لاوي سرشتو 19 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان. 3 اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 4 اوهين بتن ڏانهن متان ڦرو، نڪي پنهنجي لاءِ پلٽيل معبود جوڙيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 5 ۽ جڏهن اوهين خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهيو، تڏهن اها اهڙيءَ طرح چاڙهجو، جو اوهين قبول پئو. 6 جنهن ڏينهن اوهين اها پيش ڪريو، تنهن ڏينهن، ۽ ٻئي ڏينهن جي صبح تائين اها کائڻ ۾ اچي: پر جيڪڏهن ٽئين ڏينهن تائين ڪجهہ بچي پوي، تہ اها باهہ ۾ ساڙي وڃي. 7 جيڪڏهن ٽئين ڏينهن انهي مان ڪجهہ کائڻ ۾ ايندو، تہ اهو مڪروهہ آهي؛ ۽ اها قبول نہ پوندي: 8 ۽ جيڪو اهو کائيندو، سو پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ شيءِ کي پليت ڪيو آهي: ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو. 9 ۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا متان لڻين، نڪي لاباري وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج. 10 ۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 11 اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان ڪپت ڪجو، يا ڪوڙ ڳالهائجو. 12 اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان. 13 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪج، نڪي انهيءَ کان ڪي ڦري وٺج: مزدور جي مزدوري سڄي رات، يعني صبح تائين پاڻ وٽ نہ رکج. 14 تون ٻوڙي کي لعنت نہ ڪج، نڪي انڌي جي اڳيان ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکج. پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان. 15 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو: تون ڪنهن کي غريب سمجهي انهي جي پاس خاطري نہ ڪج، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي طرفداري ڪج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو فيصلو انصاف سان ڪج. 16 تون پنهنجن ماڻهن ۾ چغلخورن وانگر هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ نہ ڪج: نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي خون تي سندرو ٻڌج: آءٌ خداوند آهيان. 17 تون پنهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ دشمني نہ رکج: تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ضرور ڏوراپو ڏج، ۽ انهي جو لحاظ ڪري، پنهنجي سر تي گناهہ نہ کڻج. 18 تون پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺج، نڪي انهن سان ڪينو رکج، پر پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪج: آءٌ خداوند آهيان. 19 اوهين منهنجن قانونن کي ياد رکجو. تون پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس سان لڳڻ نہ ڏج: تون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي نہ پوکج: ۽ نڪي تون ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ ڍڪج. 20 ۽ جيڪڏهن ڪا زال ٻانهي هجي، ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان مڱيل هجي، ۽ عيوضو ڏيئي ڇڏايل يا آزاد ٿيل نہ هجي، تنهن سان جيڪڏهن ڪو زنا ڪندو، تہ انهن کي سزا ڏني ويندي؛ پر اهي قتل نہ ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو اها زال آزاد نہ هئي. 21 ۽ اهو ماڻهو پنهنجي خطا جي قرباني، خداوند جي لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، يعني خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي. 22 ۽ ڪاهن انهي خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان، هن جي گناهہ جي واسطي، خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري: پوءِ هن کي سندس گناهہ جي معافي ملندي. 23 ۽ جڏهن اوهين انهي ملڪ ۾ وڃو، ۽ هر ڪنهن قسم جي ميوي جا وڻ پوکيو تہ انهن جو ميوو اوهين اڻ طهريل ڪري ليکجو: ٽي ورهيہ اهو ميوو اوهان جي لاءِ اڻ طهريل وانگر رهندو؛ ۽ اهو کائڻ ۾ نہ ايندو. 24 پر چوٿين ورهيہ انهن جو سڀ ميوو خداوند جي شڪرگذاريءَ جي لاءِ پاڪ ڪيو ويندو. 25 ۽ پنجين ورهيہ اوهين ڀلي اُنهي جو ميوو کائجو تہ اوهان جي لاءِ انهن جو ڦل وڌيڪ ٿئي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 26 اوهين ڪابہ شيءِ رت سان گڏيل نہ کائجو: نڪي جادوگري ڪجو. نڪي سوڻ ساٺ ڪجو. 27 اوهين پنهنجي مٿي جي وارن جون نؤڪون ڪوڙائي گول نہ ڪجو، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جون ڪنڊون بگاڙجو. 28 اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي بت تي تروکڙيون ڪڍائجو: آءٌ خداوند آهيان. 29 تون پنهنجي ڌيءَ کي ڪسبياڻي ٿيڻ لاءِ پليت نہ ڪج؛ متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي، ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي. 30 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ياد رکجو، ۽ منهنجي پاڪ مڪان جي تعظيم ڪجو: آءٌ خداوند آهيان. 31 جيڪي ڀوپا ۽ جادوگر آهن، تن ڏانهن منهن نہ ڪجو، نڪي انهن کي ڳولي وٽن وڃجو، متان اوهين انهن سان ناپاڪ ٿيو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 32 تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان. 33 جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان جي ملڪ ۾ اچي رهي، تہ انهي کي نہ ستائجو. 34 جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 35 اوهين فيصلي ڪرڻ ۾، ماپڻ ۾، يا تورڻ ۾، يا مئڻ ۾ بي انصافي نہ ڪجو. 36 اوهين پاڻ وٽ پوريون ساهميون، پورا وٽ، پورو ايفہ ۽ پورو هين رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. 37 اوهين منهنجا سڀ قانون، ۽ منهنجا سڀيئي حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society