Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 10 - Sindhi Bible

1 هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين.

2 ۽ اُنهن کي چيائين تہ فصل تہ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن: تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.

3 وڃو: ڏسو، آئون ڄڻ اوهان گهيٽن کي بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان.

4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري يا جهولي يا جتي نہ کڻجو، ۽ ڪنهن کي واٽ تي سلام نہ ڪجو.

5 ۽ جنهن ڪنهن گهر ۾ وڃو، اُتي پهريائين چئجو تہ هن گهر کي سلام.

6 جيڪڏهن اُتي ڪو سلامتيءَ جو فرزند هوندو، تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.

7 پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.

8 ۽ جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي ماڻهو اوهان کي قبول ڪن، تہ جيڪي ڪي اوهان جي اڳيان آڻي رکن سو کائجو:

9 ۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.

10 پر جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ جي اتي ماڻهو اوهان کي نہ قبولين، تہ انهن جي گهٽين ۾ نڪري هيئن چئجو،

11 تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.

12 آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي شهر کان سدوم شهر لاءِ اهو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو.

13 افسوس آهي توتي، اي خرازين! افسوس آهي توتي، اي بيت صيدا! ڇوتہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر اُهي کٿو ڍڪي، ۽ رک وجهي، ڪڏهانڪر ويهي توبهہ ڪن ها.

14 پر عدالت ۾ صور ۽ صيدا جو حال اوهان جي حال کان وڌيڪ سهڻ لائق ٿيندو.

15 ۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.

16 ۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.

17 پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن.

18 تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو.

19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.

20 پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.

21 انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.

22 سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟

23 ۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪري انهن کي پنهنجيءَ پر ۾ چيائين، تہ مبارڪ آهن اُهي اکيون جي اِهو ٿيون ڏسن جيڪي اوهين پيا ڏسو:

24 ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.

25 ۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟

26 تڏهن پاڻ اُنهي کي چيائين، تہ شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ توکي پڙهڻ ۾ ڪيئن ٿو اچي؟

27 هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.

28 تنهن تي هن کي چيائين، تہ تو پورو جواب ڏنو آهي، ائين ڪر تہ زندگي ملندءِ.

29 پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟

30 يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو ڏانهن پئي ويو؛ ۽ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاٿس، ۽ مار بہ ڏنائونس، ۽ اڌ مُئو ڪري ڇڏي ويس.

31 ۽ اتفاقاَ هڪڙو ڪاهن انهي رستي کان پئي ويو، ۽ جڏهن هن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري هليو ويو.

32 ۽ انهيءَ طرح هڪڙو ليوي بہ اُنهي هنڌ آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو.

33 پر هڪڙو سامري مسافري ڪندي اچي اُتان نڪتو: اُن جڏهن کيس ڏٺو تڏهن ڪهل آيس،

34 ۽ وٽس اچي سندس ڦٽن تي تيل ۽ دارون مکي اُنهن کي پَٽِي ٻَڌائين؛ ۽ پنهنجي وهٽ تي چاڙهي مهمان سراءِ ۾ وٺي آيس، ۽ سندس خدمت ڪيائين.

35 ۽ ٻئي ڏينهن ٻہ دينار ڪڍي سراءِ واري کي ڏنائين، ۽ چيائينس تہ هن جي خدمت ڪج، ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي ئي سو آئون وري موٽندي اچي ڏيندوسانءِ.

36 هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اُهو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟

37 تنهن تي هن چيو تہ جنهن کي مٿس ڪهل آئي. يسوع چيس تہ تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.

38 هاڻي جڏهن هو پنهنجو رستو وٺي پئي ويا، تہ هو هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو، ۽ اُتي مارٿا نالي هڪڙي زال هن کي پنهنجي گهر آڻي ٽڪايو.

39 ۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو.

40 پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري.

41 پر خداوند وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي مارٿا، اي مارٿا، تون گهڻين ڳالهين جي فڪر ۽ هلاکيءَ ۾ آهين.

42 پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan