لوقا 15 - Sindhi Bible1 هاڻي سڀ محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار هن جون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ وٽس پئي آيا. 2 ۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي. 3 تنهن تي هي مثال ڏيئي چيائين تہ 4 اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟ 5 پوءِ جڏهن لڀيس ٿي، تڏهن خوشيءَ وچان کنيو ڪلهن تي چاڙهيس، 6 ۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي. 7 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي. 8 يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟ 9 ۽ جڏهن لڀيس ٿو، تڏهن پنهنجين ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي ڪوٺي ٿي چوي، تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ تہ رپيو جو گم ٿي ويو هوم سو لڌو اٿم. 10 ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي. 11 ۽ هن هي بہ چيو، تہ هڪڙي شخص کي ٻہ پٽ هئا: 12 جن مان ننڍو پيءُ کي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، ملڪيت جو حصو جو منهنجو ٿو ٿئي، سو مون کي ڏي. ۽ هن ملڪيت ورهائي ڏنين. 13 ۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14 ۽ جڏهن سڀ کائي کپائي چڪو، تڏهن اُنهي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو؛ ۽ هو محتاج ٿيڻ لڳو. 15 سو وڃي انهي ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ کي لڳو، جنهن پنهنجين ٻنين ۾ سوئرن چارڻ لاءِ موڪليس. 16 ۽ جيڪي ڇَلون سوئرن پئي چَريون، سي هوند خوشيءَ سان کائي پيٽ ڀري ها، پر ڪنهن بہ ڪين ٿي ڏنس. 17 پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران! 18 آئون اُٿي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ چوندوسانس تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: 19 هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان، مون کي پنهنجن نوڪرن مان هڪڙو ڪري بيهار. 20 ۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس. 21 تڏهن پٽس چيس، تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: هاڻ انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان. 22 پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس: 23 ۽ متارو وهڙو آڻي ڪُهو ۽ اچو تہ کائون پيئون ۽ خوشي ڪريون، 24 ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا. 25 هاڻي سندس وڏو پٽ جو ٻنيءَ تي هو، سو جڏهن اُتان موٽيو، ۽ گهر جي ويجهو آيو، تڏهن ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو پڙلاءُ ڪَن تي پيس. 26 تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائين تہ هي ڇا پيو ٿئي؟ 27 هن چيس تہ تنهنجو ڀاءُ آيو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ متارو وهڙو ڪُٺو آهي، ڇالاءِ جو هو صحيح سلامت وٽس آيو آهي. 28 پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس. 29 پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان: 30 پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي. 31 تنهن تي هن چيس، تہ پٽ، تون تہ هميشہ مون ساڻ آهين، ۽ جيڪي منهنجو آهي، سو سڀوئي تنهنجو آهي. 32 پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society