Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زاريون 3 - Sindhi Bible

1 آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن هن جي ڪاوڙ جي لٺ سان ڏک سَٺو آهي،

2 هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾.

3 يقيناً سڄو ڏينهن هو پنهنجو هٿ وري وري مون تي ڦيرائي ٿو.

4 منهنجو گوشت ۽ منهنجي کل هن خشڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ هن منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا آهن.

5 هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.

6 هن مون کي انڌارين جاين ۾ رهايو آهي، جيئن گهڻن ڏينهن جا مئل ماڻهو هوندا آهن.

7 هن منهنجي چوڌاري ڀت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري آءٌ ٻاهر نڪري نٿو سگهان؛ هن منهنجو زنجير ڳرو ڪيو آهي.

8 هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.

9 هن ٽڪيل پٿرن سان منهنجا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، هن منهنجون واٽون ڏنگيون ڪيون آهن.

10 هو منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو لڪي ويٺل رڇ، ۽ ڳجهين جاين ۾ شينهن.

11 هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي.

12 هن پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، ۽ مون کي پنهنجي تير جو نشان ڪري رکيو اٿس.

13 هن پنهنجي بٿيءَ جا تير منهنجن گردن ۾ گهيڙائي ڇڏيا آهن.

14 آءٌ پنهنجي سڄيءَ قوم وٽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن هو مون تي پيا راڳ ڳائين.

15 هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.

16 هن ڪنڪريءَ جي پٿرن سان منهنجا ڏند ڀڃي وڌا آهن، هن مون کي رک سان ڍڪي ڇڏيو آهي.

17 ۽ تو منهنجو روح خير سلامتيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سک وساري ڇڏيو آهي.

18 ۽ مون چيو تہ منهنجي سگهہ ناس ٿي ويئي آهي، ۽ منهنجي اميد خداوند مان نڪري ويئي آهي.

19 منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.

20 منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي

21 اها ڳالهہ آءٌ پنهنجي دل تي ٿو آڻيان، تنهن ڪري مون کي اميد آسرو آهي.

22 اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي.

23 اهو روز صبح جو نئون آهي؛ تنهنجي سچائي وڏي آهي.

24 منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس.

25 جيڪي خداوند جي لاءِ منتظر ٿي ويهن ٿا، ۽ کيس ڳولين ٿا تن جي لاءِ هو مهربان آهي

26 ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.

27 ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي.

28 هن کي اڪيلو ٿي ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هن اُها سندس مٿان رکي آهي.

29 هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي.

30 هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.

31 ڇالاءِ جو خداوند هميشہ لاءِ اُڇلائي نہ ڇڏيندو.

32 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي.

33 ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو.

34 زمين جا سڀ قيدي پير هيٺ چپڻ،

35 خدا تعاليٰ جي منهن جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جو حق ٽاري ڇڏڻ،

36 ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.

37 اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟

38 خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟

39 ڪهڙي سبب جيئرو ماڻهو شڪايت ٿو ڪري، ماڻهو پنهنجن گناهن جي سزا لاءِ پڪاري ٿو ڇا؟

40 اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.

41 اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي.

42 اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي.

43 تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو.

44 تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.

45 تو اسان کي قومن جي وچ ۾ ٻهر ۽ ڪچري جهڙو ڪيو آهي.

46 اسان جن سڀني دشمنن اسان جي لاءِ وڏو وات پٽيو آهي.

47 خوف ۽ قبر، ويراني ۽ تباهي اسان تي آئي آهي.

48 منهنجي اک مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ ناس ٿي ويئي آهي.

49 منهنجي اک پئي وهي ۽ ڪنهن بہ فرجي کان سواءِ بس نٿي ڪري،

50 جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي.

51 منهنجي اک، منهنجي شهر جي سڀني ڌيئن ڪري منهنجي روح کي رنج ٿي ڪري.

52 جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن.

53 هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.

54 منهنجي مٿي تان پاڻي وهي ويا؛ مون چيو تہ آءٌ وڍجي ويو آهيان.

55 اي خداوند، مون تمام هيٺينءَ قيد مان تنهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو.

56 تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.

57 جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.

58 اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.

59 اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.

60 هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن.

61 اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛

62 جيڪي مون تي سنبري آيا تن جون ڳالهيون ۽ سندن روزمرہ جا منصوبا بہ.

63 هنن جو ويهڻ ۽ هنن جو اُٿڻ تون ڏس؛ آءٌ هنن جو راڳ آهيان.

64 اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي.

65 تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي.

66 تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan