لاوي سرشتو 13 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 2 جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي: 3 ۽ اهو ڪاهن هن جي بت جي کل تي ٿيل مرض کي چڪاسي: ۽ جيڪڏهن انهي مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ جيڪڏهن اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ڏسي کيس ناپاڪ ٺهرائي. 4 ۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري: 5 ۽ ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري وهاري: 6 ۽ وري ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ٿورو جهڪو ٿيو هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي ماڻهوءَ کي پاڪ ٺهرائي: اها ڏڍ آهي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي. 7 پر جي ڪاهن جي ڏسڻ ۽ پاڪ ٺهرائڻ کان پوءِ اها ڏڍ کل تي گهڻي وڌي وڃي، تہ پوءِ هو وري بہ ڪاهن وٽ وڃي پاڻ ڏيکاري: 8 ۽ ڪاهن انهي کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي ڏڍ کل تي پکڙجي ويئي هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ آهي. 9 جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪوڙهہ جو مرض ٿئي، تہ انهي کي ڪاهن وٽ آندو وڃي؛ 10 ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن کل تي اڇي سوڄ هجي، ۽ انهي جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس نرم ۽ جيئرو هجي، 11 تہ اهو هن جي بت جي کل ۾ جهونو ڪوڙهہ آهي، ۽ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: هو انهي کي بند نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هو ناپاڪ آهي. 12 پر جيڪڏهن ڪوڙهہ هن جي کل تي پورو پکڙجي ويو هجي، ۽ مريض جي سڄي بت جي کل تي مٿي کان پيرن تائين جيڪو هنڌ ڪاهن ڏسي سگهي، تنهن تي ڪوڙهہ پکڙجي ويو هجي؛ 13 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ هن جي سڄي بت تي پکڙجي ويو هجي، تہ هو انهيءَ مريض کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو هو سڄو ئي اڇو ٿي ويو آهي: ۽ هو پاڪ آهي. 14 پر جنهن وقت هن ۾ نرم ماس ظاهر ٿئي، تنهن وقت هو ناپاڪ ٿيندو. 15 ڪاهن انهي ماس کي چڪاسي، ۽ هن کي ناپاڪ ٺهرائي: نرم ماس ناپاڪ آهي: اهو ڪوڙهہ آهي. 16 پر جي اهو نرم ماس بدلجي اڇو ٿي پوي، تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي، 17 ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي اهو مرض وارو هنڌ بدلجي اڇو ٿي ويو هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي مريض کي پاڪ ٺهرائي: ڇو تہ هو پاڪ آهي. 18 ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي ڪا ڦرڙي هجي، ۽ اها ڇٽي ويئي هجي، 19 ۽ ڦرڙي واري جاءِ تي ڪا اڇي سوڄ هجي، يا ڪو اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي، تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛ 20 ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو هنڌ کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، جو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي. 21 پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي هنڌ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو بہ نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري؛ 22 ۽ جيڪڏهن اهو کل تي پکڙجي پوي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو مرض آهي. 23 پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ڦرڙيءَ جو داغ آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي. 24 يا جڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي باهہ ۾ سڙڻ جي ڪري داغ ٿيو هجي، ۽ سڙيل هنڌ جو جيئرو ماس ڳاڙهيرو اڇو، يا صفا اڇو ٿي پوي؛ 25 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو سڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي. 26 پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو نہ هجي، ۽ جهڪو هجي؛ تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري: 27 ۽ ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي: جي اهو کل تي وڌيڪ پکڙيو هجي، تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي. 28 پر جيڪڏهن چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ کل تي پکڙيو نہ هجي، پر ٿورو جهڪو ٿيو هجي؛ تہ اهو سڙڻ جو نشان آهي، ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو اهو فقط سڙڻ جو داغ آهي. 29 جيڪڏهن ڪنهن مرد يا زال کي مٿي ۾ يا ڏاڙهي تي مرض هجي، 30 تہ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ پيلا سنها وار هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو پت آهي: اهو مٿي جو يا ڏاڙهيءَ جو ڪوڙهہ آهي. 31 پر جيڪڏهن ڪاهن انهي پت جي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي ۾ ڪارا وار نہ هجن، تہ ڪاهن انهي پت جي مرض واري کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري: 32 ۽ ستين ڏينهن ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو پت پکڙيو نہ هجي، ۽ انهي ۾ پيلا وار بہ نہ هجن، ۽ پت کل کان اونهو بہ نہ هجي، 33 تہ هن جا وار ڪوڙائجن، مگر پت وارو هنڌ نہ ڪوڙائجي؛ ۽ ڪاهن اهڙي پت واري ماڻهوءَ کي ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري: 34 ۽ ستين ڏينهن ڪاهن انهي پت کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن پت کل تي پکڙيو نہ هجي ۽ اهو کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي. 35 پر جي هن جي پاڪ ٿيڻ کان پوءِ پت کل تي پکڙجي وڃي؛ 36 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن پت کل تي پکڙجي ويو هجي، تہ پوءِ ڪاهن پيلن وارن جي ڳولا نہ ڪري؛ اهو ناپاڪ آهي. 37 پر جيڪڏهن هو ڏسي تہ پت اتي جو اتي بيٺو آهي، ۽ منجهس ڪارا وار ڄمي ويا آهن: تہ پت ڇٽي ويو آهي، ۽ هو پاڪ آهي: پوءِ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي. 38 ۽ جڏهن ڪنهن مرد يا زال کي سندس بت جي کل تي چمڪندڙ داغ هجن، يعني اڇا چمڪندڙ داغ هجن؛ 39 تہ ڪاهن اهي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن هن جي بت جي کل وارا داغ جهڪا اڇا هجن؛ تہ اهو لسڻ آهي؛ جو کل ۾ نڪتو آهي؛ اهو پاڪ آهي. 40 ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار کُسي ويا هجن، تہ هو گنجو آهي؛ پر هو پاڪ آهي. 41 ۽ جيڪڏهن هن جا وار سندس مٿي جي اڳئين پاسي تان کسي ويا هجن، تہ اهو گنجي پيشانيءَ وارو آهي؛ تہ بہ هو پاڪ آهي؛ 42 پر جيڪڏهن انهي گنجي مٿي تي، يا گنجيءَ پيشانيءَ تي، ڳاڙهيرو اڇو مرض هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو هن جي گنجي مٿي تي، يا گنجي پيشانيءَ تي نڪتو آهي. 43 پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض وارو داغ هن جي گنجي مٿي تي يا گنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهيرو اڇو هجي، جيئن ڪوڙهہ بت جي کل تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي: 44 تہ اهو ماڻهو ڪوڙهيو آهي، ۽ ناپاڪ آهي، ۽ ڪاهن ضرور انهي کي ناپاڪ ٺهرائي؛ هن جو مرض سندس مٿي ۾ آهي. 45 جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ. 46 جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي. 47 جنهن ڪپڙي تي ڪوڙهہ جي مرض جو داغ هجي، اهو پشم جو هجي يا سڻيءَ جو هجي؛ 48 ۽ داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ هجي؛ سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ هجي، يا پشم جي ڪپڙي ۾ هجي؛ چم ۾ هجي يا چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾ هجي؛ 49 جيڪڏهن مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا چم ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾، سائيرو يا ڳاڙهيرو هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، ۽ ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛ 50 ۽ ڪاهن انهي مرض جي داغ کي چڪاسي ۽ جنهن شيءِ تي اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي ست ڏينهن بند ڪري رکي: 51 ۽ ستين ڏينهن هو وري داغ کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ تي پکڙيو هجي، تہ اهو مرض خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي؛ اهو ناپاڪ آهي. 52 ۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي. 53 پر جيڪڏهن ڪاهن چڪاسي، ۽ ڏسو، جي اهو مرض ڪپڙي ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ پکڙيو نہ هجي؛ 54 تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض آهي، تنهن کي ڌوئن ۽ پوءِ هو انهي کي ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري رکي: 55 ۽ ڌوئڻ کان پوءِ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي مرض پنهنجو رنگ مٽايو نہ هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ناپاڪ آهي؛ تون انهي کي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ: انهي جو داغ اندر هجي توڙي ٻاهر هجي، پر اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي. 56 پر جيڪڏهن ڪاهن چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي جي ڌوئڻ کان پوءِ داغ جهڪو ٿي پوي، تہ پوءِ اهو ڪپڙي مان، يا چم مان، يا تاڃيءَ مان، ڦاڙي ڪڍي وٺي: 57 ۽ جي اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ اهو تاڃيءَ ۾ هجي يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ هجي، تہ اهو پکڙجڻ وارو آهي: پوءِ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي تون باهہ سان ساڙي ڇڏج. 58 ۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، يا ڪابہ چم جي شيءِ هجي، ۽ جيڪڏهن انهي کي ڌوئڻ سان مرض جو داغ منجهانئس نڪري وڃي، تہ انهي کي ٻيو ڀيرو ڌوئجي، پوءِ اهو پاڪ ٿيندو. 59 اهو آهي قاعدو ڪوڙهہ جي مرض بابت، جو پشم، يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ تي هجي، تہ انهيءَ کي پاڪ ٺهرائجي يا ناپاڪ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society