Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 25 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ پهچو، جو آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تڏهن زمين کي خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي.

3 ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪج، ۽ ڇهہ ورهيہ تون پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج، ۽ انهيءَ جو ڦل گڏ ڪج؛

4 پر ستون ورهيہ انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ سبت ٿيڻ گهرجي: انهي ۾ نڪي تون پنهنجي ٻني پوکج، نڪي پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج.

5 جيڪي تنهنجي ٻنيءَ ۾ لاباري کان پوءِ پاڻيهي ڄمي، سو تون نہ لڻج، ۽ جنهن ڊاک جي ڇانگ تو ڪئي هجي، تنهن جا داڻا تون گڏ نہ ڪج: اهو ورهيہ زمين جي لاءِ پوري آرام جو ورهيہ ٿيندو.

6 ۽ زمين جي سبت جي پيدائش اوهان جي کاڌي لاءِ رهندي؛ يعني تنهنجي لاءِ، تنهنجي نوڪر ۽ ٻانهيءَ جي لاءِ، ۽ تنهنجي پورهيت جي لاءِ، ۽ جيڪو مسافر تو وٽ ٽڪيل هجي تنهن جي لاءِ؛

7 ۽ تنهنجي، چوپائي مال جي لاءِ، ۽ انهن جانورن جي لاءِ جي تنهنجي ملڪ ۾ هوندا، انهيءَ جي سموري پيدائش انهن جي کاڌي لاءِ ٿيندي.

8 ۽ تون پنهنجي لاءِ ورهين جا ست سبت شمار ڪج، يعني ستن ورهين جا ستوڻا؛ ۽ ورهين جي ستن سبتن جو شمار اوڻونجاهہ ورهيہ ٿيندو.

9 تنهن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين ڏينهن تون پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائي پڌرائي ڪج؛ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ تري وڄارائجو.

10 ۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.

11 ۽ اهو پنجاهون ورهيہ اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو: انهي ۾ اوهين ڪي بہ نہ پوکجو، نڪي جيڪي پاڻيهي ڄمي سو لڻجو، ۽ نڪي منهہ مان ڊاک جا داڻا گڏ ڪجو.

12 ڇالاءِ جو اهو جشن جو سال آهي؛ اهو اوهان جي لاءِ پاڪ ليکجڻ ۾ اچي: ٻنيءَ ۾ جيڪا پيدائش ٿئي سا اوهين کائجو:

13 انهي جشن واري سال ۾ اوهان مان سڀ ڪو پنهنجيءَ ملڪيت جو خود مالڪ ٿئي.

14 ۽ جڏهن تون ڪا شيءِ پنهنجي پاڙيسريءَ کي وڪڻين، يا پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريد ڪرين، تہ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو:

15 جشن واري سال کان پوءِ جيترا ورهيہ گذريا هجن، تن موجب تون پنهنجي پاڙيسريءَ کان خريداري ڪج، ۽ باقي ورهين جي فصل جي شمار موجب، هو توکي وڪرو ڪري ڏئي.

16 جيترا وڌيڪ سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت وڌائج، ۽ جيترا ٿورا سال هجن، تن موجب تون انهيءَ جي قيمت گهٽائج؛ ڇالاءِ جو هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيدائش توکي وڪڻي ٿو ڏئي.

17 ۽ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو؛ پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.

18 تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ منهنجن حڪمن کي ياد ڪري انهن تي هلجو؛ تہ اوهين انهي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا.

19 ۽ زمين پنهنجو ڦل پيئي ڏيندي، ۽ اوهين ڍؤ ڪري پيا کائجو، ۽ انهيءَ ۾ صحيح سلامت رهجو.

20 ۽ جيڪڏهن اوهين چوندا تہ، ڏسو، جي اسين ستين ورهيہ ۾ نہ پوکينداسين، ۽ نہ پيدائش گڏ ڪنداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟

21 تہ آءٌ ڇهين ورهيہ ۾ اوهان تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس، ۽ زمين ٽن سالن جيترو ڦل ڏيندي،

22 ۽ اٺين سال اوهين پوک ڪجو، ۽ اڳيون رکيل ڦل پيا کائجو؛ جيسين ڪ نائين سال زمين جو نئون ڦل پيدا ٿئي، تيسين اڳيون ڦل پيا کائجو.

23 ۽ زمين هميشہ جي لاءِ وڪڻڻ ۾ نہ اچي؛ ڇالاءِ جو زمين منهنجي آهي: ۽ اوهين مون وٽ مسافر ۽ مهمان آهيو.

24 سو اوهين پنهنجي ملڪيت واري ملڪ ۾ زمين جو ڇڏائڻ منظور ڪجو.

25 جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي ويو هجي، ۽ ملڪيت مان ڪجهہ کڻي وڪڻي، تہ هن جو ويجهو مائٽ اچي، ۽ جيڪي سندس ڀاءُ وڪيو هجي سو ڇڏائي.

26 پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، ۽ جي هو پاڻ اهڙو وسعت وارو ٿي ويو هجي جو اها ڇڏائي سگهي؛

27 تہ هو انهيءَ جي وڪري جا ورهيہ شمار ڪري، ۽ باقي رهيل ورهين جي لاءِ جيڪي واجب هجي سو انهي ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي، جنهن کي هن اها ملڪيت وڪي هجي؛ پوءِ هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.

28 پر جيڪڏهن هو اها پنهنجي لاءِ موٽي هٿ ڪري نہ سگهي، تہ پوءِ جيڪي هن وڪيو هجي، سو ڀلي خريدار جي قبضي ۾ رهي، جيسين ڪ جشن وارو سال اچي: ۽ انهي جشن واري سال ۾ هن جي ملڪيت ڇٽي ويندي، پوءِ ڀلي هو پنهنجي ملڪيت تي موٽي اچي.

29 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شهر پناهہ ۾ پنهنجو گهر وڪڻي، تہ انهي جي وڪري کان پوءِ هڪڙي سال جي اندر، هو انهي کي وري ڇڏائي سگهي ٿو؛ هڪڙي پوري سال جي اندر هن کي انهي جي ڇڏائڻ جو حق رهندو.

30 پر جيڪڏهن هڪڙي پوري سال جي اندر اهو ڇڏايو نہ وڃي، تہ پوءِ اُهو گهر، جو شهر پناهہ جي اندر هوندو، سو هميشہ جي لاءِ خريدار جي قبضي ۾، سندس پيڙهين تائين پڪيءَ طرح رهندو: اهو جشن واري سال ۾ ڇٽي ڪين سگهندو.

31 پر جن ڳوٺن جي چوڌاري شهر پناهہ اڏيل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گهر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا: اهي ڇڏائي سگهبا، ۽ جشن واري سال ۾ پاڻهي ڇٽي ويندا.

32 انهي هوندي بہ لاوين جا شهر، ۽ انهن شهرن جا گهر، جي سندين ملڪيت هجن، سي لاوي ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگهندا.

33 جيڪڏهن ڪو ٻيو لاوي انهي کي ڇڏائيندو، تہ اهو گهر، ۽ ملڪيت واري شهر جو حصو انهي وٽ رهندو، ۽ جشن واري سال ۾ ڇٽي ويندو: ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۾ لاوين جي شهرن جا گهر سندين ملڪيت آهن.

34 پر سندن شهر جي پسگردائيءَ واري ٻني ڪانہ وڪڻي سگهبي؛ ڇوتہ اها هنن جي مدامي ملڪيت آهي.

35 ۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ غريب ٿي وڃي، ۽ تو ڏانهن پنهنجو فرض پورو ڪري نہ سگهي؛ تہ تون انهي جي مدد ڪج: هو پرديسي يا مسافر وانگي توسان گڏ رهي.

36 تون انهيءَ کان وياج يا نفعو نہ وٺج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: تہ ڀلي تنهنجو ڀاءُ تو سان گڏ رهندو اچي.

37 تون پنهنجا پئسا هن کي وياج تي نہ ڏج، نڪي نفعي جي لاءِ هن کي کاڌو کارائج.

38 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا ٿيان.

39 ۽ جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ، جو توسان گڏ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي، ۽ پاڻ کي تو وٽ وڪڻي ڇڏي، تہ تون انهيءَ کان غلامن وانگي پورهيو نہ ڪرائج:

40 هو تو وٽ مزور يا مسافر وانگي رهي؛ هو جشن واري سال تائين تنهنجي خدمت ڪندو:

41 تنهن کان پوءِ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار تو وٽان هليا ويندا، ۽ پنهنجي خاندان، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهر ڏانهن موٽي ويندا.

42 ڇالاءِ جو اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو: اهي غلامن وانگي وڪيا نہ وڃن.

43 تون انهي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائج؛ پر پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج.

44 باقي جيڪڏهن اوهين غلام ۽ ٻانهيون رکو، تہ جيڪي قومون اوهان جي آس پاس رهن ٿيون، تن مان اوهين غلام ۽ ٻانهيون خريد ڪجو.

45 انهي کان سواءِ جيڪي ڌاريا ماڻهو اوهان منجهہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگهو: اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا.

46 ۽ اوهين انهن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجن ٻارن جي لاءِ ورثو ڪري ڇڏجو، تہ انهن جي ملڪيت ٿين؛ اوهين انهن مان هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگهندا: پر پنهنجن ڀائرن، يعني بني اسرائيل ۾، اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.

47 ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو پرديسي يا مسافر شاهوڪار ٿئي، ۽ تنهنجو ڀاءُ جو انهيءَ سان گڏ رهندو هجي سو غريب ٿي پوي، ۽ اوهان ۾ رهندڙ انهي پرديسي يا مسافر وٽ، يا انهي جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ پاڻ کي وڪڻي؛

48 تہ انهي جي وڪامڻ کان پوءِ سندس ڀائرن مان ڪوبہ انهي کي ڇڏائي ٿو سگهي؛

49 هن جو چاچو، يا هن جو سوٽ، يا هن جي خاندان مان ڪوبہ ويجهو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگهي؛ يا جي هو پاڻ شاهوڪار ٿئي، تہ پاڻ کي ڇڏائي سگهندو.

50 ۽ جنهن سال ۾ هن پاڻ کي وڪيو هجي، تنهن کان وٺي جشن جي سال تائين هو پنهنجي خريدار سان حساب ڪري: هن جي قيمت ورهين جي شمار موجب ٿيندي؛ يعني مزور جي ڏينهن جي حساب موجب هو انهي وٽ رهندو.

51 پر جي اڃا گهڻا ورهيہ باقي هجن، تہ پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت اوترن ورهين جي حساب موجب، انهن پيسن مان موٽائي ڏئي، جن ۾ هو وڪاڻو هجي.

52 پر جي جشن جي سال تائين باقي ٿورا ورهيہ هجن، تہ پوءِ هو انهي سان حساب ڪري؛ ۽ اوترن ورهين موجب پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي.

53 هو نوڪر وانگي هر ڪنهن سال جي حساب موجب هن وٽ رهندو اچي؛ هو انهيءَ تي اهڙي طرح حڪم نہ هلائي، جو تنهنجي نظر ۾ سختي هجي.

54 ۽ جيڪڏهن هو انهيءَ ريت ڇڏايو نہ وڃي، تہ هو پاڻ ۽ ساڻس گڏ سندس ٻار جشن واري سال ۾ پاڻيهي ڇٽي ويندا.

55 ڇالاءِ جو بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن؛ اهي منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan