Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 11 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ

2 اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو، تہ زمين جي سڀني جانورن مان جيڪي ساهوارا اوهان کي کائڻ روا آهن، سي هي آهن:

3 جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، يا ڦاٽل پيرن وارا آهن، يا اوڳارين ٿا، سي سڀ اوهين کائجو.

4 پر انهن مان جيڪي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن، سي نہ کائجو: جيئن تہ اُٺ، ڇالاءِ تہ اهو اوڳاري ٿو، پر هن جا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي.

5 ۽ جهنگلي نور، ڇالاءِ جو اهو بہ اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي.

6 يا سهو ڇالاءِ جو اهو اوڳاري ٿو، پر هنجا کر چيريل نہ آهن، تنهنڪري اهو اوهانجي لاءِ حرام آهي

7 ۽ سوئر، ڇالاءِ جو انهي جا کر چيريل آهن ۽ پير ٻہ ڦاڪا اٿس، پر هو اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي.

8 انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.

9 ۽ پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊن ۾ هجن توڙي ندين ۾ هجن.

10 پر سمنڊن ۾ توڙي ندين ۾ جيڪي ساهوارا رهن ٿا، تن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، ۽ ٻيا جيڪي جانور پاڻيءَ ۾ ٿا رهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.

11 اهي اوهان جي لاءِ مڪروهہ ٿيندا؛ اوهين انهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ نہ کائجو، ۽ انهن جي مڙهن کان ڪراهت ڪجو.

12 پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.

13 ۽ پکين مان هي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن؛ اهي کائڻ ۾ نہ اچن: يعني عقاب، باز ۽ ڪُريل؛

14 سرڻ، ۽ شِڪرن جا سڀ قسم؛

15 سڀني قسمن جا ڪانگ؛

16 شترمرغ، رات شِڪرو، بحري باز، ۽ بازن جا سڀ قسم؛

17 چٻرو، ڪنگ، ۽ چٻ؛

18 راڄ هنس، پيڻ، ۽ ڳجهہ؛

19 لقلق ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول ۽ چمڙو: اهي مڪروهہ آهن.

20 ۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.

21 انهي هوندي بہ کنڀن وارن جيتن مان، جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا ۽ جن کي پيرن جي مٿان ٽنگون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپن ٿا، تن مان هي اوهين کائجو:

22 يعني مڪڙن جا سڀ قسم، ۽ ننڍڙين تڏين جا سڀ قسم، ۽ وڏن تڏن جا سڀ قسم.

23 پر ٻيا سڀ کنڀن وارا جيت جن کي چار پير آهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.

24 ۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛

25 ۽ جيڪو مڙهہ جي ڪا شيءِ کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.

26 سڀ ڪو جانور جن جا کر چيريل آهن، پر پير ڦاٽل نہ اٿس، ۽ نڪي اوڳاري ٿو، سو اوهان جي لاءِ حرام آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو.

27 ۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

28 ۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.

29 ۽ سرندڙ جيتن مان، جيڪي زمين تي سرندا آهن، تن مان جيڪي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: سي هي آهن؛ نور، ڪوئو، ۽ ڳوهہ جا سڀ قسم،

30 چچي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽان.

31 سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:

32 ۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.

33 ۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو.

34 ۽ انهي ۾ جيڪو کائڻ جهڙو کاڌو هوندو، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ اهڙي ٿانو ۾ جيڪو پيئڻ جهڙو پاڻي هوندو سو ناپاڪ ٿيندو.

35 ۽ جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهن جو ڪو ڀاڱو پوندو، سا ناپاڪ ٿيندي؛ پوءِ جي اهو تنور هجي، توڙي ديڳڙن جا چلها هجن، تہ اهي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏجن: اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ ناپاڪ رهندا.

36 انهي هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گهڻو پاڻي هجي، سي پاڪ رهندا: پر جيڪو اُنهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو.

37 ۽ جيڪڏهن انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ اهڙي ٻج تي ڪري، جو ٻنيءَ ۾ پوکڻو هجي، تہ اهو ٻج پاڪ رهندو.

38 پر اهو ٻج جنهن تي پاڻي پيل هجي، ۽ پوءِ انهن جي مڙهہ مان ڪجهہ انهي تي ڪري، تہ اهو ٻج اوهان جي لاءِ ناپاڪ ٿيندو.

39 ۽ جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي؛ تہ جيڪو انهي جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

40 ۽ جيڪو انهي جو مردار کائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو انهي جي مڙهہ مان ڪجهہ کڻندو سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.

41 ۽ سڀ ڪو سرندڙ جيت، جو زمين تي سري ٿو، سو مڪروهہ آهي ۽ کائڻ روا نہ آهي.

42 جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو هلي، يا جيڪو چئن يا گهڻن پيرن تي ٿو هلي، يا جنهن کي گهڻا پير آهن، مطلب تہ سڀ سرندڙ جيت، جي زمين تي سرن ٿا، سي اوهين نہ کائجو؛ ڇالاءِ جو اهي مڪروهہ آهن.

43 جيڪي بہ سرندڙ جيت سري ٿا هلن، تن سان اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو، متان اوهين پليت ٿي پئو.

44 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:

45 ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.

46 اهو آهي قاعدو جو جانورن، ۽ پکين، ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن، ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت آهي:

47 انهي لاءِ تہ پاڪ ۽ ناپاڪ جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan