لاوي سرشتو 20 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين. 3 آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس. 4 ۽ جڏهن هو پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏيندو، ۽ جي ملڪ جا ماڻهو انهي کان اک ٻوٽ ڪندا، ۽ انهي کي قتل نہ ڪندا: 5 تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس. 6 ۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس. 7 تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 8 اوهين منهنجا قانون ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان. 9 ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي. 10 ۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا. 11 ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهندو، تنهن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي. 12 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ننهن سان سمهندو، تہ اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا: هن اونڌو ڪم ڪيو آهي؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي. 13 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي. 14 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ۽ پنهنجي سس ٻنهي کي رکندو، تہ اها بڇڙائي آهي. اهو ماڻهو ۽ هو ٻئي زالون باهہ ۾ ساڙيا ويندا؛ انهي لاءِ تہ اوهان ۾ بڇڙائي نہ رهي. 15 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪندو، تہ اهو بہ ضرور ماريو ويندو: ۽ اوهين انهي جانور کي بہ ڪهي ڇڏجو، 16 جيڪڏهن ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي، ۽ انهي جي هيٺان وڃي سمهي، تہ اوهين انهيءَ جانور ۽ انهيءَ زال کي قتل ڪري ڇڏجو: اهي ٻئي ضرور ماريا وڃن؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي. 17 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو. 18 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال جي ماهواريءَ وقت انهيءَ سان سمهي، ۽ سندس ننگ کولي؛ تہ هن انهيءَ جو چشمو اُگهاڙو ڪيو آهي، ۽ زال پنهنجي رت جو چشمو ظاهر ڪيو آهي: تہ اهي ٻئي پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا. 19 ۽ تون پنهنجيءَ ماءُ جي ڀيڻ، ۽ پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي ويجهي مائٽياڻيءَ کي اُگهاڙو ڪيو آهي: هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو. 20 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ سان گڏ سمهندو، تہ انهي پنهنجي چاچيءَ جو ننگ کوليو آهي: اهي پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندا؛ اهي بي اولاد مرندا. 21 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ کي پاڻ وٽ ويهاريندو تہ اها ناپاڪي آهي: هن پنهنجي ڀاءُ جو ننگ کوليو آهي؛ اهي بي اولاد مرندا. 22 تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي. 23 ۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي. 24 پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي. 25 تنهنڪري اوهين پاڪ ۽ ناپاڪ جانور جي وچ ۾، ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ پکيءَ جي وچ ۾ فرق ڪجو: ۽ جانور يا پکي، يا ٻيو ڪو زمين تي سرندڙ جيت، جنهن کي مون ناپاڪ ٺهرائي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تنهن جي ڪري اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو. 26 ۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو. 27 جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society