لاوي سرشتو 9 - Sindhi Bible1 ۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛ 2 ۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر. 3 ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛ 4 ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو. 5 تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي. 6 ۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو. 7 پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. 8 سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو جو سندس لاءِ هو، سو ذبح ڪيائين. 9 ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛ 10 ۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 11 ۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين. 12 پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو. 13 پوءِ هنن سوختني قرباني ٽڪر ٽڪر ڪري، سري سميت کيس ڏني: ۽ هن اُهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا. 14 پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا ڌوتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين. 15 پوءِ هن اُمت جي قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ جيڪو ٻڪر اُمت جي لاءِ گناهہ جي قرباني هو، سو آڻي ذبح ڪيائين، ۽ پهرئين وانگر انهي کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪيائين. 16 پوءِ هن سوختني قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ حڪم موجب اها چاڙهيائين. 17 پوءِ هن کاڌي جي قرباني پيش ڪئي، ۽ انهيءَ مان پنهنجي مٺ ڀري، صبح واري سوختني قربانيءَ جي ڀرسان، اها قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين. 18 ۽ اُمت جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني طور، جيڪو ڏاند ۽ گهٽو هو، تن کي بہ هن ذبح ڪيو: ۽ هارون جي پٽن انهن جو رت آڻي کيس ڏنو ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو، 19 ۽ ڏاند جي چرٻي، ۽ گهٽي جي چرٻي، دنب ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، ۽ بڪيون ۽ جيري جو پردو، اهي سڀ ڪڍي ڇڏيائين، 20 ۽ هنن اها چرٻي سينن تي رکي، پوءِ هن چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: 21 ۽ هارون سينا ۽ ساڄي ران کڻي، لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ لوڏيا؛ جيئن ڪ موسيٰ فرمايو هو. 22 ۽ هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي، کين برڪت ڏني: ۽ هو گناهہ جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي هيٺ لٿو. 23 پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو. 24 ۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society