Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 4 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خدا منع ڪئي آهي، تنهن بابت جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ انهن مان ڪو ڪم ڪري:

3 ۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.

4 هو انهي وهڙي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي؛ ۽ پنهنجو هٿ انهي وهڙي جي مٿي تي رکي، ۽ پوءِ انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري.

5 ۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:

6 ۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي ۽ اهو رت پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.

7 ۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

8 ۽ هو گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن:

9 ۽ ٻئي بڪيون ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي؛

10 جهڙي طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري وهڙي جي ڪڍبي آهي: ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.

11 ۽ وهڙي جي کل، ۽ انهي جو سڀ گوشت، انهي جي سريءَ ۽ پاون سميت، ۽ انهي جا آنڊا ۽ ڇيڻو.

12 يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.

13 ۽ جيڪڏهن اسرائيل جي سڄي جماعت ڪا خطا ڪري، ۽ اها ڳالهہ جماعت جي نظر کان لڪل هجي، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي تن مان ڪو ڪم هنن ڪيو هجي، ۽ ڏوهاري ٿيا هجن؛

14 تہ جيڪو گناهہ هنن ڪيو آهي سو جڏهن معلوم ٿئي، تڏهن جماعت گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي سامهون انهي کي پيش ڪري.

15 ۽ جماعت جا بزرگ خداوند جي حضور ۾ انهي وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن: ۽ پوءِ اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي.

16 ۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:

17 ۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي، ۽ اهو پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.

18 ۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

19 ۽ هو اُنهي جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، ۽ انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.

20 هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.

21 ۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.

22 جڏهن ڪو حاڪم ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند سندس خدا کيس منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛

23 تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ جي لاءِ هڪڙو نر ٻڪر آڻي، جو بي عيب هجي؛

24 ۽ هو انهي ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ انهي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: اها گناهہ جي قرباني آهي.

25 ۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

26 ۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

27 ۽ جڏهن عام ماڻهن مان ڪو شخص ڀل مان گناهہ ڪري، ۽ جن ڪمن جي ڪرڻ جي خداوند منع ڪئي آهي، تن مان ڪو ڪم ڪري ڏوهاري ٿيو هجي؛

28 تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ٻڪري آڻي، جا بي عيب هجي، ۽ پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.

29 ۽ هو انهي گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.

30 ۽ ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.

31 ۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

32 جيڪڏهن هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ گهيٽن مان آڻي، تہ بي عيب مادي آڻي.

33 ۽ هو انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.

34 ۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهيءَ جو باقي سڀ رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي:

35 ۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan