Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 8 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛

3 سڄيءَ جماعت کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ڪر.

4 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو، جيئن ڪ خداوند حڪم ڏنو هوس؛ ۽ ساري جماعت اچي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ٿي.

5 ۽ موسيٰ جماعت کي چيو، تہ خداوند هن ڪم جي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي.

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.

7 پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.

8 ۽ هن کي سينہ بند پاتائين: ۽ سينہ بند ۾ اُريم ۽ تميم بہ وڌائين.

9 ۽ هن جي مٿي تي پڳڙي رکيائين؛ ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اڳئين پاسي سوني پٽي، يعني پاڪ ڇٽ ٻڌائين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

10 پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي انهي ۾ هو، تنهن کي مسح ڪري پاڪ ڪيو.

11 ۽ انهي مان ڪجهہ ست ڀيرا قربانگاهہ تي ڇاٽاريائين، ۽ قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي، مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿين.

12 ۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.

13 پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ کين پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائين، ۽ ٽوپيون پاتائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

14 پوءِ هن گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو آندو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي مٿي تي رکيا.

15 پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.

16 ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، سا سڀ ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، اهي سڀ موسيٰ قربانگاهہ تي ساڙيا.

17 پر وهڙو ۽ انهي جي کل ۽ انهي جو گوشت، ۽ انهي جو ڇيڻو، اهي سڀ هن منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

18 پوءِ هن سوختني قربانيءَ جو گهٽو آڻي پيش ڪيو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.

19 پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.

20 پوءِ هن گهٽي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو: ۽ موسيٰ انهي جي سري، ۽ ٽڪر ۽ چرٻي ساڙي.

21 پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوتا؛ ۽ موسيٰ سڄو گهٽو قربانگاهہ تي رکي ساڙيو: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني هئي: جا باهہ سان ساڙبي آهي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

22 ۽ هن ٻيو گهيٽو بہ پيش ڪيو، يعني مخصوصيت جو گهٽو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن، انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.

23 پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.

24 پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ موسيٰ ڪجهہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو: باقي رت موسيٰ قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏيو.

25 پوءِ هن چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هئي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، ۽ ساڄي ران کنئي:

26 ۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ رکيل هئي، تنهن مان هڪڙي فطيري ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍيائين، ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين:

27 پوءِ هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪيائين.

28 پوءِ موسيٰ اهي سڀ هنن جي هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي مخصوصيت هئي، جا باهہ ۾ ساڙبي آهي.

29 پوءِ موسيٰ سينو کڻي لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ لوڏيو: اهو مخصوصيت واري گهٽي مان موسيٰ جو حصو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

30 پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.

31 ۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.

32 ۽ انهي گوشت ۽ مانين مان جيڪي بچي، سو اوهين باهہ سان ساڙي ڇڏيو.

33 ۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃجو، جيسين ڪ اوهان جي مخصوصيت جا ڏينهن پورا ٿين: ڇالاءِ جو ستن ڏينهن تائين هو اوهان کي مخصوص ڪندو.

34 ۽ خداوند حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن اڄ ڪيو ويو آهي، تيئن ئي ڪندا رهو، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.

35 ۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.

36 سو خداوند جيڪي حڪم موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا، سي سڀ هارون ۽ سندس پٽن بجا آندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan