Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 12 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي.

3 ۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي.

4 ۽ اها زال پنهنجي پاڪ ٿيڻ تائين ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي؛ ۽ جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين، تيستائين ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي پاڪ مڪان ۾ اچي.

5 پر جي هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ هوءَ ٻہ هفتا ناپاڪ رهندي، جيئن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي: ۽ ڇاهٺ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي.

6 پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن پٽ جي لاءِ توڙي ڌيءَ جي لاءِ، هڪڙو يڪسالو گهيٽو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو يا هڪڙو ڳيرو، گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ کڻي اچي:

7 ۽ هوءَ خداوند جي حضور ۾ اها قرباني چاڙهي ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ تہ پوءِ هوءَ پنهنجي رت وهڻ مان پاڪ ٿيندي. اهو قاعدو ويم واريءَ زال جي واسطي آهي، پوءِ هن جو ٻار پٽ هجي توڙي ڌيءَ هجي.

8 پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan