لوقا 21 - Sindhi Bible1 پوءِ جڏهن هن مٿي نهاريو، تہ ڏٺائين تہ شاهوڪار ماڻهو هيڪل جي خزاني ۾ پنهنجا نذرانا پيا وجهن. 2 ۽ هڪ غريب بيوهہ زال کي ان ۾ ٻہ دمڙيون وجهندو ڏٺائين. 3 تنهن تي هن چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن سڀني کان هن غريب بيوهہ زال وڌيڪ وڌو آهي. 4 ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهُرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان ڏنو اٿن: پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ پنهنجي سموري ڪمائي کڻي وڌي. 5 ۽ ڪي هيڪل جي بابت چوڻ لڳا تہ ڪهڙن نہ عمدن پهڻن ۽ نذران جي شين سان سينگاريل آهي، تنهن تي هن چيو تہ 6 اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن هي شيون جي اوهين ڏسو ٿا، تن مان پهڻ، پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو. 7 تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟ 8 هن چيو تہ سنڀالجو، متان گمراهہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو گهڻا منهنجي نالي اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان ۽ وقت ويجهو آيو آهي: پر اوهين متان انهن جي پٺيان وڃو. 9 ۽ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ، ڇو جو پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي. 10 پوءِ چيائين تہ قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، 11 ۽ ڏاڍا زلزلا ٿيندا، ۽ هنڌ هنڌ ڏڪار ۽ وبائون پونديون؛ آسمان مان هيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاهر ٿيندا. 12 پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا. 13 انهي جو نتيجو اوهان لاءِ شاهدي ڏيڻ جو موقعو ٿيندو. 14 تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ ٺهرائي ڇڏيو، تہ اسين اڳ ۾ ئي فڪر نہ ڪنداسين تہ ڪهڙو جواب ڏيون؛ 15 ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي. 16 پر اوهان جا پيئر، مائر، ڀائر، مٽ مائٽ، ۽ سڄڻ بہ اوهان کي جهلائيندا؛ بلڪ اوهان مان ڪن کي مارائي ڇڏيندا؛ 17 ۽ منهنجي نالي ڪري سڀ ماڻهو اوهان سان نفرت ڪندا. 18 پر اوهان جي مٿي جو هڪ وار بہ ونگو نہ ٿيندو. 19 اوهين پنهنجي صبر سان پنهنجي جان بچائيندا. 20 پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي. 21 پوءِ جيڪي يهوديہ ۾ هجن سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن، ۽ جيڪي شهر جي وچ ۾ هجن سي ٻاهر نڪري وڃن، ۽ جيڪي ٻهراڙيءَ ۾ هجن سي اندر شهر ۾ نہ گهڙن. 22 ڇالاءِ جو اُهي بدلي وٺڻ جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن سي سڀيئي پوريون ٿين. 23 افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي اُنهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! ڇالاءِ تہ زمين تي وڏي آفت ايندي، ۽ هن اُمت تي غضب اچي پوندو. 24 ۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي. 25 ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون. 26 جيڪي آفتون زمين تي اچي نازل ٿينديون، تن جي اُلڪي ۾ ڊپ کان ماڻهن جو ساهہ ئي سُڪي ويندو، ڇالاءِ جو آسمان جون طاقتون ڏڪي وينديون. 27 تڏهن اُهي ابن آدم کي قدرت ۽ شان شوڪت سان ڪڪر ۾ ايندو ڏسندا. 28 پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي. 29 ۽ هن هڪڙو مثال ڏيئي چين، تہ انجير جو وڻ ۽ ٻيا سڀيئي وڻ ڏسو؛ 30 هاڻي جڏهن اُهي مورجن ٿا، تڏهن اوهين ڏسي سهي ٿا ڪريو، تہ اونهارو ويجهو آيو آهي. 31 تهڙيءَ طرح جڏهن اوهين هي ڳالهيون ٿينديون ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 32 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين سڀيئي ڳالهيون پوريون ڪين ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي. 33 آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪين ٽرندو. 34 مگر خبردار ٿجو تہ متان اوهان جون دليون هٻڇ، ۽ نشي، ۽ هن حياتيءَ جي فڪر ۾ ڦاسي پون، ۽ اُهو ڏينهن اوهان تي ڄار وانگر اچي ڪڙڪي: 35 ڇالاءِ جو اُهو ساريءَ دنيا جي سڀني رهاڪن تي اچي ڪڙڪندو. 36 پر اوهين هر وقت سجاڳ رهو ۽ دعا گهُرو تہ اهي جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ جي طاقت مليوَ، ۽ ابن آدم جي حضوريءَ ۾ بيهي سگهو. 37 ۽ هو روز ڏينهن جو هيڪل ۾ تعليم ڏيندو هو، ۽ رات جو ٻاهر نڪري زيتون جي ٽڪر تي وڃي ٽڪندو هو. 38 ۽ سڀيئي ماڻهو صبح جو سوير هيڪل ۾ سندس ڳالهيون ٻڌڻ ايندا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society