لوقا 13 - Sindhi Bible1 هاڻي اُنهي مهل ڪي ماڻهو اُتي هئا، تن کيس اُنهن گليلين جي ڳالهہ ٻڌائي، جن جو رت پيلاطس سندن قربانين سان ملائي ڇڏيو هو. 2 هن جواب ڏيئي چين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي گليلي ٻين سڀني گليلين کان وڏا گنهگار هئا، ڇالاءِ جو هنن سان ههڙي جُٺ ٿي؟ 3 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي ساڳيءَ ريت چٽ ٿيندا. 4 يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟ 5 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا. 6 ۽ هيءُ مثال ڏنائين، تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي ڊاک جي باغ ۾ انجير جو وڻ لڳل هو، سو آيو تہ ڏسان تہ منجهس ڪو ڦل آهي يا نہ، پر نہ مليس. 7 تڏهن باغبان کي چيائين تہ ڏس، مون کي هن انجير جي وڻ مان ڦل ڳوليندي ٽي سال ٿيا آهن، پر ڦل ڪونہ ٿو ملي، تنهنڪري وڍي ڇڏينس؛ اجائي زمين ڇو والاريو بيٺو آهي. 8 تنهن تي هن جواب ڏيئي چيس، تہ اي مالڪ، هيءُ سال بہ ڇڏينس، تہ آئون سندس چَلهو کوٽي ڀاڻ ڏيانس: 9 ۽ جيڪڏهن پوءِ ڦل جهليائين تہ واهہ، نہ تہ وڍي ڇڏجانس. 10 ۽ سبت جي ڏينهن هڪڙي عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏنائين. 11 ۽ ڏسو، هڪڙي زال هئي جنهن ۾ ارڙهن ورهين کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ڪمزور ٿيندي ويئي، ۽ ڪُٻي ٿي پيئي هئي، ۽ پُٺي سنئين ٿي نٿي سگهي. 12 يسوع جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن سڏي چيائينس، تہ اي مائي، تون پنهنجي ڪمزوريءَ کان ڇُٽينءَ 13 ۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي. 14 ۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن. 15 پر خداوند کيس جواب ڏيئي چيو، تہ اي رياڪارو، سبت جي ڏينهن اوهان مان هرڪو پنهنجو ڏاند يا گڏهہ وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ ڪين وٺي ويندو آهي ڇا؟ 16 تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟ 17 هن جون هي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي بہ سندس برخلاف هئا، سي سڀيئي ڦڪا ٿيا: ۽ جيڪي جلالي ڪم هن پئي ڪيا، تن جي ڪري ساري خلق سرهي پئي ٿي. 18 تنهنڪري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت ڇا جي مثل آهي؟ ۽ اُن کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟ 19 اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو ڪنهن شخص کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ پوکيو، ۽ اُهو وڌي وڻ ٿيو، ۽ آسمان جا پکي سندس ٽارين ۾ اچي رهيا. 20 ۽ وري هن چيو تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان مشابهت ڏيان؟ 21 اُها خمير جي مثل آهي، جو ڪنهن زال کڻي وڃي اٽي جي ٽن ماڻن ۾ ملايو، تان جو سڄو خميرجي پيو. 22 ۽ هو شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليم ڏيندو، يروشلم ڏانهن سفر ڪندو پئي ويو. 23 ۽ هڪڙي چيس تہ اي خداوند، جن کي نجات ملندي سي ٿورا آهن ڇا؟ 24 تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا. 25 جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو. 26 تڏهن اوهين چوڻ لڳندا تہ اسان تنهنجي اڳيان کاڌو پيتو، ۽ تون اسانجين بازارن ۾ تعليم ڏيندو هئين؛ 27 ۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو. 28 جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 29 ۽ اُهي اُڀرندي ۽ اُلهندي، ۽ اُتر ۽ ڏکڻ کان ايندا، ۽ اچي خدا جي بادشاهت ۾ ويهندا. 30 ۽ ڏسو، ڪي پويان آهن سي پهريان ٿيندا، ۽ ڪي پهريان آهن سي پويان ٿيندا. 31 اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي. 32 ۽ هن چين تہ انهي لومڙ کي وڃي چئو تہ ڏس، آئون اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان، ۽ ماڻهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان، ۽ پرينهن ڪماليت کي رسندس. 33 پر اڄ ۽ سڀاڻ ۽ پرينهن تہ مون کي پنهنجي واٽ هلڻي آهي: ڇالاءِ جو اها اڻ ٿيڻي آهي تہ ڪوبہ نبي يروشلم کان ٻاهر تباهہ ٿئي. 34 اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو! 35 ڏسو، اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو آهي، ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين مون کي تيسين ڪين ڏسندا جيسين ڪ چوندا تہ مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society