لوقا 3 - Sindhi Bible1 هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو، 2 ۽ حنا ۽ ڪائفا سردار ڪاهن هئا، تن ڏينهن ۾ خدا جو ڪلام زڪرياہ جي پٽ يوحنا تي رڻ پٽ ۾ نازل ٿيو. 3 ۽ هو يردن جي اوسي پاسي واري سموري ملڪ ۾ ويو، ۽ گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي بپتسما جي منادي ڪرڻ لڳو؛ 4 جيئن ڪ يسعياہ نبيءَ جي ڪلام جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، ”تہ رڻ پٽ ۾ هڪڙي منادي ڪرڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنيون ڪريو. 5 هرڪا ماٿري ڀرجي پوندي، ۽ هرڪو جبل ۽ ٽڪري هيٺ ڪئي ويندي، ۽ ڏنگا رستا سنوان ٿيندا، ۽ کڏن کوٻن واريون سڙڪون لسيون ٿي پونديون، 6 ۽ هرڪو انسان خدا جي نجات ڏسندو.“ 7 تڏهن جيڪي ماڻهن جا ميڙاڪا کانئس بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي چيائين، تہ اي نانگن جا ٻچا، ايندڙ غضب کان ڀڄڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي چتايو آهي؟ 8 تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي. 9 بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، تنهن کي وڍي باهہ ۾ وجهبو. 10 تنهن تي ميڙاڪن پڇيس، تہ تڏهن اسين ڇا ڪريون؟ 11 هن وراڻي ڏيئي چين، تہ جنهن وٽ ٻہ ڪوٽ هجن، سو جنهن وٽ نہ هجي تنهن کي ڏئي، ۽ جنهن وٽ کاڌو هجي سو بہ ائين ئي ڪري. 12 ۽ جڏهن محصولي ٺيڪيدار بہ بپتسما وٺڻ آيا ۽ چيائونس تہ اي اُستاد، اسين ڇا ڪريون؟ 13 تڏهن انهن کي چيائين تہ جيڪي اوهان کي ٺهرائي ڏنو اٿن، تنهن کان زيادہ ماڻهن کان پيڙي نہ وٺو. 14 ۽ سپاهين پڻ پڇيس تہ ڀلا اسين ڇا ڪريون؟ تن کي چيائين، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان زور زبردستي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن تي ڪوڙي تهمت آڻي ناحق وٺو، ۽ پنهنجي پگهار تي راضي رهو. 15 ۽ اُمت انتظار ۾ هئي، ۽ سڀني دل ۾ يوحنا بابت خيال پئي پچايا تہ متان هي تہ مسيح ڪينهي؛ 16 تہ يوحنا وراڻي ڏيئي اُنهن مڙني کي چيو، تہ آئون تہ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان؛ پر اُهو اچڻو آهي جو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو: 17 جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، تہ پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري، ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکي، پر بهہ کي اهڙي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آهي. 18 ۽ ٻيون بہ ڪيتريون نصيحتون ڏيئي ماڻهن کي خوشخبري ٻڌائيندو رهيو: 19 پر يوحنا، چوٿين ڀاڱي جي حاڪم هيروديس کي، سندس ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي ڳالهہ تان، ۽ جيڪي جيڪي برا ڪم ڪيا هئائين، تن سببان جهڻڪيو هو، 20 تنهنڪري هيروديس سڀ کان وڏي خرابي هيءَ ڪئي، جو هن کي کڻي قيد ۾ وڌائين. 21 پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن سڀيئي ماڻهو بپتسما وٺي چڪا، تڏهن يسوع بہ بپتسما وٺي دعا پئي گهُري، تہ آسمان کُلي پيو، 22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي شڪل ۾ مٿس اچي لٿو، ۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين؛ تو مان آئون گهڻو خوش آهيان. 23 ۽ جڏهن يسوع پاڻ بہ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر هيس، (۽ ماڻهن جي ليکي) يوسف جو پٽ هو، ۽ يوسف عيليءَ جو. 24 ۽ عيلي متات جو، ۽ اُهو ليويءَ جو، ۽ اُهو ملڪيءَ جو، ۽ اُهو ينا جو، ۽ اُهو يوسف جو، 25 ۽ اُهو متتياہ جو، ۽ اُهو عاموس جو، ۽ اُهو ناحوم جو، ۽ اُهو اسلياهہ جو، ۽ اُهو نوگہ جو، 26 ۽ اُهو ماعت جو، ۽ اُهو متتياہ جو، ۽ اُهو شمعيءَ جو، ۽ اُهو يوسيخہ جو، ۽ اُهو يوداہ جو، 27 ۽ اُهو يوحنا جو، ۽ اُهو ريسا جو، ۽ اُهو زروبابل جو، ۽ اُهو شئلتي ايل جو، اُهو نيريءَ جو، 28 ۽ اُهو ملڪيءَ جو، ۽ اُهو اديءَ جو، ۽ اُهو قوسام جو، ۽ اُهو المودام جو، ۽ اُهو عير جو، 29 ۽ اُهو يشوع جو، ۽ اُهو اليعزر جو، ۽ اُهو يوريم جو، ۽ اُهو متات جو، ۽ اُهو ليويءَ جو، 30 ۽ اُهو شمعون جو، ۽ اُهو يهوداہ جو، ۽ اُهو يوسف جو، ۽ اُهو يونان جو، ۽ اُهو الياقيم جو، 31 ۽ اُهو ملي آہ جو، ۽ اُهو مناہ جو، ۽ اُهو متتاہ جو، ۽ اُهو ناتن جو، ۽ اُهو دائود جو، 32 ۽ اُهو يشيءَ جو، ۽ اُهو عوبيد جو، ۽ اُهو بوعز جو، ۽ اُهو سلمون جو، ۽ اُهو نحشون جو، 33 ۽ اُهو عميناداب جو، ۽ اُهو ارني جو، ۽ اُهو حصرون جو، ۽ اُهو فارص جو، ۽ اُهو يهوداہ جو، 34 ۽ اُهو يعقوب جو، ۽ اُهو اسحاق جو، ۽ اُهو ابراهيم جو، ۽ اُهو تاراہ جو، ۽ اُهو ناحور جو، 35 ۽ اُهو سروج جو، ۽ اُهو رعو جو، ۽ اُهو فلج جو، ۽ اُهو عبر جو، ۽ اُهو شلح جو، 36 ۽ اُهو قينان جو، ۽ اُهو ارفڪسد جو، ۽ اُهو سم جو، ۽ اُهو نوح جو، ۽ اُهو لمڪ جو، 37 ۽ اُهو مٿوشلح جو، ۽ اُهو حنوڪ جو، ۽ اُهو يارد جو، ۽ اُهو مهلل ايل جو ۽ اُهو قينان جو، 38 ۽ اُهو انوش جو، ۽ اُهو سيت جو، ۽ اُهو آدم جو، ۽ اُهو خدا جو پٽ هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society