لاوي سرشتو 22 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ بني اسرائيل جون پاڪ شيون، جي هو منهنجي لاءِ پاڪ ڪن، تن کان پاڻ کي پري رکن، ۽ انهن جي ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: آءٌ خداوند آهيان. 3 هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان. 4 هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي، 5 يا جيڪو ڪنهن اهڙي سرندڙ جيت کي ڇهي، جنهنڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، يا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڇهي، جنهن مان هن کي ناپاڪي لڳي، پوءِ اها ناپاڪي ڪهڙي بہ قسم جي هجي؛ 6 تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي. 7 ۽ جڏهن سج لهندو، تڏهن هو پاڪ ٿيندو؛ پوءِ هو انهن پاڪ شين مان ڀلي کائي؛ ڇالاءِ جو اها سندس خوراڪ آهي. 8 جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان. 9 تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان. 10 ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهن شين مان ڪجهہ بہ نہ کائي: ڪاهن وٽ رهندڙ مسافر يا ڪو مزور بہ، انهن پاڪ شين مان نہ کائي. 11 پر جنهن کي ڪاهن پئسن سان خريد ڪيو هجي، سو ڀلي انهيءَ مان کائي، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ ڄاوا هجن، سي هن جي کاڌي مان ڀلي کائين. 12 ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي، تہ اها انهن پاڪ شين جي کڻڻ واري قربانيءَ مان نہ کائي. 13 پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي. 14 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي. 15 ۽ بني اسرائيل جيڪي پاڪ شيون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن جي هو بي ادبي نہ ڪن؛ 16 ۽ انهي ڪري هنن تي گناهہ جو بار نہ وجهن: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان. 17 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 18 تون هارون، ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو بني اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾، سوختني قرباني پيش ڪري؛ 19 تہ اوهين ڍڳن مان، يا رڍن مان، يا ٻڪرين مان ڪو بي عيب نر پيش ڪجو، تہ اوهين قبول پئو. 20 پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو. 21 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ پنهنجن ڍورن، يا ڌڻن مان، خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري؛ تہ انهي ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر اُها بلڪل سالم هجي تہ قبول پوي. 22 انڌو، يا عضوي ڀڳل، يا منڊو ٽُنڊو، يا لسڻ، يا ڏڍ، يا خارش وارو جانور اوهين خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪجو، ۽ نڪي انهن مان ڪنهن کي قربانگاهہ تي آڻي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهجو. 23 جنهن ڍڳي يا گهيٽي جو ڪو عضوو وڌيل يا گهٽيل هجي، سو تون خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪج؛ پر ڪنهن مڃت جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو. 24 جنهن جا آنورا ڦٽيل، يا چيريل، يا ڀڳل، يا وڍيل هجن، سو بہ اوهين خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو؛ نڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن جي قرباني چاڙهجو. 25 ۽ اوهين ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي، پنهنجي خدا جي خوراڪ لاءِ پيش نہ ڪجو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ سندن خرابي آهي ۽ منجهن عيب آهي: اهي اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندا. 26 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 27 جڏهن ڪو گابو، يا گهيٽو، يا ڇيلو ڄمي، تڏهن ست ڏينهن اهي پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهن؛ ۽ اٺين ڏينهن، يا انهي کان پوءِ اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ واسطي قبول پوندا. 28 ۽ اوهين ڳئون، يا رڍ کي، ۽ انهيءَ جي ٻچي کي هڪڙي ئي ڏينهن ذبح نہ ڪجو. 29 ۽ جڏهن اوهين خداوند جي شڪرگذاريءَ لاءِ قرباني چاڙهيو، تڏهن اهڙيءَ طرح چاڙهجو جو اوهين قبول پئو. 30 انهي ساڳئي ڏينهن اها کائجو؛ انهي مان صبح تائين ڪي بہ نہ بچائجو: آءٌ خداوند آهيان. 31 تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان. 32 ۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛ 33 ۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society