لاوي سرشتو 18 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 3 مصر جو ملڪ جنهن ۾ اوهين رهندا هئا، انهن جهڙا ڪم اوهين متان ڪريو: ۽ ڪنعان جو ملڪ، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان، انهن جهڙا ڪم بہ اوهين متان ڪريو: نڪي اوهين انهن جي قانونن تي هلجو. 4 اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 5 تنهنڪري اوهين منهنجن قانونن ۽ منهنجن حڪمن تي عمل ڪجو: جيڪو ماڻهو ائين ڪندو، سو انهن جي ڪري جيئرو رهندو: آءٌ خداوند آهيان. 6 اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجهيءَ مائٽياڻيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ انهي جي ويجهو نہ وڃي: آءٌ خداوند آهيان. 7 تون پنهنجي پيءُ جو ننگ، يعني پنهنجيءَ ماءُ جو ننگ نہ کولج: هوءَ تنهنجي ماءُ آهي؛ تون انهيءَ جو ننگ نہ کولج. 8 تون پنهنجي پيءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اهو تنهنجي پيءُ جو ننگ آهي. 9 نڪي تون پنهنجي ڀيڻ جو، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجيءَ ماءُ جي ڌيءَ جو ننگ کولج، پوءِ اها گهر ۾ ڄائي هجي، يا ڪٿي ٻاهر ڄائي هجي. 10 تون پنهنجي پٽ جي ڌيءَ جو، يا پنهنجي ڌيءَ جي ڌيءَ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو انهن جو ننگ خود تنهنجو ننگ آهي. 11 تنهنجي پيءُ جي زال جي ڌيءَ، جا تنهنجي پيءُ مان ڄائي هجي؛ اها تنهنجي ڀيڻ آهي، تنهن جو بہ ننگ تون نہ کولج. 12 تون پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي پيءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. 13 تون پنهنجي ماءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اها تنهنجيءَ ماءُ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. 14 تون پنهنجي پيءُ جي ڀاءُ جو ننگ نہ کولج، نڪي هن جي زال جي ويجهو وڃج: اها تنهنجي چاچي آهي. 15 تون پنهنجيءَ ننهن جو ننگ نہ کولج، اها تنهنجي پٽ جي زال آهي: تون انهيءَ جو ننگ متان کولين. 16 تون پنهنجي ڀاءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي ڀاءُ جو ننگ آهي. 17 تون ڪنهن بہ زال ۽ سندس ڌيءَ ٻنهي جو ننگ نہ کولج؛ تون انهيءَ زال جي پٽ جي ڌيءَ، يا سندس ڌيءَ جي ڌيءَ کي ننگ کولڻ لاءِ متان وٺين؛ اهي ويجهيون مائٽياڻيون آهن: اها وڏي بدڪاري آهي. 18 تون هڪڙيءَ زال جي جيئري هوندي، انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ ٿيڻ لاءِ، ۽ انهيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ، نہ وٺج. 19 جيڪا زال پنهنجيءَ ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جو ننگ کولڻ لاءِ، سندس ويجهو نہ وڃج. 20 تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري، پاڻ کي انهيءَ سان پليت نہ ڪج. 21 تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان. 22 تون ڪنهن مرد سان زال وانگر نہ سمهج: ڇالاءِ جو اهو مڪروهہ آهي. 23 ۽ تون ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪج: ۽ نہ ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي انهي جي هيٺان سمهي: اها اونڌي ڳالهہ آهي. 24 اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري پليت ٿيون آهن: 25 ۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي. 26 تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن: 27 (ڇالاءِ تہ جيڪي اوهان کان اڳي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا، تن اهي سڀ مڪروهہ ڪم ڪيا آهن، ۽ اها زمين پليت آهي؛) 28 سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قوم کي ڪڍي ڇڏيائين. 29 ڇالاءِ تہ جيڪو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪندو، تہ اهڙا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا. 30 تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society