Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 3 - Sindhi Bible

1 ۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.

2 هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

3 ۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي؛ يعني آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سموري چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.

4 ۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي. ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.

5 ۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

6 ۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي، ۽ هو خداوند جي لاءِ ڌڻ مان ڪجهہ پيش ڪري؛ تہ اهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو بي عيب پيش ڪري.

7 جيڪڏهن هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ گهيٽو آڻي، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري:

8 ۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

9 ۽ هو سلامتيءَ جي قربانيءَ مان، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهي، يعني انهي جي چرٻي، ۽ سارو دنب، پٺ جي هڏي تائين؛ ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن.

10 ۽ ٻئي بڪيون ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.

11 ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.

12 جيڪڏهن انهي جي قرباني ڪا ٻڪري هجي، تہ اها خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري:

13 ۽ هو انهي جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبو جي سامهون انهيءَ کي ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

14 ۽ هو انهيءَ مان پنهنجي قرباني يعني باهہ سان ساڙيل قرباني خداوند جي لاءِ چاڙهي؛ پر آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هجي، ۽ سڀ چرٻي جنهن سان آنڊا ڍڪيل آهن،

15 ۽ ٻئي بڪيون، ۽ جيڪا چرٻي انهن تي هجي، جا چيلهہ جي پاسن تي ٿي ٿئي، ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي، سو بڪين سميت ڪڍي وٺي.

16 ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.

17 ۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan