لاوي سرشتو 24 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ جي لاءِ نج زيتون جو جهاڳوڙيل تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي. 3 ۽ هارون انهي کي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي پردي جي ٻاهران، سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو. 4 هو اهي ڏيئا پاڪ شمعدان تي، خداوند جي حضور ۾ هميشہ ٺاهي رکي. 5 ۽ تون ميدو کڻي، انهي مان ٻارنهن مانيون پچائج: هرهڪ مانيءَ ۾ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو هجي. 6 ۽ تون اهي خداوند جي حضور ۾ پاڪ ميز تي ٻن قطارن ۾ رکج، هرهڪ قطار ۾ ڇهہ مانيون. 7 ۽ تون هرهڪ قطار تي خالص لوبان رکج. انهي لاءِ تہ اهو مانين تي يادگيريءَ جي لاءِ رهي، يعني خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي. 8 هر ڪنهن سبت جي ڏينهن هو خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي؛ اهو بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جو عهد آهي. 9 ۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي. 10 پوءِ هڪڙي اسرائيلي زال جو پٽ، جنهن جو پيءُ مصري هو، سو نڪري بني اسرائيل ۾ ويو: ۽ انهيءَ اسرائيلي زال جي پٽ جو هڪڙي اسرائيلي ماڻهوءَ سان منزلگاهہ ۾ جهيڙو ٿي پيو؛ 11 ۽ اهو اسرائيلي زال جو پٽ خداوند جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳو ۽ انهي تي لعنت ڪيائين: تڏهن هو انهي کي موسيٰ وٽ وٺي آيا. ۽ انهي جي ماءُ جو نالو سلوميت هو، ۽ هوءَ دان جي قبيلي واري دبريءَ جي ڌيءَ هئي. 12 ۽ هنن انهي ماڻهوءَ کي قيد ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهي جي بابت کين خداوند جو حڪم معلوم ٿئي. 13 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 14 جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري. 15 ۽ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪو پنهنجي خدا تي لعنت ڪندو، سو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو. 16 ۽ جيڪو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو سو ضرور قتل ڪيو ويندو؛ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪندي: اهو پرديسي هجي توڙي ديسي هجي، پر جنهن وقت هو خداوند جي نالي تي ڪفر بڪندو، تنهن وقت هو ضرور قتل ڪيو ويندو. 17 ۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ 18 ۽ جيڪو ڪنهن جانور کي ڌڪ هڻي ماري وجهي، سو انهي جو عيوضو ڀري ڏئي: جان جي عيوض جان. 19 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي عيبدار ڪري وجهي؛ تہ جيئن هن ڪيو هجي، تيئن ساڻس بہ ڪيو وڃي؛ 20 ڀڃڻ جي عيوض ڀڃڻ، اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند: جهڙو عيب هن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪيو هجي، تهڙو منجهس بہ ڪيو وڃي. 21 جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجهندو سو انهي جو عيوضو ڀري ڏيندو: ۽ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهندو سو قتل ڪيو ويندو. 22 اوهان جي لاءِ هڪڙي ئي شريعت آهي، جهڙي ملڪ ۾ ڄاولن جي لاءِ، تهڙي پرديسين جي لاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 23 ۽ جيئن موسيٰ بني اسرائيل کي چيو، تيئن هنن انهي لعنت ڪرڻ واري کي منزلگاهہ کان ٻاهر آندو، ۽ پهڻ هڻي سنگسار ڪيائونس. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society