Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 14 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو فريسين جي هڪڙي سردار جي گهر ماني کائڻ ويو، ۽ هنن چتائي ويٺي نهاريس.

2 ۽ ڏسو، سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن کي جلندر جي بيماري هئي.

3 ۽ يسوع جواب ڏيئي شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي چيو، تہ سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ روا آهي يا نہ؟

4 پر هنن کڻي ماٺ ڪئي. تڏهن انهي کي وٺي چڱو ڀلو ڪري موڪل ڏنائينس.

5 ۽ هنن کي چيائين، تہ اوهان مان جيڪڏهن ڪنهن جو گڏهہ يا ڏاند کوهہ ۾ ڪِري پوي، تہ سبت جي ڏينهن جيڪر جهٽ ٻاهر ڪڍوس يا نہ؟

6 پر وري بہ اُنهن ڳالهين جو کانئن جواب ڪونہ اُڪليو.

7 ۽ هن جڏهن ڏٺو تہ مهمان مٿي مٿي جايون ٿا پسند ڪن، تڏهن هنن کي هيئن چئي هڪڙو مثال ڏنائين،

8 تہ جڏهن ڪو توکي شاديءَ جي مانيءَ تي سڏي، تہ مٿينءَ جاءِ تي نہ ويهج، متان توکان بہ ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ماني چئي هجيس،

9 پوءِ جنهن توکي ۽ هن کي سڏيو آهي، سو اچي چويئي تہ هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏي؛ ۽ توکي ڦڪو ٿي سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي ويهڻو پوي.

10 پر جڏهن توکي مانيءَ جي دعوت ملي، تڏهن سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي وڃي ويهہ، تہ جنهن توکي ڪوٺيو آهي، سو جڏهن اچي، تڏهن چويئي تہ ادا، مٿي اچي ويهہ: تہ جن سان گڏ کائڻ ويهين، تن اڳيان عزت ٿئي ئي.

11 ڇالاءِ تہ جيڪو پاڻ کي مٿي ٿو ڪري، سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ٿو ڪري، سو مٿي ڪيو ويندو.

12 ۽ جنهن کيس ڪوٺيو هو، تنهن کي پڻ چيائين، تہ جڏهن تون ڏينهن جي يا رات جي ماني ڪرين، تڏهن پنهنجن دوستن، يا ڀائرن، يا مٽن مائٽن، يا شاهوڪار پاڙيسرين کي نہ ڪوٺج، متان اُهي بہ وري توکي ڪوٺي بدر پاڙي ڇڏين.

13 پر جڏهن تون ماني ڪرين، تڏهن غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ منڊن ۽ انڌن کي سڏج:

14 تہ توکي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو اُنهن وٽ ڪي ڪينهي، جنهن سان کڻي تنهنجو بدر پاڙين: پر توکي نيڪن جي قيامت ۾ اجر ملندو.

15 پوءِ مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻُڌي چيس، تہ مبارڪ آهي اُهو جو خدا جي بادشاهت ۾ ماني کائيندو.

16 پر هن چيس، تہ ڪنهن شخص هڪ وڏي مجلس ڪئي، ۽ گهڻن کي دعوت ڏنائين:

17 ۽ مانيءَ مهل نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي وڃي چئُہ تہ هلو، جو هاڻي سڀ شيون تيار آهن.

18 پر اهي سڀيئي گڏجي عذر ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس، تہ مون ٻني ورتي آهي، ۽ مون کي اُها ضرور وڃي ڏسڻي آهي: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ.

19 ۽ ٻئي چيو، تہ مون ڏاندن جا پنج جوڙا ڳڌا آهن، ۽ وڃان ٿو اُنهن کي آزمائڻ: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ.

20 ۽ ٻئي چيو، تہ مون شادي ڪئي آهي، سو مون کان آيو ڪين ٿيندو.

21 سو نوڪر اچي پنهنجي مالڪ سان اُهي ڳالهيون ڪيون. تڏهن گهر جي مالڪ ڪاوڙجي نوڪر کي چيو تہ جلدي ڪري شهر جي بازارن ۽ گهٽين ۾ وڃ، ۽ غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ انڌن، ۽ منڊن کي هتي وٺي اچ.

22 پوءِ نوڪر چيو تہ اي مالڪ، جيئن تو فرمايو تيئن ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ آهي.

23 تڏهن مالڪ نوڪر کي چيو، تہ سڙڪن، ۽ ٻنين جي دڳن تي وڃ، ۽ مجبور ڪري وٺي اچين، تہ منهنجو گهر ڀرجي پوي.

24 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جن کي ڪوٺيو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي ماني ڪين چکندو.

25 هاڻي ماڻهن جا ميڙاڪا ساڻس پئي ويا، تنهن تي هن ڦري چين تہ

26 جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچي، ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ ماءُ، ۽ زال، ۽ ٻارن، ۽ ڀائرن، ۽ ڀينرن، بلڪ پنهنجي جان کي بہ نہ ڌڪاري، تہ اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.

27 جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نٿو اچي، سو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.

28 ڇالاءِ جو اوهان مان اُهو ڪير آهي، جو جيڪڏهن ٺلهہ جوڙائڻ جي خواهش ڪري، تہ پهريائين ويهي اُن جو خرچ نہ ساري، تہ ان جي پوري ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ پيسو اٿم يا نہ؟

29 تہ متان بنياد کڻائڻ کان پوءِ پورو ڪري نہ سگهي، تہ جيڪي بہ ڏسن، سي سڀيئي مٿس کِلن:

30 ۽ چون تہ هن شخص اڏڻ شروع ڪيو، پر پورو ڪري ڪين سگهيو.

31 يا اُهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي بادشاهہ سان جنگ ۾ مقابلو ڪرڻ وڃي، تہ پهريائين ويهي صلاح مصلحت نہ ڪري، تہ هو جو ويهن هزارن سان مون تي چڙهائي ڪري ٿو اچي، تنهن جي سامهون آئون پنهنجن ڏهن هزارن سان بيهي سگهندس يا نہ؟

32 نہ تہ هو اڃا پري ئي هوندو، تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي کانئس صلح جا شرط پڇندو.

33 سو ساڳيءَ ريت اوهان مان ڪوبہ جيسين ڪ جيڪي اٿس، سو سڀ ڇڏي نٿو ڏئي، تيسين اُهو منهنجو شاگرد ٿي نٿو سگهي.

34 لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان سواد نڪري وڃي تہ اُن کي ڇا سان سلوڻو ڪجي؟

35 پوءِ نہ اُهو زمين جي ڪم جو ٿيو نہ ڀاڻ جي ڪم جو، پر کنيو ڦٽو ڪنس. جنهن کي ڪَن هجن، سو ٻُڌي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan