زاريون 5 - Sindhi Bible1 اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس. 2 اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي. 3 اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن. 4 اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين. 5 اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون. 6 مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي. 7 اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن. 8 ٻانها اسان تي حڪم ٿا هلائين: اسان کي انهن جي هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. 9 بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا. 10 ڏڪار جي ساڙيندڙ گرميءَ کان، اسان جي کل تنور جهڙي ڪاري آهي. 11 صيون ۾ زالن سان ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين سان هنن زور زبردستي ڪئي آهي. 12 هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي. 13 جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا. 14 بزرگن دروازي تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ۽ جوان ماڻهن ڳائڻ وڄائڻ کان بس ڪئي. 15 اسان جي دل جي خوشي بند ٿي ويئي آهي؛ اسان جو ناچ بدلجي ماتم ٿي پيو آهي. 16 ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي. 17 انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛ 18 ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن. 19 اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي. 20 ڇو تون اسان کي هميشہ لاءِ وساري ٿو ڇڏين، ۽ هيترو سارو وقت اسان کي ترڪ ٿو ڪرين؟ 21 اي خداوند، تون اسان کي پاڻ ڏانهن ڦيراءِ، تہ اسين ڦرون؛ اسان جا ڏينهن قديم زماني وانگر نئين سر جاري ڪر. 22 پر تو اسان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، تون اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society