لوقا 11 - Sindhi Bible1 ۽ هيئن ٿيو تہ هن هڪڙي هنڌ ويٺي دعا گهري، ۽ جڏهن گهري چڪو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي اچي چيس، تہ اي خداوند، جيئن يوحنا پنهنجن شاگردن کي سيکاريو هو، تيئن تون بہ اسان کي دعا گهرڻ سيکار. 2 هن کين چيو، تہ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن هيئن چئو تہ اي بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهي اچي. 3 اسان جي ڏهاڙيءَ جي ماني هر روز اسان کي ڏي. 4 ۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ. 5 ۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهان منجهان اُهو ڪير آهي جنهن جو ڪو دوست هجي، سو آڌيءَ رات وٽس اچي چوي، تہ اي دوست، مون کي ٽي مانيون اُڌاريون ڏي؛ 6 ڇالاءِ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي، ۽ مون وٽ ڪي بہ ڪينهي جو کڻي سندس اڳيان رکان؛ 7 ۽ اُهو اندران وراڻي ڏيئي چوي، تہ مون کي هلاک نہ ڪر: هاڻي در پوريو پيو آهي، ۽ منهنجا ٻار مون سان گڏ هنڌ تي سُتا پيا آهن، سو آئون اُٿي توکي ڏيئي نٿو سگهان. 8 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيتوڻيڪ هو دوستيءَ جي ناتي ڪري اُٿي هن کي نہ بہ ڏئي، تڏهن بہ هن جي گهڻي ليلائڻ ڪري اُٿندو، ۽ جيتريون هن کي کپنديون هونديون، اوتريون ڏيندس. 9 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ گهُرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، کڙڪايو تہ پَٽجيوَ. 10 ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو. 11 ۽ اوهان منجهان اُهو ڪهڙو پيءُ آهي، جو پٽس اچي ماني گهُريس، تہ کيس پهڻ ڏئي؟ يا مڇي گهُريس، تہ مڇيءَ جي بدران سپ ڏئيس؟ 12 يا بيدو گهُريس، تہ وڇون ڏئيس؟ 13 پوءِ جيڪڏهن اوهين جي بڇڙا آهيو، سي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اُنهن کي پاڪ روح ڏيندو، جيڪي کانئس گهُرن ٿا. 14 ۽ پاڻ هڪڙي گونگي ڀوت کي ٿي ڪڍيائين، ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀوت نڪري ويو، تڏهن اُهو گونگو ڳالهائڻ لڳو، ۽ ماڻهو ڏاڍي عجب ۾ پيا. 15 پر اُنهن مان ڪن چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 16 ۽ ٻين کيس آزمائڻ لاءِ چيو، تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار. 17 پر هن سندن خيال سهي ڪري چين، تہ جنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، سا برباد ٿيو وڃي، ۽ جنهن گهر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي، سو گهر ڦٽيو پوي. 18 ۽ جي شيطان بہ پنهنجي برخلاف ٿئي تہ سندس بادشاهت ڪيئن بيهي سگهندي؟ ڇوتہ اوهين منهنجي نالي چئو ٿا تہ هي بعل زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 19 سو جي آئون بعل زبول جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ ڀلا اوهان جا پٽ ڪنهن جي مدد سان ٿا اُنهن کي ڪڍن؟ تنهنڪري اُهي ئي اوهان جو انصاف ڪندا. 20 پر جيڪڏهن آئون خدا جي قدرت سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ تڏهن خدا جي بادشاهت اوهان وٽ اچي سهڙي آهي. 21 جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو هٿيار پنوهار ٻَڌي پنهنجيءَ حويليءَ جي سنڀال ٿو ڪري، تڏهن ان جو مال متاع سلامت ٿو رهي؛ 22 پر جي کانئس ڪو زور وارو مٿس چڙهي ڪري اچي ٿو غالب پويس، تہ پوءِ جن هٿيارن تي سندس زور هو، سي سڀ کسيو ٿو وٺيس، ۽ سندس مال لُٽي ورهائي ٿو ڇڏي. 23 جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي برخلاف آهي؛ ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي گڏ نٿو ڪري، سو ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏي. 24 ۽ جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي، تڏهن اُهو برن پٽن ۾ آرام ڳوليندو ٿو وتي، ۽ جڏهن آرام نٿو مليس، تڏهن چوي ٿو تہ آئون موٽي پنهنجي گهر ويندس، جتان نڪتو آهيان. 25 ۽ جڏهن اچي ٿو تہ گهر کي ٻُهاريل ۽ سينگاريل ٿو ڏسي. 26 تڏهن هو وڃي پاڻ کان بہ خراب ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي؛ ۽ اُهي اندر گهڙي اُتي رهن ٿا: ۽ انهي ماڻهوءَ جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿيو پوي. 27 هن اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ڇا ٿيو جو ميڙاڪي مان هڪڙي زال وڏي سڏ چيس تہ مبارڪ آهي اُهو پيٽ، جنهن ۾ تون هئين، ۽ اُهي ٿڻ، جن کي تو ڌاتو. 28 تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن. 29 ۽ جڏهن خلق وٽس پئي مڙي، تڏهن چوڻ لڳو تہ هن زماني جا ماڻهو بڇڙا آهن، اُهي نشاني ٿا گهرن، ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني ڪانہ ڏني ويندي. 30 ڇوتہ جيئن نينواهہ جي ماڻهن لاءِ يوناہ نشان ٿيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ بہ ابن آدم نشاني ٿيندو. 31 ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندي، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ کان سليمان جي سياڻپ ٻُڌڻ لاءِ آئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي. 32 نينواهہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندا، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندا، ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي. 33 ڪوبہ شخص ڏيئو ٻاري بهري ۾ يا ٽوئي هيٺ نہ، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيڪي اندر اچن تن کي سوجهرو ملي. 34 بدن جو ڏيئو آهي تنهنجي اک: سو جي تنهنجي اک برابر هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن بہ روشنيءَ سان ڀريل هوندو، پر جي بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو بدن بہ اونداهيءَ سان ڀريل هوندو. 35 تنهنڪري سنڀال، تہ تو ۾ جا روشني آهي سا اونداهي تہ ڪينهي؟ 36 تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل آهي، ۽ ڪنهن بہ ڀاڱي ۾ اونداهي نہ آهي، تہ ساڳيو جيئن ڏيئو پنهنجي تجليءَ سان توکي سوجهرو ٿو ڏئي، تيئن تنهنجو سڄو ئي بدن روشنيءَ سان ڀريل رهندو. 37 هاڻي اڃا ائين پئي چيائين، تہ هڪڙي فريسي اچي منٿ ڪيس تہ مون وٽ هلي ماني کاءُ. ۽ هو اندر وڃي ماني کائڻ ويٺو. 38 ۽ جڏهن فريسيءَ ڏٺو تہ کائڻ کان اڳي پهريائين هٿ ڪين ڌوتائين، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس. 39 تڏهن خداوند چيس، تہ اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر ڦرلٽ ۽ برائي سان ڀريو پيو آهي. 40 اي نادانو، جنهن ٻاهر ٺاهيو، اندر بہ اُنهي ئي ڪين ٺاهيو ڇا؟ 41 پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو. 42 پر افسوس اوهان تي آهي، فريسيو! ڇاڪاڻ تہ ڦودني ۽ سداب ۽ سڀ ڪنهن ڀاڄيءَ مان ڏهون حصو ڏيو ٿا، پر انصاف ۽ خدا جو پيار ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر واجب هو تہ هي بہ ڪريو ها ۽ اُهو بہ نہ ڇڏي ڏيو ها. 43 اي فريسيو، افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين عبادتخانن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪريو، ۽ اوهان کي وڻي ٿو تہ بازارن ۾ ماڻهو اسان کي سلام ڪن. 44 افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين. 45 تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم وراڻي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، هي جيڪي تون چئين ٿو تنهن ۾ اسان کي بہ طعنو ٿو هڻين. 46 هن چيو، تہ اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهين ماڻهن تي اهڙا بار ٿا رکو جي کڄڻ مشڪل آهن، پر پاڻ انهن کي هڪڙي آڱر بہ نٿا لايو. 47 افسوس اوهان تي! جو اوهين نبين جون قبرون ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو. 48 سو اوهين شاهد آهيو، ۽ جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن ڪيو، سو اوهان کي پسند آهي: ڇالاءِ تہ هنن کين مارايو، ۽ اوهين سندن قبرون پيا ٺاهيو. 49 انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛ 50 انهي لاءِ تہ سڀني نبين جو خون، جو دنيا جي شروعات کان وٺي وهايو ويو آهي، تنهن جو هن زماني جي ماڻهن کان حساب وٺجي: 51 يعني هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جو خون توڻي، جو قربانگاهہ ۽ پاڪ جاءِ جي وچ ۾ مارجي ويو: هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن زماني جي ماڻهن کان انهي جو حساب وٺبو. 52 اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهان علم جي ڪنجي کسي ورتي: اوهين پاڻ تہ اندر ڪين گهڙيا، ۽ جيڪي اندر گهڙيا ٿي، تن کي بہ اوهان روڪيو. 53 ۽ جڏهن هو اُتان نڪتو، تڏهن فقيهہ ۽ فريسي ورائي ويس، ۽ ڇيڙڻ لڳس تہ گهڻيون ڳالهيون ڪري. 54 ۽ وجهہ پئي ڳوليائون تہ زبان مان ڪي ڪڍي تہ ڦاسايونس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society