Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 1 - Sindhi Bible

1 اي معزز ٿئوفلس، جيئن تہ اُهي ڳالهيون جيڪي اسان جي اڳيان پوريون ٿيون آهن، تن جي ترتيب وار بيان لکڻ لاءِ گهڻن ڄڻن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو آهي،

2 ۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،

3 تنهنڪري مون کي پڻ ائين سهڻو نظر آيو، تہ جن ڳالهين جي مون شروع کان پوري پوري جاچ ڪئي آهي، سي سموريون سلسلي وار تو ڏانهن لکي موڪليان؛

4 تان تہ جن ڳالهين جي توکي تعليم مليل آهي، تن جي پڪ ٿئي ئي.

5 يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي.

6 اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.

7 پر کين اولاد ڪونہ هو، ڇو جو اليشبع سنڍ هئي، ۽ ٻئي عمر جا وڏا ٿي ويا هئا.

8 پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن خدا جي حضور ۾، پنهنجي فرقي جي واري تي، ڪاهن جو ڪم پئي ڪيو،

9 تڏهن مٿس هيءُ پُکو پيو، تہ ڪهانت جي رسم موجب خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.

10 ۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.

11 ۽ خداوند جي ملائڪ، لوبان واري قربانگاهہ جي ساڄي پاسي بيهي، هن کي ڏيکاري ڏني.

12 ۽ زڪرياہ هن کي ڏسندي ئي وائڙو ٿي ويو، ۽ ڊپ وٺي ويس.

13 پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.

14 ۽ توکي خوشي ۽ سرهائي ٿيندي؛ ۽ هن جي ڄمڻ ڪري گهڻا خوش ٿيندا؛

15 ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.

16 ۽ هو بني اسرائيل مان گهڻن کي ڦيري، خداوند سندن خدا ڏانهن آڻيندو:

17 ۽ سندس اڳيان ايلياہ جي روح ۽ طاقت سان هلندو، تہ پيئرن جي دلين کي اولاد ڏانهن ڦيري، ۽ نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ ۾ هلائي، ۽ خداوند لاءِ هڪڙي اُمت ٺاهي تيار ڪري.

18 تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ مون کي انهيءَ جي ڪيئن خبر پوندي؟ ڇالاءِ جو آئون پيرسن آهيان، ۽ منهنجي زال بہ اچي وڏي ٿي آهي.

19 تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.

20 ۽ ڏس، تون گونگو ٿي پوندين، ۽ جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، تنهن ڏينهن تائين تون ڳالهائي ڪين سگهندين، ڇالاءِ تہ منهنجو ڪلام جو پنهنجي وقت تي پورو ٿيندو، تنهن تي تو اعتبار نہ ڪيو آهي.

21 ۽ ماڻهو زڪرياہ لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، ۽ اهوئي عجب هون تہ هن پاڪ جاءِ ۾ هيتري دير ڇو لاتي آهي.

22 پوءِ جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ ساڻن ڳالهائي نہ سگهيو: تڏهن انهن سمجهيو تہ هن پاڪ جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي: ۽ هن هٿن جا اشارا پئي ڪين، پر ڳالهائي ڪين سگهيو.

23 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن سندس خدمت ڪرڻ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا، تڏهن هو پنهنجي گهر هليو ويو.

24 ۽ انهن ڏينهن کانپوءِ سندس زال اليشبع حمل واري ٿي، ۽ پنج مهينا پنهنجو پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، ۽ چوڻ لڳي،

25 تہ جنهن ڏينهن کان خداوند مون تي نظر ڪئي تہ مون تان ماڻهن جو مهڻو لاهي، تنهن ڏينهن مون سان هيئن ڪيائين.

26 ۽ ڇهين مهيني خدا وٽان جبرائيل ملائڪ گليل جي ناصرت نالي شهر ۾ هڪ ڪنواريءَ ڏانهن موڪليو ويو،

27 جا دائود جي گهراڻي جي هڪ يوسف نالي شخص سان مڱيل هئي؛ ۽ انهيءَ ڪنواريءَ جو نالو مريم هو.

28 ۽ هن وٽس اندر اچي چيو تہ سلام توکي، جنهن تي وڏو فضل ٿيو آهي، خداوند توساڻ آهي.

29 پر هوءَ هيءَ ڪلام ٻُڌي وائڙي ٿي ويئي، ۽ دل ۾ خيال ڪرڻ لڳي تہ هيءُ ڪهڙي قسم جو سلام آهي.

30 تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي.

31 ۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج.

32 هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو.

33 ۽ هو يعقوب جي گهراڻي تي هميشہ بادشاهي ڪندو، ۽ سندس بادشاهت جي آخر ئي ڪانہ ٿيندي.

34 تڏهن مريم ملائڪ کي چيو، تہ اها ڳالهہ ڪيئن ٿيندي جو مون اڃا مرد جو منهن ئي ڪونہ ڏٺو آهي؟

35 تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.

36 ۽ ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع بہ وڏيءَ عمر ۾ پٽ جي اُميد واري ٿي آهي، جنهن کي سڀ سنڍ چوندا هئا، تنهن کي بہ هيءُ ڇهون مهينو ڏٺو آهي.

37 ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو.

38 تڏهن مريم چيو تہ خداوند جي ٻانهي حاضر آهي، ڀلي تنهنجي ڪلام موجب مون سان ٿئي. پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.

39 انهن ڏينهن ۾ مريم جلدي ڪري جابلو ملڪ ڏانهن، يهوديہ جي هڪڙي شهر ۾ ويئي؛

40 ۽ زڪرياہ جي گهر ۾ وڃي اليشبع کي سلام ڪيائين.

41 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اليشبع مريم جو سلام ٻُڌو، تڏهن ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپڻ لڳو؛ ۽ اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي ويئي؛

42 ۽ وڏي سڏ چيائين، تہ مبارڪ آهين تون زالن ۾، ۽ مبارڪ آهي تنهنجي پيٽ جو ڦل.

43 ۽ مون سان اهڙو فضل ڪيئن ٿيو، جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ لنگهي اچي؟

44 ۽ ڏس، جڏهن تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تڏهن ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپڻ لڳو.

45 ۽ اها مبارڪ آهي جنهن ايمان آندو، ڇو جو جيڪي ڳالهيون خداوند جي پاران کيس ٻڌايون ويون آهن، سي پوريون ٿينديون.

46 تڏهن مريم چيو، تہ ”منهنجي جان خداوند جي وڏائي ٿي ڪري،

47 ۽ منهنجو روح منهنجي نجات ڏيڻ واري خدا ۾ سرهو ٿيو آهي؛

48 ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي ٻانهيءَ جي نماڻائيءَ تي نظر ڪئي آهي. جو ڏس اڄ کان وٺي سڀ ڪنهن زماني جا ماڻهو مون کي مبارڪ ڪري ڪوٺيندا.

49 ڇوتہ جو قدرت وارو آهي، تنهن مون سان وڏو وڙ ڪيو آهي، ۽ سندس نالو پاڪ هجي.

50 ۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.

51 هن پنهنجي ٻانهن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي دل جا هٺيلا آهن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪيو اٿس.

52 هن زور وارن کي تخت تان لاهي هيٺ ڪيو آهي، ۽ نماڻن کي چاڙهي مٿي ڪيو اٿس.

53 هن بکين کي چڱين شين سان ڍائي ڇڏيو آهي ۽ ڍاولن کي سکڻي هٿ موٽايو اٿس.

54 هن پنهنجي ٻانهي اسرائيل جي سار لڌي آهي،

55 تہ ابراهيم ۽ سندس اولاد سان هميشہ رحم ڪري، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو هئائين.“

56 ۽ مريم هن وٽ اٽڪل ٽي مهينا ٽڪي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر موٽي ويئي.

57 هاڻي اليشبع جا ڏينهن اچي ڀريا ۽ کيس پٽ ڄائو.

58 ۽ جڏهن سندس پاڙي وارين ۽ مٽن مائٽن ٻڌو تہ خداوند مٿس ڏاڍي ٻاجهہ ڪئي آهي؛ تڏهن ساڻس گڏجي خوشي ڪيائون.

59 ۽ هيئن ٿيو جو اُهي اٺين ڏينهن ٻار جي سنت ڪرڻ آيا، ۽ سندس پيءُ زڪرياہ جو نالو ٿي رکيائونس.

60 پر ماڻس جواب ڏيئي چيو تہ ائين نہ پر نالو يوحنا رکوس.

61 تڏهن انهن چيس، تہ تنهنجي گهراڻي مان تہ ڪنهن جو بہ اهو نالو ڪونهي.

62 تڏهن پڻس کي اشارا ڪيائون تہ تون ڪهڙو نالو رکڻ ٿو گهرينس؟

63 هن کانئن پَٽي گهُري ان تي لکيو، تہ هن جو نالو يوحنا آهي. ۽ سڀني کي ڏاڍو عجب لڳو.

64 ۽ اُنهي دم سندس وات ۽ زبان کُلي پيا، ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳو.

65 تڏهن جيڪي اوسي پاسي رهندا هئا، تن سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ اهي سڀ ڳالهيون يهوديہ جي سڄي جابلو ملڪ ۾ هُلي ويون.

66 ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني اُهي دل ۾ رکي چيو، تہ هيءُ ڪهڙو ٻار ٿيندو؟ ڇالاءِ جو خداوند جو هٿ مٿس هو.

67 ۽ سندس پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو، ۽ نبوت ڪري چيائين تہ

68 ”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.

69 ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي گهراڻي ۾، اسان لاءِ نجات جو سڱ کڙو ڪيو اٿس،

70 (جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.)

71 يعني اسان جا دشمن ۽ سڀ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن، تن سڀني کان اسان کي نجات بخشي اٿس؛

72 انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي.

73 يعني اهو قسم جو اسان جي پيءُ ابراهيم سان کنيو هئائين،

74 تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي،

75 سندس پاڪ حضوريءَ ۾ پاڪيزگيءَ ۽ سچائيءَ سان ساري عمر بي ڊپا ٿي سندس عبادت ڪريون.

76 ۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،

77 انهي لاءِ تہ سندس اُمت کي نجات جي خبر ڏين، جا هنن کي گناهن جي معافي ڪري ملندي.

78 هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،

79 تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“

80 ۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan