Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 20 - Sindhi Bible

1 ۽ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو هن ماڻهن کي هيڪل ۾ ويٺي تعليم ڏني، ۽ انجيل جي منادي پئي ڪيائين؛ تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ، بزرگن سان گڏجي وٽس آيا.

2 ۽ چيائونس تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان تون اِهي ڪم ٿو ڪرين؟ اُهو ڪير آهي جنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟

3 هن جواب ڏيئي چيو، تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو مون کي ٻُڌايو،

4 تہ يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟

5 تڏهن اُهي پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا تہ جي ٿا چئون آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيوَ؟

6 پر جي ٿا چئون ماڻهن کان، تہ ساري خلق اسان کي سنگسار ڪندي؛ ڇالاءِ جو هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا نبي هو.

7 تڏهن هنن جواب ڏنو تہ اسان کي خبر ڪانهي تہ ڪٿان هئي.

8 تنهن تي يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.

9 پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.

10 ۽ مند تي هڪڙي نوڪر کي آبادگارن وٽ موڪليائين، تہ کانئن ڊاک جي ميوي جو حصو وٺي اچي، پر آبادگارن هن کي مار ڏيئي سکڻي هٿ ڪڍي ڇڏيو.

11 تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو، تنهن کي بہ مار ڏيئي ۽ جُٺ ڪري، خالي هٿين ڪڍي ڇڏيائون.

12 تڏهن هن ٽيون بہ موڪليو، ۽ اُنهيءَ کي بہ ڦٽي هڪالي ڪڍي ڇڏيائون.

13 تڏهن باغ جي مالڪ چيو تہ ڪريان سو ڪريان ڇا؟ هاڻ پنهنجو پيارو پٽ ٿو موڪليان، تہ من انهي جي عزت رکن.

14 پر جڏهن آبادگارن اُنهي کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ پهہ پچائڻ لڳا تہ هيءُ وارث آهي؛ اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ ورثو ئي اسان جو ٿئي.

15 پوءِ هن کي باغ کان ٻاهر ڪڍي ماري وڌائونس.

16 هاڻي باغ جو مالڪ اُنهن کي ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. جڏهن هنن اهو ٻُڌو تڏهن چوڻ لڳا، تہ خدا خير ڪري!

17 پر هنن ڏانهن نهاري چيائين تہ هي جيڪي لکيل آهي، سو تڏهن ڇا آهي، تہ ”جنهن پهڻ کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو“؟

18 جيڪو اُنهي پهڻ تي ڪِرندو، سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.

19 ۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.

20 پوءِ هو هن کي اک ۾ رکندا آيا، ۽ جاسوس موڪليائون تہ ٻاهر سچار بنجي هن کي سندس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين، تہ حاڪم جي قبضي ۽ اختياريءَ ۾ ڏينس.

21 ۽ اُنهن پڇيس، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون جيڪي چئين ۽ سيکارين ٿو، سو برابر آهي ۽ ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪرين، پر خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين:

22 اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟

23 پر هن سندن فريب سهي ڪري چيو تہ

24 مون کي دينار ڏيکاريو، انهي تي ڪنهن جي شڪل ۽ ڪنهن جا اکر آهن؟ هنن چيو تہ قيصر جا.

25 تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي.

26 ۽ هو ماڻهن جي اڳيان هن کي سندس ڳالهين ۾ جهلي نہ سگهيا، ۽ کين سندس هن جواب تي ڏاڍو عجب لڳو ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.

27 پوءِ ڪي صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ،

28 تن سوال پڇيس، تہ اي اُستاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بنا اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي، تہ انهيءَ لاءِ اولاد پيدا ٿئي.

29 هاڻي هڪڙا ست ڀائر هئا، پهريون زال پرڻجي بنا اولاد مري ويو،

30 ٻيو بہ ائين،

31 ۽ ٽيون بہ اُنهي سان پرڻيو، ۽ اهڙيءَ طرح ست ئي بنا اولاد مري ويا.

32 آخر زال بہ مري ويئي.

33 پوءِ قيامت ۾ اُنهن مان اُها ڪنهن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا.

34 يسوع چين تہ هن دنيا جا ٻار پرڻبا ۽ پرڻائبا آهن،

35 پر جيڪي انهي لائق آهن تہ ايندڙ جهان ملين، ۽ قيامت ۾ جي اُٿن، سي نڪي پرڻبا نڪي پرڻايا ويندا آهن،

36 ڇالاءِ تہ اُهي وري ڪڏهن مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اُهي ملائڪن جهڙا آهن، ۽ قيامت جا ٻار ٿيڻ سببان خدا جا ٻار آهن.

37 پر مردا جي ٿا اُٿن، سو تہ موسيٰ پاڻ ٻوٽي واري بيان ۾ ڏيکاري ويو آهي، جنهن مهل هو خداوند کي ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا ڪري ٿو سڏي.

38 هاڻي هو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي؛ ڇالاءِ جو سڀيئي هن جي اڳيان جيئرا آهن.

39 ۽ ڪن فقيهن جواب ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي.

40 ڇالاءِ تہ هنن کي همت ئي ڪانہ ٿي، جو کانئس وڌيڪ سوال کڻي پڇن.

41 ۽ هن چين تہ اُهي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو پٽ آهي؟

42 ڇو جو دائود پاڻ زبور جي ڪتاب ۾ چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو، تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،

43 جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجن پيرن جي صندلي ڪريان.“

44 سو جڏهن دائود کيس خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟

45 ۽ سڀني ماڻهن جي ٻُڌندي هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ

46 فقيهن کان سنڀالجو جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، ۽ عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون، ۽ مجلسن ۾ خاص جڳهون ملن.

47 جي بيوهہ زالن جا گهر ئي هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڊگهيون ڊگهيون نمازون ٿا پڙهن: اُنهن کي وڌيڪ سزا ملندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan