لاوي سرشتو 10 - Sindhi Bible1 ۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون. 2 ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا. 3 تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو. 4 پوءِ موسيٰ، هارون جي چاچي عزي ايل جي پٽن، ميساايل ۽ الضفن کي سڏي چيو، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجي ڀائرن کي پاڪ مڪان مان ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو. 5 سو هو ويجها آيا، ۽ موسيٰ جي چوڻ موجب انهن کي سندن ڪپڙن ۾ کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا. 6 ۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن. 7 پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو. 8 ۽ خداوند هارون کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 9 جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو: 10 تہ اوهين پاڪ ۽ رواجي شين جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو؛ 11 ۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن. 12 پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي: 13 ۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي. 14 ۽ لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران بہ اوهين ڪنهن صاف جاءِ ۾ کائجو: تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجون ڌيئر جي تو سان گڏ هجن: ڇالاءِ جو اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جو بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي. 15 مٿي کنيل ران ۽ لوڏيل سينو باهہ سان ساڙڻ وارين قربانين جي چرٻيءَ سان گڏ آندو وڃي، تہ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏيا وڃن: اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ توسان گڏ تنهنجي پٽن جو حق ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. 16 پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ 17 اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟ 18 ڏسو انهي جو رت، پاڪ مڪان ۾ ڪونہ آندو ويو هو: اوهان کي گهربو هو تہ اها ضرور ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائو ها، جيئن ڪ مون حڪم ڏنو هو. 19 تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟ 20 ۽ موسيٰ اها ڳالهہ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society