لاوي سرشتو 17 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 تون، هارون ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ خداوند هي حڪم ڏنو آهي ۽ چيو اٿس، تہ 3 اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، يا گهٽو، يا ٻڪر، منزلگاهہ ۾، يا منزلگاهہ کان ٻاهر ذبح ڪندو، 4 ۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو: 5 انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن. 6 ۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي. 7 ۽ اڳتي هو ڀوتن جي لاءِ پنهنجون قربانيون نہ چاڙهين، جن جي پيروي ڪندي هو زناڪار ٿيا آهن، اهو هنن جي لاءِ سندن پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون ٿيندو. 8 ۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري، 9 ۽ اُها جماعت واري تنبو جي در وٽ آڻي خداوند جي لاءِ نٿو چاڙهي؛ اُهو ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو. 10 ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو، تہ انهي رت کائڻ واري ماڻهوءَ کان آءٌ پنهنجو منهن ڦيرائيندس، ۽ انهن کي سندس قوم مان تباهہ ڪندس. 11 ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي. 12 تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهان مان ڪوبہ رت نہ کائي، نہ ڪو پرديسي، جو اوهان منجهہ رهي ٿو، سو رت کائي. 13 ۽ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي انهن منجهہ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو ڪنهن حلال جانور، يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري؛ سو انهي جو رت هاري ڇڏي، ۽ اهو مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي. 14 ڇالاءِ جو سڀني جسمن جي زندگي، يعني انهن جو رت ۽ انهن جي جان هڪڙي ئي شيءِ آهي: تنهنڪري مون بني اسرائيل کي چيو، تہ اوهين ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن جسم جي زندگي انهي جو رت آهي: جيڪو اهو کائيندو سو تباهہ ڪيو ويندو. 15 ۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 16 پر جي هو اهي نہ ڌوئندو ۽ نہ وهنجندو، تہ هو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society