Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 6 - Sindhi Bible

1 ۽ هڪڙي سبت جي ڏينهن هيئن ٿيو جو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تڏهن سندس شاگرد سنگ پَٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.

2 فريسين مان ڪن چيو، تہ جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟

3 يسوع وراڻي ڏيئي چين تہ اوهان هيءُ بہ نہ پڙهيو آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي تڏهن هن ڇا ڪيو؟

4 جو خدا جي گهر ۾ وڃي، نذر جون مانيون، جن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ ٻيا جيڪي هئا، تن کي بہ ڏنائين؟

5 ۽ يسوع چين تہ ابن آدم سبت جو مالڪ آهي.

6 ۽ هيئن ٿيو جو ٻئي سبت جي ڏينهن هو عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو ساڄو هٿ سُڪل هو.

7 فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون.

8 پر هن کي سندن خيالن جي خبر هئي، سو سُڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيائين، تہ اُٿي وچ ۾ کڙو ٿي بيهہ، ۽ هو اُٿي کڙو ٿي بيٺو.

9 يسوع چين تہ آئون اوهان کان هڪڙي ڳالهہ ٿو پڇان، تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ يا مارڻ؟

10 ۽ اُنهن سڀني ڏانهن چوڌاري نهاري انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير، ۽ هن ائين ڪيو تہ هٿ ڇُٽي پيس.

11 پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟

12 ۽ اُنهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ هو جبل تي دعا گهُرڻ لاءِ ويو، ۽ ساري رات خدا کان دعا پئي گهُريائين.

13 ۽ جڏهن ڏينهن ٿيو تڏهن پنهنجن شاگردن کي سڏيائين، ۽ منجهانئن ٻارهن ڄڻا چونڊيائين، جن کي رسول پڻ ڪري ڪوٺيائين؛

14 يعني شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، ۽ يعقوب ۽ يوحنا، فلپس ۽ برتلمئي،

15 ۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا،

16 يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي جنهن جهلايس.

17 ۽ اُنهن سان گڏ هيٺ لهي هڪڙي ميدان ۾ اچي بيٺو، ۽ سندس شاگردن جي وڏي جماعت، ۽ سڄي يهوديہ ۽ يروشلم، ۽ صور ۽ صيدا جي سمنڊ جي ڀر مان ماڻهن جي وڏي خلق آئي، تہ سندس ڳالهيون ٻُڌن، ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين.

18 ۽ جيڪي ڀوتن کان ستايل هئا، سي ڇُٽي پيا.

19 ۽ سڄي ميڙاڪي جي مرضي هئي تہ هن کي هٿ لائيون، ڇالاءِ جو منجهانئس قدرت پئي نڪتي، ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.

20 پوءِ پنهنجن شاگردن ڏانهن نهاري چيائين، تہ مبارڪ آهيو اوهين غريب: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اوهان جي آهي.

21 مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي بکون ٿا ڪڍو: ڇالاءِ جو اوهين ڍائبا. مبارڪ آهيو اوهين، جي هاڻي روئو ٿا، ڇالاءِ جو اوهين کِلندا.

22 مبارڪ آهيو اوهين، جڏهن ابن آدم جي ڪري ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا، ۽ اوهان کي ڪڍي ڌار ڪندا، ۽ ڦٽ لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي نالي کي بڇڙو سمجهي رد ڪندا.

23 انهي ڏينهن اوهين سرها ٿجو، ۽ خوشيءَ وچان ٽپا ڏجو: جو ڏسو تہ آسمان ۾ اوهان جو اجر وڏو آهي: ڇو تہ هنن جا ابا ڏاڏا بہ نبين سان اهڙا ئي ساڳيا پار هليا هئا.

24 پر افسوس اوهان تي، جي دولتمند آهيو! ڇالاءِ جو اوهان کي پنهنجي تسلي ملي چڪي آهي.

25 افسوس اوهان تي، جي هينئر ڍاول آهيو! ڇالاءِ جو اوهين بکون ڪڍندا. افسوس اوهان تي، جي هاڻي کِلو ٿا! ڇالاءِ جو اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.

26 افسوس اوهان تي، جڏهن سڀ ماڻهو اوهان کي ساراهيندا! ڇالاءِ جو هنن جا ابا ڏاڏا بہ ڪوڙن نبين سان ائين ئي ڪندا هئا.

27 پر اوهين جي ٻُڌو ٿا تن کي آئون چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، جيڪي اوهان سان نفرت ڪن، تن سان ڀلائي ڪريو،

28 جيڪي اوهان کي پِٽين، تن جو خير گهرو، ۽ جيڪي اوهان سان جُٺيون ڪن، تن لاءِ دعا گهرو.

29 ۽ جيڪو هڪڙي ڳل تي لپاٽ هڻيئي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو ڪوٽ کڻي وڃي، تنهن کي پهراڻ کڻڻ کان بہ نہ جهل.

30 جيڪو گهريئي تنهن کي ڏي؛ ۽ جيڪو تنهنجو مال کڻي وڃي تنهن کان وري نہ گهُر.

31 ۽ جيئن اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان هلن، تيئن اوهين پڻ اُنهن سان هلو.

32 ۽ جيڪي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تن کي جي اوهين پيار ڪريو، تہ اُن لاءِ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڪيئن جو گنهگار بہ پنهنجن پيار ڪرڻ وارن کي پيار ٿا ڪن.

33 جيڪي اوهان سان ڀلائي ٿا ڪن، تن سان جي اوهان ڀلائي ڪئي، تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو جو گنهگار بہ ائين ئي ٿا ڪن.

34 ۽ جن کان وري وٺڻ جي اُميد اٿوَ، تن کي جيڪڏهن اُڌارو ڏنوَ تہ اوهان ڪهڙو ٿورو لهڻو؟ ڇو تہ گنهگار بہ گنهگارن کي اُڌارو ڏيندا آهن، تہ کانئن وري اوترو ئي موٽائي وٺن.

35 پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.

36 پوءِ جيئن اوهان جو پيءُ ٻاجهہ ڀريو آهي، تيئن اوهين بہ ٻاجهارا ٿيو.

37 ۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي:

38 ڏيندا رهو تہ اوهان کي بہ ٽمٽار ملندو، چڱو ماڻ دٻي دٻي، لوڏي لوڏي، وهندڙ ڪري اوهان جي جهول ۾ ڏيندا. ڇوتہ جنهن ماڻ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن ئي ماڻ سان موٽي اوهان کي مئجي ملندو.

39 ۽ هڪڙو مثال ڏيئي چيائين تہ انڌو، انڌي جو سونهون ٿي سگهندو ڇا؟ ٻئي ڪين وڃي کڏ ۾ ڪِرندا ڇا؟

40 شاگرد پنهنجي اُستاد کان مٿي نہ آهي، پر هرڪو، جڏهن ڪامل ٿيو، تڏهن پنهنجي اُستاد جهڙو ٿي پوندو.

41 ۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي، سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي، تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين؟

42 يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.

43 ڇوتہ ڪوبہ چڱو وڻ خراب ڦل نٿو ڏئي، نڪي وري خراب وڻ چڱو ڦل ٿو ڏئي.

44 ڇالاءِ تہ سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ڦل مان سڃاڻبو آهي ڇوتہ ماڻهو ڪنڊين مان انجير نٿا ڇنن، ۽ نڪي ڪانڊيرن مان ڊاک.

45 نيڪ ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪي چڱو آهي، سو ئي ڪڍي ٿو، ۽ خراب ماڻهو پنهنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آهي، سو ئي ٿو ڪڍي: ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندس، سو ئي وات مان ڪڍندو.

46 اوهين مون کي خداوند، خداوند، ڇو ٿا چئو، ۽ جيڪي ڳالهيون اوهان کي چوان ٿو سي نٿا ڪريو؟

47 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، ۽ منهنجو ڪلام ٻُڌي اُنهي تي هلي ٿو، سو ڪنهن جي مثل آهي:

48 اُهو اُنهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن گهر اڏائڻ مهل هيٺ اونهو کوٽيو، ۽ ٽڪر تي پيڙهہ وڌائين: ۽ جڏهن اُٿل آئي، تڏهن نئين اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا لاتا، ۽ اُن کي لوڏو ئي ڪين آيو، ڇوتہ سندس پيڙهہ ٽڪر تي هئي.

49 پر جيڪو ٻُڌي ٿو ۽ عمل نٿو ڪري، سو اُنهي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ کانسواءِ زمين تي گهر اڏايو، ۽ جڏهن نئين مٿس اچي سٽڪا لاتا، تڏهن اُهو يڪدم ڪِري پيو ۽ بلڪل برباد ٿي ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan