لوقا 17 - Sindhi Bible1 ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ اها اڻ ٿيڻي آهي تہ گمراهہ ٿيڻ جا سبب نہ اچن؛ پر افسوس آهي اُنهي تي، جنهن جي ڪري اهڙا سبب پيدا ٿا ٿين! 2 هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي. 3 سنڀالجو، جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ ڪو ڏوهہ ڪري تہ ڇينڀينس؛ ۽ جي توبهہ ڪري تہ معاف ڪرينس. 4 ۽ جي هو ڏينهن ۾ ست دفعا تنهنجو ڏوهہ ڪري، ۽ ست دفعا تو وٽ موٽي اچي چوي تہ مون توبهہ ڪئي، تہ اُن کي معاف ڪج. 5 ۽ رسولن خداوند کي چيو تہ اسان جو ايمان وڌاءِ. 6 خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو. 7 پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛ 8 پر اُٽلندو هيئن ڪين چوندس، تہ منهنجي رات جي ماني تيار ڪر، ۽ جيسين آئون کائي پي وٺان، تيسين ڪمر ڪشي منهنجو ڪم ڪار ڪر، ۽ پوءِ وڃي تون کاءُ پيءُ؟ 9 هاڻي هن جو سندس حڪم موجب ڪيو، تنهنڪري هو نوڪر جو ٿورو مڃيندو ڇا؟ 10 ساڳيو انهيءَ ريت اوهين بہ، جن ڪمن جو اوهان کي حڪم ڪيل آهي، سي سڀ جڏهن ڪري چڪو، تڏهن چئو تہ اسين نڪما نوڪر آهيون؛ جنهن ڪم ڪرڻ جو اسان تي فرض هو، سو ئي ڪيو اٿئون. 11 ۽ هيئن ٿيو، تہ يروشلم ڏانهن ويندي هو سامريہ ۽ گليل جي وچان اچي لنگهيو. 12 ۽ هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو تہ ڏهہ ڪوڙهيا گڏيس، جن پريان بيهي، 13 رڙ ڪري چيو، تہ اي يسوع، اي سائين، اسان تي رحم ڪر. 14 هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا. 15 پوءِ اُنهن مان هڪڙي جڏهن ڏٺو تہ آئون چڱو ڀلو ٿيو آهيان، تڏهن وڏي آواز سان خدا جي تعريف ڪندو موٽي آيو، 16 ۽ هن جي پيرين پئي سندس شڪرانا بجا آندائين: ۽ هو سامري هو. 17 تڏهن يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ ڏهہ ڪين ڇُٽي پاڪ صاف ٿيا؟ پوءِ اُهي باقي نوَ ڪٿي آهن؟ 18 ڇا، هن ڌارئي بنا ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي تعريف ڪري؟ 19 ۽ هن کي چيائين تہ اُٿي هليو وڃ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. 20 ۽ فريسين پڇيس، تہ خدا جي بادشاهت ڪڏهن ايندي؟ تن کي جواب ڏيئي چيائين، تہ خدا جي بادشاهت ڪنهن جي ڏسندي نٿي اچي، 21 نڪي هو چوندا تہ اِجها هتي! ڇالاءِ جو ڏسو، خدا جي بادشاهت اوهان جي اندر ۾ آهي. 22 ۽ هن شاگردن کي چيو تہ اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن اوهين ابن آدم جي ڏينهن مان هڪڙي کي ڏسڻ لاءِ پيا سِڪندا، پر ڏسي ڪين سگهندا. 23 ۽ اُهي اوهان کي چوندا، تہ اِجهو هتي! اِجهو هتي! پر متان ويا آهيو، يا اُنهن جي پٺيان لڳا آهيو: 24 ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو. 25 پر پهريائين هو گهڻيون سختيون سهندو، ۽ هن زماني ۾ رد ڪيو ويندو. 26 ۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جي ڏينهن ۾ بہ ٿيندو. 27 اُهي کائيندا ۽ پيئندا هئا، پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا؛ جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ گهڙيو، ۽ ٻوڏ آئي، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين. 28 ۽ پڻ جيئن لوط جي ڏينهن ۾ بہ ٿيو؛ جو اُهي کائيندا پيئندا، خريد فروخت ڪندا، ۽ پوکيندا رهيا؛ 29 پر جڏهن لوط سدوم مان نڪري ٻاهر ٿيو، تنهن وقت آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وسيو، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين. 30 سو جنهن ڏينهن ابن آدم ظاهر ٿيندو، تنهن ڏينهن پڻ ساڳيو ائين ٿيندو. 31 انهي ڏينهن جي ڪو کڏ تي هجي، ۽ سندس سامان گهر ۾ هجي، تہ اُنهي جي ڪڍڻ لاءِ هيٺ نہ لهي: نڪي جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي، سو موٽي وڃي. 32 لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو. 33 جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪندو، سو اُها وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو، سو ئي اُها بچائيندو. 34 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي رات ٻہ ماڻهو هڪڙي هنڌ تي سُتل هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ٻيو رهجي ويندو. 35 ٻہ زالون گڏ ويٺيون پيهنديون، هڪڙي کڄي ويندي ۽ ٻي رهجي ويندي. 36 (ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻهو هوندا، هڪڙو کڄي ويندو، ۽ ٻيو رهجي ويندو.) 37 ۽ اُنهن جواب ڏيئي چيس، تہ اي خداوند، ڪٿي؟ هن چين تہ جتي ڍونڍ هوندو، ڳجهيون بہ اُتي ئي اچي مڙنديون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society