زاريون 4 - Sindhi Bible1 سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن. 2 صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن! 3 گدڙ بہ پنهنجا ٿڻ ڪڍي پنهنجن ٻچن کي کير پيارين ٿا: منهنجي قوم جي ڌيءَ بيابان جي اٺ پکين وانگر بي رحم ٿي پئي آهي. 4 کير پياڪ ٻار جي زبان اُڃ کان ان جي تارونءَ کي لڳيو ٿي پوي: ننڍا ٻار ماني گهرن ٿا ۽ ڪوبہ ماڻهو اُها ڀڃي انهن کي نٿو ڏئي. 5 جيڪي عمدا طعام کائيندا هئا، سي گهٽين ۾ سڃا پيا رُلن: جيڪي کهنبن ڪپڙن ۾ پلجي وڏا ٿيا سي ڪچري جي ڍيرن تي پيا آهن. 6 ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا. 7 اُن جا شريف ماڻهو برف کان صاف هئا، اُهي کير کان اڇا هئا، اُهي جسم ۾ لعلن کان ڳاڙها هئا، انهن جو تجلو نيلم جهڙو هو. 8 اُنهن جو چهرو اڱرن کان ڪارو هو؛ انهن کي گهٽين ۾ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي، انهن جي کل هڏن کي چنبڙي پئي آهي؛ اُها ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي. 9 جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن. 10 قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا. 11 خداوند پنهنجو غضب پورو ڪيو آهي، هن پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ هاري وڌي آهي؛ ۽ هن صيون ۾ باهہ ٻاري آهي، جنهن انهيءَ جو بنياد ناس ڪري ڇڏيو آهي. 12 زمين جي بادشاهن کي اعتبار نہ هو، ۽ نہ دنيا جي سڀني رهاڪن کي، تہ ڪو ويري ۽ دشمن يروشلم جي درن اندر گهڙي ايندو. 13 اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي. 14 هو انڌن وانگر گهٽين ۾ پيا گهمن، هو رت سان پليت ٿيا پيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو هنن جي ڪپڙن کي هٿ ئي نہ ٿا لائين. 15 هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا. 16 خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا. 17 اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي. 18 هو اهڙيءَ طرح اسان جا پيرا کنيو اچن، جو اسين پنهنجن گهٽين ۾ وڃي نٿا سگهون: اسان جي پڇاڙي ويجهي آهي، اسان جا ڏينهن اچي پورا پيا آهن؛ ڇالاءِ جو اسان جي پڇاڙي اچي پهتي آهي. 19 اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا. 20 اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين. 21 اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ. 22 اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society