Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 18 - Sindhi Bible

1 ۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،

2 تہ ڪنهن شهر ۾ هڪڙو قاضي هو، جنهن کي نہ هو خدا جو خوف، ۽ نہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ.

3 ۽ اُنهي شهر ۾ هڪ بيوهہ زال رهندي هئي. سا بار بار وٽس اچي چوندي هئي، تہ منهنجو انصاف ڪر ۽ مدعيءَ کان بچائيم.

4 ۽ هن ڪجهہ وقت تہ هن جي ڪين اُنائي: پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيتوڻيڪ مون کي نڪو خدا جو ڊپ آهي نہ ڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ؛

5 تہ بہ هيءَ زال مون کي ستائي ٿي، تنهنڪري آئون سندس انصاف ڪندس، تہ متان بار بار اچي منهنجي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏي.

6 تڏهن خداوند چيو تہ ٻُڌو، تہ هيءُ بي انصاف قاضي ڇا ٿو چوي.

7 پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟

8 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. تہ بہ جڏهن ابن آدم ايندو، تڏهن زمين تي ايمان ڏسندو ڇا؟

9 ۽ ڪي شخص جن کي پاڻ تي باور هو تہ اسين راستباز آهيون، ۽ ٻين سڀني کي ڪين جهڙو ڪري ليکيندا هئا، تن کي هيءُ بہ مثال ڏنائين:

10 تہ ٻہ ڄڻا هيڪل ۾ دعا گهرڻ ويا، هڪڙو فريسي هو ۽ ٻيو محصولي ٺيڪيدار.

11 فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.

12 آئون هفتي ۾ ٻہ لڱا روزو ٿو رکان، ۽ ڪمائيءَ جو ڏهون حصو خيرات ٿو ڪريان.

13 پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.

14 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هو ٻيو ماڻهو نہ، پر هيءُ راستباز ٿي گهر موٽيو: ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري سو هيٺ ڪيو ويندو، پر جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري سو مٿي ڪيو ويندو.

15 هاڻي هو پنهنجن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، تہ هو انهن تي هٿ رکي: پر شاگردن اهو ڏسي هنن کي ڇينڀيو.

16 پر يسوع هنن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ننڍن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ کين منع نہ ڪريو، ڇالاءِ تہ خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.

17 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهت ننڍڙي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح اُنهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.

18 ۽ هڪڙي سردار اچي پڇيس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟

19 يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ نيڪ تہ ڪوبہ ڪونهي، سواءِ هڪڙي جي، يعني خدا جي.

20 توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.

21 هن چيو تہ آئون ننڍپڻ کان وٺي انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان.

22 ۽ جڏهن يسوع هي ٻُڌو، تڏهن چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي، جيڪي اٿيئي سو سڀ وڪڻي غريبن کي ورهائي ڏي، تہ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: پوءِ اچي منهنجي پٺيان هل.

23 پر جڏهن هن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿيو؛ ڇو جو هو ڏاڍو شاهوڪار هو.

24 ۽ يسوع هن کي ڏسي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين!

25 دولتمند ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ، تنهن کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي.

26 ۽ جن اهو ٻُڌو تن چيو، تہ تڏهن ڪير بچي سگهندو؟

27 پر هن چيو تہ جي ڳالهيون ماڻهن کان ٿي نہ ٿيون سگهن، سي خدا کان ٿي سگهنديون.

28 پطرس چيو تہ ڏس، اسين پنهنجو گهر ٻار ڇڏي تنهنجي پٺيان آيا آهيون.

29 هن چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن خدا جي بادشاهت جي لاءِ گهر، يا زال، يا ڀائر، يا ماءُ پيءُ، يا ٻار ڇڏيا هجن،

30 تہ اُنهي کي هن زماني ۾ ڳچ جيترو زيادہ نہ ملي، ۽ ايندڙ جهان ۾ هميشہ جي زندگي.

31 ۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.

32 ڇالاءِ جو هو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ ساڻس جُٺيون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا:

33 ۽ چهبڪ هڻندس، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽئين ڏينهن هو وري جي اُٿندو.

34 پر هنن کي انهن ڳالهين مان ڪابہ سمجهہ ۾ ڪين آئي، ۽ اها ڳالهہ کانئن ڳجهي رهي، ۽ جيڪي ڳالهيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پيئي.

35 ۽ هيئن ٿيو، جو جڏهن هو يريحو جي ويجهو آيو، تہ هڪڙي انڌي ماڻهوءَ رستي جي ڀر ۾ ويٺي پنيو:

36 ۽ ميڙاڪي جي لنگهڻ جو گوڙ ٻُڌي پڇيائين تہ هي ڇا آهي؟

37 ۽ هنن چيس تہ يسوع ناصري ٿو لنگهي.

38 تڏهن هن واڪو ڪري چيو، تہ اي يسوع، ابن دائود، مون تي رحم ڪر.

39 ۽ جيڪي اڳيان پئي ويا، تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ هيڪاري وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.

40 تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ حڪم ڏنائين تہ مون وٽ وٺي اچوس. ۽ جڏهن هو ويجهو آيو، تڏهن پڇيائينس تہ

41 تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ آئون تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ هن چيو تہ اي خداوند، هيءُ تہ مون کي ديد ملي.

42 يسوع چيس تہ ديد وٺ: تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو.

43 ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan