لوقا 22 - Sindhi Bible1 هاڻي فطيري عيد، جنهن کي فسح ٿا چون، سا ويجهي آئي. 2 ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري وجهون، ڇو جو اُهي خلق کان ڊنا ٿي. 3 ۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو. 4 ۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري. 5 تنهن تي هنن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ کيس پيسن ڏيڻ جو واعدو ڪيائون. 6 ۽ هن قبول ڪيو، ۽ وجهہ پئي ڳوليائين تہ جڏهن ماڻهو نہ هجن، تڏهن هن کي سندن حوالي ڪريان. 7 پوءِ فطيري عيد جو ڏينهن آيو، جنهن ڏينهن فسح جي قرباني چاڙهڻ ضرور هو. 8 تڏهن يسوع پطرس ۽ يوحنا کي موڪليو، تہ وڃي فسح تيار ڪن تہ کائين. 9 هنن چيس تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي تہ اسين ڪٿي تيار ڪريون؟ 10 ۽ اُنهن کي چيائين تہ ڏسو، شهر ۾ گهڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو، جو دلو پاڻيءَ جو کنيو پيو ايندو، پوءِ جنهن گهر ۾ هو گهڙي وڃي، تنهن ۾ اوهين بہ پٺيانئس وڃجو، 11 ۽ گهر جي مالڪ کي چئجو تہ اُستاد چوي ٿو تہ مهمان خانو ڪٿي آهي، تہ آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟ 12 ۽ هو اوهان کي ماڙيءَ تي هڪ وڏي ڪوٺي سينگاريل ڏيکاريندو؛ اُتي تياري ڪجو. 13 پوءِ هو روانا ٿيا، ۽ جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ هنن فسح تيار ڪيو. 14 ۽ جڏهن اُها گهڙي آئي، تڏهن هو رسولن سان گڏجي ويٺو. 15 ۽ هنن کي چيائين، تہ منهنجي ڏاڍي دل آهي تہ آئون ڏکن سهڻ کان اڳي اوهان سان گڏجي هيءُ فسح کان. 16 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين اُهو خدا جي بادشاهت ۾ پورو نہ ٿئي، تيسين آئون اُهو وري ڪين کائيندس. 17 ۽ هن پيالو کڻي شڪر ڪري چيو، تہ وٺي پاڻ ۾ ورهايو؛ 18 ڇو جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيسين ڪ خدا جي بادشاهت نہ اچي، تيسين آئون ڊاک جي رس مان اڄ کانپوءِ ڪين پيئندس. 19 پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري اُها ڀڳائين، ۽ هنن کي ڏيئي چيائين، تہ هيءُ منهنجو بدن آهي، جو اوهان لاءِ ڏنو ٿو وڃي، منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ئي ڪندا رهجو. 20 ۽ ساڳيءَ ريت کائڻ کانپوءِ پيالو کڻي چيائين تہ هيءُ پيالو منهنجي رت ۾ اُهو نئون عهد آهي، جو اوهان لاءِ وهائجي ٿو. 21 پر ڏسو، جيڪو مون کي جهلائي ٿو، تنهن جو هٿ مون سان گڏ ميز تي آهي. 22 پر جيئن ابن آدم لاءِ ٺهرايل آهي، تيئن هو سچ پچ وڃي ٿو، پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان هو جهلجي ٿو وڃي! 23 ۽ اهي پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ اسان مان اهو ڪير آهي جو ههڙو ڪم ڪندو؟ 24 ۽ منجهن اهو بہ تڪرار ٿيو تہ اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو. 25 هن چين تہ غير قومن جا بادشاهہ مٿن حڪم ٿا هلائين، ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ڀلائي ڪندڙ سڏبا آهن. 26 پر اوهين انهن وانگر نہ ٿجو، مگر جيڪو اوهان ۾ وڏو هجي، سو پاڻ کي ننڍو ڪري، ۽ جيڪو سردار هجي سو انهيءَ وانگر ٿئي جو خدمت ٿو ڪري. 27 ڇالاءِ جو وڏو ڪير آهي، جيڪو کائڻ ٿو ويهي، يا جيڪو خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو ڪينهي جيڪو کائي ويٺو؟ پر آئون اوهان منجهہ انهيءَ وانگر آهيان جو خدمت ٿو ڪري. 28 پر اوهين اُهي آهيو جي منهنجين آزمائشن ۾ مون سان گڏ رهندا آيا آهيو. 29 ۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهت مقرر ڪئي آهي، تيئن آئون بہ اوهان لاءِ بادشاهت مقرر ٿو ڪريان، 30 تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا. 31 اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي: 32 پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج. 33 تنهن تي هن چيس، تہ اي خداوند، آئون توسان قيدخاني ۾، بلڪ موت تائين هلڻ لاءِ تيار آهيان. 34 پر هن چيو تہ اي پطرس، آئون توکي چوان ٿو تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين تہ آئون هن کي سڃاڻان ئي ڪين. 35 ۽ هن چين تہ جڏهن مون اوهان کي بنا ڳوٿريءَ ۽ بنا جهوليءَ، يا بنا جُتيءَ موڪليو، تڏهن ڪنهن شيءِ جي اوهان کي گهٽتائي ٿي ڇا؟ هنن چيو تہ نہ. 36 تڏهن چيائين، تہ ڀلا هاڻي جنهن کي ڳوٿري هجي سو اُها کڻي، ۽ پڻ جهولي بہ. ۽ جنهن کي ترار نہ هجي، سو پنهنجو چوغو وڪڻي بہ اُها ڳنهي. 37 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو. 38 ۽ هنن چيو تہ اي خداوند، اِجهو هتي ٻہ تراريون آهن. هن چيو تہ اهي بس آهن. 39 پوءِ هو ٻاهر نڪري آيو، ۽ پنهنجي دستور موجب زيتون واري ٽڪر تي ويو، ۽ شاگرد بہ پٺيانئس ويا. 40 ۽ جڏهن هو اُنهي هنڌ آيو، تڏهن چيائين تہ دعا گهُرو متان آزمائش ۾ پئو. 41 پوءِ کانئن پهڻ جي اُڇل جيترو پنڌ جدا ٿي، گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو تہ 42 اي بابا، جي تنهنجي مرضي هجي تہ هيءُ پيالو مون کان ٽاري ڇڏ، تنهن هوندي بہ منهنجي مرضي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي. 43 ۽ اُتي آسمان مان هڪڙي ملائڪ کيس ڏيکاري ڏني، ۽ اُهو ڏڍ ڏيڻ لڳس. 44 ۽ هو ڏاڍي تڪليف ۾ هئڻ سبب زيادہ گرميءَ سان دعا گهُرڻ لڳو، ۽ سندس پگهر رت جي وڏن ڦڙن وانگر ٿي زمين تي ٽمڻ لڳو. 45 ۽ جڏهن دعا تان اُٿيو، تڏهن شاگردن وٽ آيو، ۽ ڏٺائين تہ ڏک جي ڪري سمهيا پيا آهن، 46 ۽ چيائين، تہ سمهيا ڇو پيا آهيو؟ اُٿي دعا گهُرو، متان آزمائش ۾ پئو. 47 اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، هڪڙي ٽولي اچي سهڙي ۽ اُنهن ٻارهن منجهان اُهو، جنهن کي يهوداهہ ڪري سڏيندا هئا، سو سندن اڳيان پئي آيو. ۽ هو ويجهو آيو تہ يسوع کي چُمي؛ 48 پر يسوع چيس تہ اي يهوداهہ، تون ابن آدم کي چُمي ڏيئي ٿو جهلائين ڇا؟ 49 پوءِ جڏهن سندس ساٿين ڏٺو تہ هاڻي ڇا ٿيندو، تڏهن چيائون تہ اي خداوند، اسين ترار هلايون؟ 50 ۽ اُنهن مان هڪڙي سردار ڪاهن جي نوڪر کي ڌڪ هڻي سندس ساڄو ڪَن وڍي وڌو. 51 پر يسوع جواب ڏيئي چيو تہ بس ٺهيو! پوءِ هن جي ڪَن کي هٿ لائي ڇُٽائي ڇڏيائينس. 52 تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟ 53 جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي. 54 پوءِ هو جهلي وٺي ويس، ۽ سردار ڪاهن جي گهر وٺي آيس. پر پطرس پريان پريان پٺيان پئي آيو؛ 55 ۽ جڏهن اُهي اڱڻ جي وچ ۾ باهہ ٻاري گڏ ويٺا هئا، تڏهن پطرس بہ سندن وچ ۾ اچي ويٺو. 56 ۽ هڪڙي نوڪرياڻيءَ باهہ جي سوجهري تي ويٺو ڏٺس، ۽ چتائي نهاري چيائين تہ هيءُ ماڻهو بہ هن سان هو. 57 پر هن الي چيو، تہ اي مائي، آئون تہ سڃاڻانس بہ ڪين. 58 ۽ ٿوري دير کانپوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس، تنهن چيو تہ تون بہ تہ انهن مان آهين. پر پطرس چيو تہ ادا، آئون نہ آهيان. 59 وري ڪلاڪ کن کانپوءِ ڪنهن ٻئي يقين سان چيو، تہ سچ پچ هي شخص بہ هن سان هو، ڪيئن جو هو گليلي آهي. 60 پطرس چيو تہ ادا، آئون تہ سمجهان ئي نٿو تہ تون ڇا ٿو چوين. ۽ اُنهي دم اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61 ۽ خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو، تنهن تي پطرس کي خداوند جي ڳالهہ ياد آئي، جو چيو هئائينس تہ اڄ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي ٽي ڀيرا تون منهنجو انڪار ڪندين. 62 ۽ هو ٻاهر نڪري ويو، ۽ وڃي زار زار رنائين. 63 پوءِ جن ماڻهن يسوع کي پڪڙيو هو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ماريائونس پئي. 64 ۽ سندس اکيون ٻَڌي پئي پڇيائونس، تہ نبوت ڪري ٻڌاءِ تہ ڪنهن توکي ڌڪ هنيو؟ 65 ۽ گاريون ڏيئي ڪيترا سخن ڳالهايائونس. 66 ۽ اڃا ڏينهن ٿيو ئي ڪين، تہ اُمت جا بزرگ، يعني سردار ڪاهن ۽ فقيهہ اچي گڏ ٿيا ۽ هن کي پنهنجي صدر مجلس ۾ وٺي ويا، ۽ چيائونس تہ 67 جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي ٻُڌاءِ. پر هن چين تہ جي ٻُڌائيندوسانوَ تہ اوهين مڃيندا ئي ڪين؛ 68 ۽ جي پڇندوسانوَ تہ جواب ئي ڪونہ ڏيندا. 69 پر هن کانپوءِ ابن آدم خدا جي قدرت جي ساڄي پاسي ويهندو. 70 پوءِ اُهي سڀيئي چوڻ لڳا تہ تڏهن تون خدا جو پٽ آهين ڇا؟ هن چين تہ اوهان پاڻ ويٺا چئو تہ آئون آهيان. 71 تنهن تي هو چوڻ لڳا تہ اسان کي وڌيڪ شاهديءَ جي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڇالاءِ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻُڌو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society