Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 5 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاهدي ڀرڻ وقت، جڏهن کيس قسم ڏنو وڃي، تڏهن جيڪي ٻڌو يا ڏٺو هجيس، سو نہ ٻڌائي، تہ هو گناهہ ٿو ڪري ۽ انهي جو ڏوهہ مٿس پوندو.

2 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ مرونءَ جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو مڙهہ هجي، تہ بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.

3 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:

4 يا جيڪڏهن ڪو تڪڙ ڪري ڪا نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ پنهنجن چپن سان قسم کڻي، پوءِ اهو ڪجهہ بہ هجي، جنهن لاءِ ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ قسم کڻي، ۽ انهي جي خبر نہ هجيس؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو اُنهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو:

5 ۽ هيئن ٿيندو تہ، جڏهن هو انهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿئي، تڏهن هو قبول ڪري، تہ فلاڻيءَ ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي:

6 پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.

7 ۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.

8 ۽ هو اهي ٻئي ڪاهن وٽ کڻي اچي، جو پهرين گناهہ جي قرباني پيش ڪري، ۽ انهي جي سسيءَ کي ڳچيءَ کان مروٽي، پر ڇني ڌار نہ ڪري:

9 هو انهي گناهہ جي قرباني جي رت مان ڪجهہ قربانگاهہ جي پاسي تي ڇاٽاري؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاسي تي هاري ڇڏي: اها گناهہ جي قرباني آهي.

10 ۽ ٻئي کي هو قانون موجب سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

11 پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.

12 ۽ هو اهو ڪاهن وٽ کڻي اچي، ۽ ڪاهن انهي مان هڪڙي مٺ يادگار لاءِ ڀري ڪڍي، ۽ قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي جي باهہ سان ساڙبيون آهن: اها گناهہ جي قرباني آهي.

13 ۽ انهن ڳالهين مان جنهن ڳالهہ ۾ هن گناهہ ڪيو هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هن کي معافي ملندي: ۽ باقي جيڪي بچي سو کاڌي جي قربانيءَ وانگر ڪاهن جو ٿيندو.

14 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

15 جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:

16 ۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

17 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪري: ۽ جيتوڻيڪ انهي جي خبر نہ هجيس، تہ بہ هو ڏوهاري آهي، ۽ گناهہ جو بار مٿس پوندو.

18 ۽ هو ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ وٺي اچي؛ ۽ جنهن ڳالهہ ۾ هن ڀل مان خطا ڪئي هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

19 هيءَ خطا جي قرباني آهي: جو هو بيشڪ خداوند جي حضور ۾ ڏوهاري ٿيو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan