لاوي سرشتو 14 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 جنهن ڏينهن ڪوڙهيو پاڪ ٿئي، تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ هو ڪاهن وٽ آندو وڃي: 3 ۽ ڪاهن منزلگاهہ مان نڪري ٻاهر وڃي؛ ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ جو مرض ڪوڙهئي مان نڪري ويو هجي؛ 4 تہ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ اهي ٻہ جيئرا حلال پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، ۽ زوفا آڻين: 5 پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن پکين مان هڪڙي کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪن: 6 ۽ باقي جيڪو جيئرو پکي آهي سو ۽ ديال جي ڪاٺي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ زوفا، اهي سڀ شيون هو جيئري پکي سميت کڻي، ۽ جيڪو پکي وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪيو هئائون، تنهن جي رت ۾ ٻوڙي: 7 ۽ جيڪو ماڻهو ڪوڙهہ کان پاڪ ٿيڻو هجي، تنهن تي ست ڀيرا ڇاٽاري، ۽ انهي کي پاڪ ٺهرائي، پوءِ انهي جيئري پکيءَ کي کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي. 8 ۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي. 9 ۽ ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ۽ پنهنجي ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙائي، مطلب تہ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي: ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 10 ۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي. 11 پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ ٺهرائي، سو انهي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري: 12 ۽ ڪاهن هڪڙو گهيٽو، ۽ تيل جي ماڻ کڻي خطا جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي: 13 ۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي: 14 ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ مان ڪجهہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي: 15 ۽ ڪاهن انهي تيل جي ماڻ مان ڪجهہ کڻي، پنهنجي کٻي هٿ جي تريءَ تي وجهي: 16 ۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا پنهنجيءَ آڱر سان ڪجهہ تيل ڇاٽاري: 17 ۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي: 18 ۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري. 19 پوءِ ڪاهن گناهہ جي قرباني چاڙهي، ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري: تنهن کان پوءِ هو سوختني قرباني ذبح ڪري، 20 ۽ ڪاهن اُها سوختني قرباني ۽ کاڌي جي قرباني، قربانگاهہ تي پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 21 ۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛ 22 ۽ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جيڪي بہ آڻي سگهي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ آڻي. 23 ۽ اٺين ڏينهن هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ، اهي شيون جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ کڻي اچي. 24 ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو، ۽ تيل جو ماڻ کڻي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي: 25 پوءِ هو خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو ذبح ڪري، ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي: 26 ۽ ڪاهن انهي تيل مان ڪجهہ پنهنجي کٻي هٿ جي تريءَ تي وجهي: 27 ۽ ڪاهن پنهنجي کٻي هٿ واري تيل مان ڪجهہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا خداوند جي حضور ۾ ڇاٽاري: 28 ۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي جاءِ تي لڳائي: 29 ۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، سو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي، ۽ هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري. 30 پوءِ هو ڳيرن يا ڪبوتر جي ٻچن مان جيڪي بہ آڻي سگهيو هجي، تن مان هڪڙو پيش ڪري، 31 يعني جيڪي آڻي سگهيو هجي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، کاڌي جي قربانيءَ سميت پيش ڪري: ۽ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري. 32 اهو آهي انهي ماڻهو جي لاءِ قاعدو، جنهن کي ڪوڙهہ جو مرض ٿيو هجي، ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ وقت گهربل شين جي وسعت نہ هجي. 33 ۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 34 جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃي پهچو، جو ملڪ آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ٿو ڏيان، ۽ جڏهن اوهان جي انهي ملڪيت واري ملڪ جي ڪنهن گهر ۾ آءٌ ڪوڙهہ جو مرض وجهان، 35 تڏهن جيڪو اُنهي گهر جو مالڪ هجي، سو اچي ڪاهن کي ٻڌائي ۽ چوي، تہ مون کي معلوم ٿو ٿئي، تہ منهنجي گهر ۾ ڪو مرض آهي: 36 تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري، تہ انهي مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳي اهو گهر خالي ڪري ڇڏين، انهي لاءِ تہ گهر جو سڀ سامان ناپاڪ نہ ٿئي: تنهن کان پوءِ ڪاهن گهر کي ڏسڻ لاءِ وڃي: 37 ۽ هو انهي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض گهر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا چير ٿي پيا هجن، ۽ اهي چير ڀت ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن، 38 تہ پوءِ ڪاهن گهر مان نڪري گهر جي در تي اچي، ۽ گهر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي: 39 ۽ ڪاهن ستين ڏينهن وري اچي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن مرض گهر جي ڀتين تي پکڙجي ويو هجي، 40 تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري، تہ جن پهڻن ۾ مرض آهي، سي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين: 41 پوءِ هو گهر کي اندران چوڌاري کرڙائي، ۽ جيڪا مٽي کرڙي ڪڍن سا شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين: 42 پوءِ هو ٻيا پهڻ کڻي، انهن پهڻن جي جاءِ تي وجهن؛ ۽ هو ٻي مٽي آڻي گهر جي لنب ڪرائي، 43 ۽ جيڪڏهن پهڻن جي نڪرڻ ۽ گهر جي کرڙجڻ ۽ لنبجڻ کان پوءِ بہ، وري مرض اچي گهر ۾ ظاهر ٿئي؛ 44 تہ پوءِ پهرين ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن مرض گهر ۾ پکڙجي ويو هجي، تہ اُهو انهي گهر ۾ خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي: اهو ناپاڪ آهي. 45 ۽ هو انهي گهر کي ڀڃي ڊهرائي ڇڏي، ۽ هو انهي جا پهڻ، ۽ انهي جي مٽي، شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ تي اُڇلائي ڇڏي، 46 انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 47 ۽ جيڪو انهي گهر ۾ سمهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو؛ ۽ جيڪو انهي گهر ۾ کائيندو؛ سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو. 48 پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي. 49 پوءِ گهر کي پاڪ ڪرڻ لاءِ هو ٻہ پکي، ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ ۽ زوفا آڻي: 50 ۽ هو پکين مان هڪڙي کي ٺڪر جي ٿانو ۾ وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪري: 51 پوءِ ديال جي ڪاٺي، قرمزي رنگ، زوفا، ۽ جيئرو پکي کڻي، ۽ انهن کي ذبح ڪيل پکيءَ جي رت ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ست ڀيرا انهي گهر ۾ ڇاٽاري، 52 ۽ انهي پکيءَ جي رت سان، ۽ وهندڙ پاڻيءَ سان، ۽ جيئري پکيءَ سان، ۽ ديال جي ڪاٺيءَ سان، ۽ زوفا سان، ۽ قرمزي رنگ سان گهر کي پاڪ ڪري: 53 پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي؛ انهيءَ طرح هو گهر جي لاءِ ڪفارو ڪري: تہ اهو گهر پاڪ ٿيندو. 54 اهو آهي قاعدو هر ڪنهن قسم جي ڪوڙهہ جي مرض، ۽ پت جي لاءِ؛ 55 ۽ ڪپڙن جي، ۽ گهر جي ڪوڙهہ لاءِ؛ 56 ۽ سوڄ، ڏڍ ۽ چمڪندڙ داغ لاءِ: 57 انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ انهن کي ڪڏهن پاڪ ٺهرائجي، ۽ ڪڏهن ناپاڪ ٺهرائجي: اهو آهي ڪوڙهہ جو قاعدو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society