لوقا 24 - Sindhi Bible1 پر هفتي جي پهرئين ڏينهن ڍڪيءَ جو، جيڪي سرهاڻيون تيار ڪيون هئائون، سي کڻي قبر تي آيون. 2 ۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي. 3 ۽ جڏهن اندر گهڙيون، تہ ڏسن تہ خداوند يسوع جو لاش آهي ئي ڪونہ. 4 ۽ اڃا انهي ڪري هو وائڙيون ٿيون بيٺيون هيون، تہ ڏسو، ٻہ ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا. 5 تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6 هو هت ڪونهي، پر جي اُٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن اڃا هو گليل ۾ هو، تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين، 7 تہ ضروري آهي تہ ابن آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪن، ۽ صليب تي چاڙهين، ۽ هو ٽئين ڏينهن وري جي اُٿي. 8 ۽ هنن کي سندس ڳالهيون ياد آيون، 9 ۽ انهن قبر تان موٽي اچي هنن يارهن ۽ ٻين سڀني سان سڄو ذڪر ڪيو. 10 اُهي مريم مگدليني ۽ يوعانا، ۽ يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون بہ جيڪي اُنهن سان هيون، تن رسولن سان اهي ڳالهيون ڪيون. 11 پر هنن اهي ڳالهيون آکاڻيءَ طور ڪري ڀانئيون، ۽ کين اُهي اعتبار ۾ ئي ڪين آيون. 12 پر پطرس اُٿي قبر ڏانهن ڊوڙيو، ۽ نِوڙي اندر نهاريائين تہ ڏسي تہ رڳا ڪفن جا ڪپڙا پيا آهن؛ ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي عجب کائيندو گهر موٽيو. 13 ڏسو، اُنهي ساڳئي ڏينهن منجهانئن ٻہ ڄڻا، امائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جو يروشلم کان پوڻا چار ڪوهہ پري هو، 14 ۽ اهي سڀ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن بابت پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون. 15 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون ۽ سوال پئي پڇيائون، تہ يسوع پاڻ ويجهو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16 پر هنن جون اکيون روڪجي ويون هيون، جيئن هن کي نہ سڃاڻن. 17 ۽ هن چين تہ اوهين پاڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا پيا وڃو؟ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18 پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟ 19 ۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو. 20 ۽ ڪهڙيءَ طرح سردار ڪاهنن ۽ اسان جي حاڪمن کڻي جهلايس، تہ موت جي سزا مليس، ۽ صليب تي چاڙهيائونس. 21 پر اسان کي اُميد هئي تہ هن جي ئي هٿان اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو. انهن ڳالهين کي اڄ هي ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22 ٻيو تہ انهي کانسواءِ اسان منجهان ڪي زالون جي اسر جو قبر تي ويون هيون، تن تہ اسان کي حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، 23 جو جڏهن انهن سندس لاش نہ لڌو، تڏهن اچي چوڻ لڳيون تہ اسان کي ملائڪن پڻ ڏيکاري ڏني آهي، جن چيو ٿي تہ هو جيئرو آهي. 24 ۽ ڪي اسانجن سنگتين مان بہ قبر تي ويا هئا، ۽ جيئن زالن چيو هو، تيئن وڃي ڏٺائون؛ پر هو خود ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. 25 تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ! 26 ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟ 27 پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو. 28 ۽ جنهن ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، تنهن کي اچي اوڏو پيا، ۽ هن اهڙو رخ رکيو جو ڄڻ اڳتي وڃڻو اٿس. 29 تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو. 30 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين. 31 تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ سڃاتائونس؛ تہ ايتري ۾ هو نظر کان غائب ٿي وين. 32 تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟ 33 ۽ اوڏيءَ مهل هو اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يروشلم ڏانهن موٽي آيا، ۽ اچي ڏسن تہ اهي يارهن ۽ سندس ساٿي سڀ پاڻ ۾ مڙيا ويٺا آهن، 34 ۽ پيا چون تہ خداوند سچ پچ جي اُٿيو آهي، ۽ شمعون کي پاڻ ڏيکاريو اٿس. 35 تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين. 36 ۽ اڃا هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 37 پر هو دهلجي ويا، ۽ ڊپ وٺي وين؛ ۽ ڀانيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38 هن چين تہ ڇو مُنجهي پيا آهيو، ۽ اوهان جي دل ۾ ڇو پيا دليل جاڳن؟ 39 منهنجا هٿ ۽ پير ڏسو، تہ آئون اُهوئي آهيان؛ هٿ لائي ڏسوم؛ ڇالاءِ تہ جهڙا هڏا ۽ گوشت مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن. 40 ۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريائين. 41 ۽ اڃا هنن کي خوشيءَ وچان اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ حيرت ۾ هئا، تہ هن چين تہ اوهان وٽ هتي ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟ 42 تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو ڏنس، 43 ۽ اُهو وٺي سندن اڳيان ويهي کاڌائين. 44 پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو. 45 پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ. 46 ۽ چوڻ لڳن تہ هيئن لکيل آهي تہ مسيح ڏک سهي، ۽ ٽئين ڏينهن مُئلن مان جي اُٿي، 47 ۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي. 48 اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49 ۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو. 50 ۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين. 51 ۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو. 52 ۽ هنن کيس سجدو ڪيو، ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان يروشلم ۾ موٽي آيا. 53 ۽ هر دم هيڪل ۾ وڃي خدا جي تعريف ڪندا رهيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society