُمڻ کان بس ئي نہ ڪئي آهي.

46 تو منهنجي مٿي تي تيل نہ مکيو، پر هن منهنجي پيرن تي عطر مکيو آهي.

47 انهي ڪري آئون توکي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ جي گهڻا آهن سي معاف ٿيا، ڇوتہ هن گهڻو پيار ڪيو آهي: پر جنهن کي ٿورو معاف ٿيو آهي، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.

48 ۽ اُنهيءَ زال کي چيائين، تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.

49 تڏهن جن ساڻس گڏ ويٺي کاڌو، سي پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي جو گناهہ بہ معاف ٿو ڪري؟

50 پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan