Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 7 - Sindhi Bible

1 ۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي.

2 جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.

3 ۽ هو انهي جي سڀ چرٻي پيش ڪري؛ يعني دنب ۽ اها چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.

4 ۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي:

5 ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي، خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ڪيل قربانيءَ طور ساڙي: اها خطا جي قرباني آهي.

6 ۽ ڪاهنن مان سڀ ڪو مرد ماڻهو ڀلي انهيءَ مان کائي: اها ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي کائجي: اها تمام پاڪ آهي.

7 جهڙي گناهہ جي قرباني آهي، تهڙي خطا جي قرباني آهي، انهي جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي: جيڪو ڪاهن انهيءَ سان ڪفارو ڪري، تنهن کي ئي اها ملي.

8 جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهو جي سوختني قرباني چاڙهي، سو ئي پنهنجي چاڙهيل سوختني قربانيءَ جي کل پاڻ کڻي.

9 ۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تيل ۾ تريل، يا تئي تي پڪل هوندي، سا انهي ڪاهن جي ٿيندي جو انهيءَ کي پيش ڪندو.

10 ۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، تيل سان گڏيل، يا خشڪ، هارون جي سڀني پٽن جي ٿيندي، ۽ سڀني کي برابر حصو ملندو.

11 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي، تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.

12 جي هو اها شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري، تہ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل فطيري مانيون، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ تيل ۾ ڳوهيل پڪل ڍوڍا پيش ڪري.

13 انهن کان سواءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ، شڪرگذاريءَ لاءِ، فطيري مانيون قرباني طور پيش ڪري.

14 ۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو.

15 ۽ شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهي ڏينهن کائڻ ۾ اچي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي؛ ۽ هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ ڇڏي.

16 پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:

17 پر قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو باهہ ۾ ساڙيو وڃي.

18 جيڪڏهن هن جي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪجهہ گوشت ٽئين ڏينهن تائين کائبو، تہ اها قبول نہ پوندي، نڪي اها ڏيڻ واري جي بِلي شمار ٿيندي: اهو گوشت مڪروهہ آهي، ۽ جيڪو انهي مان کائيندو تنهن تي انهي جي گناهہ جو بار پوندو.

19 جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي:

20 جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

21 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

22 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

23 بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ اوهين وهڙي، يا گهٽي، يا ٻڪريءَ جي چرٻي نہ کائجو.

24 ۽ جيڪو جانور پاڻيهي مري، تنهن جي چرٻي، ۽ جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جي چرٻي، ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو: پر کائجو اصل نہ.

25 ڇالاءِ تہ جنهن جانور کي ماڻهو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ طور پيش ڪن، تنهن جي چرٻي جيڪو ماڻهو کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.

26 اوهين پنهنجن گهرن ۾ ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو، پوءِ اهو پکي جو هجي، توڙي جانور جو هجي.

27 جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، سو ڪير بہ هوندو، تہ بہ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.

28 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

29 بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪو ماڻهو خداوند جي لاءِ، پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، سو پاڻ پنهنجي سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ قرباني آڻي:

30 هو پاڻ پنهنجن هٿن سان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آڻي؛ يعني چرٻي، سيني سميت کڻي اچي، تہ سينو لوڏيل قربانيءَ جي لاءِ لوڏيو وڃي.

31 ۽ ڪاهن اها چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو.

32 ۽ اوهين پنهنجيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ساڄي ران، کڻڻ واري قرباني ڪري ڪاهن کي ڏجو.

33 هارون جي پٽن مان، جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري، تنهن کي ساڄي ران حصي ۾ ملي.

34 ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.

35 اهو آهي هارون ۽ سندس پٽن جي مسح ٿيڻ جو حصو، جو خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان، انهي ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن هو ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ڪيا ويا:

36 يعني جنهن ڏينهن خداوند انهن کي مسح ڪرايو، تنهن ڏينهن انهي بابت حڪم ڏنائين، تہ بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هنن جي سڀني پيڙهين ۾ سندن هميشہ جو حق آهي.

37 اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛

38 جنهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهي ڏينهن فرمايو، ۽ هن بني اسرائيل کي حڪم ڏنو، تہ سينا جي بيابان ۾ خداوند جي لاءِ پنهنجون قربانيون پيش ڪن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan