Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 16 - Sindhi Bible

1 هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي.

2 ۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.

3 تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم.

4 هاڻي هيءَ سٽ ٿو سٽيان، تہ جڏهن گماشتگيريءَ کان نڪران، تڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ ڏين.

5 تنهن تي پنهنجي مالڪ جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏي، پهرئين کي چوڻ لڳو، تہ منهنجي مالڪ کي ڪيترو قرض ڏيڻو اٿيئي؟

6 هن چيو تہ سؤ مڻ تيل جا. هن چيس تہ پنهنجو دستاويز کڻي جهٽ پنجاهہ لکي ڏي.

7 پوءِ ٻئي کي چيائين، تہ توتي گهڻو قرض آهي؟ هن چيو تہ سؤ مڻ ڪڻڪ جا. اُنهي کي چيائين تہ پنهنجو دستاويز کڻي اسي مڻ لکي ڏي.

8 ۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.

9 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.

10 جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي، سو گهڻي ۾ بہ ايماندار ٿيندو: ۽ جيڪو ٿوري ۾ ڪپتيو آهي، سو گهڻي ۾ بہ ڪپتيو ٿيندو.

11 تنهنڪري جي اوهين ناراستيءَ جي دولت ۾ ايماندار نہ رهيا آهيو، تہ اوهان کي سچي دولت ڪير سونپيندو؟

12 ۽ جڏهن اوهين پرائي مال ۾ ايماندار نہ ٿيا آهيو، تڏهن جيڪي خود اوهان جو آهي، سو ڪير ڏيندوَ؟

13 ڪوبہ نوڪر ٻن ڌڻين جي خدمت ڪري ڪين سگهندو: ڇالاءِ جو يا هو هڪڙي سان نفرت ڪندو، ۽ ٻئي کي پيار ڪندو؛ يا تہ وري هڪڙي سان ٺهندو، ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.

14 ۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.

15 تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.

16 شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي.

17 شريعت جو هڪڙو نقطو ٽري وڃي، تنهن کان آسمان ۽ زمين جو ٽري وڃڻ سولو آهي.

18 جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي طلاق ڏيئي ٻيءَ سان شادي ٿو ڪري، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو اُنهي نڪتل زال سان شادي ٿو ڪري، سو بہ زنا ٿو ڪري.

19 هاڻي هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هو، جو اُچا، واڱڻائي ۽ سنها ڪپڙا پهريندو هو، ۽ روز سٺا سٺا طعام کائيندو هو.

20 انهي جي در تي لعزر نالي هڪ فقير، جو ناسورن جي ڦٽن سان ڀريو پيو هو، تنهن کي ويهاري ويندا هئا.

21 هو ڀانئيندو هو تہ شاهوڪار جي ميز جي جوٺ کائي پيٽ ڀريان؛ ۽ ڪتا پڻ اچي سندس ڦٽ چٽيندا هئا.

22 ۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.

23 ۽ مئلن جي عالم ۾، جتي هو عذابن منجهہ هو، اُتي هن اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ پريان ابراهيم ۽ سندس هنج ۾ لعزر ڏسڻ ۾ آيس.

24 ۽ هن پڪاري چيو تہ اي بابا ابراهيم، مون تي رحم ڪر، ۽ لعزر کي موڪل، تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇالاءِ جو آئون هن ڄر ۾ پيو لڇان.

25 پر ابراهيم چيو، تہ پٽ، ياد ڪر، تہ توکي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون ٿي مليون، پر لعزر کي خراب شيون: مگر هاڻي هو آرام ۾ آهي، ۽ تون عذاب ۾ آهين.

26 تنهن کانسواءِ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ايڏو وڏو اوڙاهہ پيل آهي، جو جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ جي ڪن، سي وڃي ڪين سگهندا؛ ۽ نہ وري ڪو اُتان اسان وٽ اچي سگهندو.

27 ۽ هن چيو، تہ اي بابا، منهنجو توکي سوال آهي، تہ هن کي منهنجي پيءُ جي گهر موڪل؛

28 ڇالاءِ جو مون کي پنج ڀائر آهن؛ تہ اُنهن کي وڃي چتائي، تہ متان اُهي بہ هن عذاب جي جاءِ ۾ اچن.

29 پر ابراهيم چيو تہ اُنهن وٽ موسيٰ ۽ نبي آهن، اُنهن جي ٻُڌن.

30 تنهن تي هن چيو تہ نہ، بابا ابراهيم، جيڪڏهن ڪو مئلن مان اُنهن وٽ ويندو، تہ اُهي توبهہ ڪندا.

31 هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan